17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

سنڌ جي تاريخي ماڳن جي ڪيرسارلهندو؟

سانوڻ راڄڙ

                         دنيا ۾ رهندڙسڄاڻ قومون پنهنجي تاريخي ماڳن،مڪانن جي هميشه سارلهنديون رهنديون آھن، تاريخي جايون وڏي اهميت رکن ٿيون ان سان تهذيبن جي سڃاڻپ به ٿئي ٿي.اهڙن ئي جاين ۽ ماڳن جو هڪ وڏو حصواسان جي سهڻي سنڌ ۾ به آھي.جنهن ۾ خاص ڪري رڳو ضلعي سانگهڙ ۾ اهڙاڪيترائي تاريخي ورثا موجود آھن جيڪي حڪومت جي ڌيان نه هجڻ ڪري ويترتباهي جي ڪناري تي پهچي رهياآھن.جن مان خاص ڪري  اهي ماڳ جن مان رتوڪوٽ جُبوڪوٽ مارئي جي قبر،حُرن جا لوڙھا ۽ ڦاسي گهاٽ ڳُجهڙي ڀٽ جيڪا هاڻ گجري جي نالي سان آھي.مکي ڍنڍ،کنئواري،مائي ڄامان جي مسجد چوٽياريون واري ميون ٿرائي پڙائي واري جي مسجد ۽ ٻيا ماڳ مڪان.

اڇڙوٿر سنڌ جو خوبصورت خطوآھي ان ئي اڇڙي ٿر جي شروعات ۾  ئي چوٽياريون ويجهو  ڏکڻ اولھه طرف واريءَ جي  ڀٽ تي قائم هيءَ ڪلهوڙا دور جي تاريخي ”مائي ڄامان جي مسجد“ اڄ به موجود آھي جيڪا هاڻ زبون حالي جو شڪار ٿي  ميسارجندي پئي وڃي ، ٽن دروازن واري هي مسجد جيڪا تقريبن 30 فوٽ ڊگهي 15 فوٽ ويڪري آھي جنهن جي اڏاوت ڪلهوڙن جي دور ۾ اڇي چن واري مٽي ملائي چٽائي ڪيل  سنهڙين سرن سان آھي، جنهن جاوڏا۽ ننڍا چئوسرا محراب جون چوڪنڊيون ۽ ھواجي گذر جي لاءِ روشندان پڻ لڳل هئا ڪجھه ڄاڻو ماڻھن موجب هتي ڪنهن وقت هڪڙو پراڻو۽ وڏو ڳوٺ ڀلو فقير ڪٻر جي نالي سان پڻ آباد هو ڀلو فقير جي هن وقت به مسجد جي ڀرسان  درگاهه ٺهيل آهي مسجد جي ويجهو هنئير به کوهن جا نشان به موجود آهن. (نوٽ؛ مائي ڄامان پاران سانگهڙ ضلعي اندر چار مسجدون ٺهرايل آهن، جنهن ۾ هڪ ٻي مسجد ٽنڊي آدم ڀرسان سوئي ڪنڌر(ساياتن جي قبرستان ۾ ٺهيل آهي)

( پر سوچڻ جي ڳالھه اها آھي ته هي مسجد آرڪيالاجي کاتي ۾ شايد نٿي اچي جو هن تاريخي مسجد تي اسان جو آرڪيالاجي جو وزير ڌيان نٿو ڏئي يا اهڙن تاريخي ماڳن کان اڻ واقف آهي.

اڇڙي ٿر جي اڄ کان 400سال کن اڳم جوڙائيل تاريخي مسجد به موجودآھي جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته ان مسجد جو بنياد ميون عبدالله ٿرائي وارو،مخدوم شھيد عبدالرحيم گرهوڙي رح ،ميون مبين ڪيريو رح ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جن پنهنجي ڪلهن تي مٽي کڻي اڇڙي ٿر جي پڙائي جي سڀ کان وڏي ڀٽ جي چوٽيءتي رکيو، جيڪا اڄ به ميلن جي پنڌتي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ان جو نالو به اوقاف کاتي ۾ ڪٿي نظرڪونه ٿواچي.

برهمڻ آباد يامنصوره

”تاريخ معصوميءَ“ ۾ لکيل آهي ته: سن 122 هجريءَ ۾ نئون شهر منصوره تعمير ٿيو ۽ اهو سنڌ جو نئون تخت گاهه ٺهيو. (معصومي صفحو 378).

ٻي جاءِ تي لکيل آهي ته:

”عمرو، حڪم بن عوانه سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ۽ حڪم جي زماني ۾ بطور ڪمانڊر رهيو. ان ڪڇ، گجرات، ڪاٺياواڙ ڏانهن سوڀون ڪيون ۽ انهن سوڀن جي يادگار ۾ منصوره جي نالي سان هڪ نئين شاندار شهر جو بنياد وڌو جو بعد ۾ تختگاهه بڻيو (تاريخ معصومي صفحو 390).

مٿي مان بيان ڪري چڪو آهيان ته: عمر بن محمد بن قاسم منصوره جو بنياد وڌو، لفظ عمرو مان مغالطو پيدا ٿئي ٿو. اگر ان جي وضاحت هجي ها ته: بهتر هو.

رهيو هي سوال ته: سنڌ ۾ منصوره جو تختگاهه ڪهڙي هنڌ تي واقع هو.

تاريخ معصوميءَ جي ”توضيحات معصومي“ ۾ لکيل آهي ته: نئون شهر منصوره برهمڻ آباد کان ٻن فرسنگ جي مفاصلي تي، آباد ڪيو ويو هو. منصوره جا کنڊر شهدادپور کان اٺ ميل ڏکڻ، اوڀر ڏانهن ۽ جمڙائو واهه جي ڀرسان اوڀر ڏانهن موجود آهن. انهيءَ ڪري قديم برهمڻ آباد کي انهيءَ شهر منصوره کي ٻن فرسنگ (5-6 ميل) جي مفاصلي تي تلاش ڪرڻ گهرجي. اسانکي ان جي پسگردائيءَ ۾ ٻه کنڊرات اهڙا ملن ٿا، جن مان ڪو به هڪ برهمڻ آباد ٿي سگهي ٿو. هڪ ڳاڙهو ڀڙُو“ (ڳاڙهو دڙو) ڀرسان ڳوٺ پيلي لغاري تعلقي سنجهوري جي اولهه ۾ ڦهليل کنڊرات، ٻيا ڏيپرو گهانگهرو جا دڙا، شهر جهول تعلقي سنجهوري جي اولهه ۾ ڦهليل کنڊرات، (معصويم صفحو 384).

مارئي جي قبر.

شاهه لطيف جي سُرمارئي  جي نالي تي اڄ ڏينهن تائين ٻه هنڌ منسوب آهن. اسلام ڪوٽ ۾ ڀالوا جڏھن ته ٻيو عمر ڪوٽ ڀرسان کاروڙو ۾  آھي.

معمور يوسفاڻي جي ڪيل تحقيق موجب مارئي سيدن جي کاروڙو ۾ آھي، ان  ڳالهه تي اڃان بحث هلندڙ آهي ته مارئي ڪٿي جي هئي؟ ڀالوا جي يا کاروڙي جي؟ 1967ع ۾ ڀالواواري هنڌ ميلولڳائي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ڪيترن نالي واري ليکڪن ۽ اديبن مقالا پڻ پڙهيا، پر ڪوبه انهيءَ ڳالهه کي واضع نه ڪري سگهيو ته هي ڀالوا، مارئي وارو ڳوٺ آهي يانه. سانگهڙ جو نالي واروليکڪ سائين نواز ڪنڀرپنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿوته” ( ان ڪانفرنس ۾ توڙي پوءِ وارين لکڻين ۾  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بني سنگهه سوڍي ۽ مرحوم الله بخش سرشار عقيلي جهڙن ليکڪن اختلاف به رکيا). روايتن مطابق ان وقت ٿر جي سياست تي راڻن، اربابن ۽ کوسن جو راڄ هو. مير صاحب قومي ۽ صوبائي سياست ۾ پير پائڻ لاءِ اهو ڪمال ڪيو جو مارئي کي ڀالوا جو ڪري ڏيکاريائين. اڄ به ڪيترائي اهڙا ماڻهو زندهه هوندا، جيڪي مير صاحب پاران ڀالوا کي مارئي سان منسوب ڪرڻ جي پس منظر تي روشني وجهي سگهن ٿا.

ٿوري دير لاءِ مارئي ڪٿي جي هئي (ڀالوا جي يا کاروڙي جي) واري بحث کي پاسيرو ڪندي، پاڻ هلون ٿا مارئي جي نالي سان منسوب هڪ  قبر ڏانهن. هي قبر تعلقي کپري جي يو سي ۽ تپي روڻجهو ۽ ديهه مارئي ۾ واقع آهي. هتي نه صرف مارئي جي قبر آهي، بلڪ مارئي جو کوهه، مارئي جو پتڻ، مارئي جو ڳوٺ به آهي. هي قبر کپرو-ڀٽ ڀائٽي روڊ تي، غلام نبي شاهه کان چار ڪلو ميٽر اتر ۽ ڀٽ ڀائٽي کان 10 کن ڪلوميٽر ڏکڻ  ۾ آهي.

قبر ناري کان اوڀر ۾ اڇڙي ٿر جي مهراڻي جي شروع ٿيندڙ پهرين ڀٽ تي آهي.  بهرحال ان کان علاوه رتوڪوٽ به پراڻو ۽ تاريخي ورثو آھي ان کي به ياد رکجي ٽنڊي مٺاخان جي ڀر۾ ڏکڻ طرف انجنيئري پراڻي بنگلي جي ڀر۾ ڦٽل کوهه آھي ان جي ڀرسان ڦاسي گهاٽ ھو جيڪوانگريزن جي دورحڪومت ۾ حُرتحريڪ جي حُرن کي ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويندو هو، اهو به هڪ تاريخي ورثو آھي ان کي ياد گارطورلسٽ ۾ رکيو وڃي سرن واري ويجهوميان تاج محمد واري مسجد ب هڪ الڳ تاريخ رکي ٿي هي اهي تاريخي جايون آھن جنهن جو لاڳاپيل ادارن ۽ آرڪيالاجي کاتي جي ماهرن کي هن طرف به ڌيان ڏيڻ گھرجي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي گهوٽالي جو ملڪي معيشت تي پوندڙ اثر

صاحب خان ڀٽي پاناما ليڪس نواز ليگ کي اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي