25 آچر , جون 2017

شهيد قاسم چانڊيي جي جدوجهد

منير احمد مگسي

اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي،

ته ماڻيندا منزل، پنهنجا ڍول ڍاٽي.

                         سر زمين سنڌ تي صدين کان ڌرتي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ بهادر، ارڏا، غيرتمند، جوڌا، جوان جنم وٺندا رهيا آهن، ۽ پنهنجي ڌرتي ماتا کي آزاد، خوشحال ڏسڻ جا خواب اکين ۾ سانڀي، انفرادي خواب قربان ڪري قومي اجتماعي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات جاکوڙيندا ـ۽ منظم جدوجهد ڪندا رهندا آهن، ۽ ان کانپوءِ دنيا جي تاريخ ۾ هميشه هميشه لاءِ عزت احترام ڀريل لفطن ۾ ياد ڪيا ويندا آهن ۽ تاريخ انهن کي سونهري اکرن ۾ سانڀي رکندي آهي، سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاءِ جان جو نظرانو ڏيندڙ ڌرتي جو غيرتمند پٽ شهيد قاسم چانڊيو به آهي، جيڪو مارچ جي پنج تاريخ اڻويهه سئو ايڪهتر، 1971-3-5 تي ڪاڇو جي (ڳوٺ محمد ابراهيم) تعلقي وارهه ۾ غلام رسول چانڊيي جي گهر جنم ورتو ۽ ابتدائي تعليم پي وي پرائمري اسڪول ۽ ميٽرڪ ميونسپل اسڪول لاڙڪاڻي ۾ انٽر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. هي نوجوان ننڍڙي عمر ۾ ڪمائڻ لاءِ بڪ بائيڊنگ جو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ان دوران هي به ايس ٽي پي ۾ شامل ٿيو.

۽ 87-88 جي واقعن کانپوءِ ڪراچي سنڌي لاءِ نوگو ايريا بڻيل هئي، ان وقت شهيد قاسم ڪراچي اچڻ جو فيصلو ڪيو، ۽ ڪراچي تي سنڌن جي حقي، حاڪميت هجي ان لاءِ پتوڙڻ لڳو، هن جي همٿ، جرئت، محنت، سچائي جدوجهد عيوض ايس ٽي پي هائوس ڪراچي شانتي نگر ۾ هائوس انچارج بڻايو ويو. ۽ هڪ ڊگهي قومي جدوجهد ايس ٽي پي جي پليٽ فارم تان ڪئي نيٺ 20 سالن جي سچائي واري جاکوڙ کان پوءِ ايس ٽي پي کي نظرياتي اختلافن کان پوءِ الوداع ڪري، سنڌ يونيٽي فورم جو ليکک ۽ قومپرست اڳواڻ علي حسن چانڊيو ۽ ٻين سان گڏجي بنياد وڌو. ۽ دوستن سان گڏيل جدوجهد کانپوءِ 3 مهينن بعد سنڌ نيشنل موومينٽ جو بنياد رکيو. ۽ ايس اين ايم جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ايس اين ايم وجود ۾ اچڻ سان سنڌ جي قومي جدوجهد ۾نوان لاڙا ۽ دڳ نظر آيا. مثال طور تاحيات چيئرمين ٿيڻ يا شخصيت پرستي کي نندڻ ۽ نتيجا خيز جدوجهد جو چٽو امڪان نظر اچڻ هئا پر زندگي ساٿ نه ڏنو ۽ هو 20 مئي 2013ع ۾ موسميات چوڪ وٽ لساني ڌڙي جي دهشتگردن هٿان سرعام گولين جو کاڄ بڻايو ويو. شهيد قاسم ڪراچي ۾ رهندڙ سڀني سنڌين جي مالڪي ڪندو هو، سنڌي ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ منظم ۽ ثابت قدم رهندو هو، ڪراچي ۾ تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن کي داخلا ڏيارڻ لاءِ سگهاري جدوجهد ڪئي. شهيد قاسم چانڊيو قومي مسئلن جهڙوڪ ڌرتي جي مالڪي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي هجڻ، وسيلن جي مالڪي، تهذيب ۽ ثقافت تي سڀ کان اڳ ڀرو هيو. شهيد قاسم ان سچائي، ايمانداري سان ڌرتي امڙ جو فرض نڀايو جو هو ڪراچي يا لاڙڪاڻي ۾ پنهنجو گهر نه ٺهرائي سگهيو. شعور واري سڄي عمر ڪراچي ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهيو، ان باڪردار ۽ باضمير متحرڪ، منظم، سچي انسان جي اڄ چوٿين ورسي آهي، کيس (سرخ سلام) هجن.

شهيد قاسم چانڊيي کي حقيقت ۾ تڏهن ڀيٽا پيش ڪري سگهجي ٿي جڏهن اسان ان جي ڇڏيل قومي آجپي واري مشن کي جاري رکون ۽ سنڌ کي سگهاري ۽ منظم قوم پرست جماعت ڏيون ته جيئن سنڌي قوم پنهنجي ٻولي، ڌرتي، وسيلن جي مالڪي ڪري سگهي ۽ آزاد خوشحال ٿي اڀري ان ريت ئي قاسم سميت سنڌ جي …. شهيدن جو خون رائگان نه ويندو، ۽ شهيدن جو قربانيون رنگ لائينديون. اڄ سنڌ کي منظم تنظيم جي ضرورت آهي، جنهن اندر ادارا فعال هجن ۽ سزا جزا جو عمل ورجائن ۽ اهڙن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ضرورت آهي، جيڪي ڇڙواڳي کان پاسو ڪن، قول ۽ فعل ۾ فرق نه رکن، اهڙائي ڪارڪن اڳواڻ ساڃاهه وند پنهنجي شهيدن کي صحيح نموني ڀيٽا پيش ڪري سگهن ٿا، ۽ منزل مقصود کي حاصل ڪري سگهن ٿا.

ڪڏهن ڪرجي ڪات ٿي، ڪڏهن ٿجي ڪنڌ،

سنڌڙي جو سوگند، سر ڏيندا سين سنڌ تي..

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ليڪس ۽ ادارن جي ٿيندڙ بدنامي

صاحب خان ڀٽي تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ سرڪار  پاناما ليڪس واري معاملي تي هڪ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي