11 پیر , دسمبر 2017

مسئلن جي ور چڙهي ويل ليڊي هيلٿ ورڪر!

حنيف  سوڍر

                         تاريخ ۾ اسلام کان اڳ ڪو اهڙو مذهب نٿو ملي جنهن عورت جو مان اوچو ڪيو هجي. دين اسلام ئي اهو واحد دين آهي، جنهن ۾ عورت کي جيتري قدر عزت ۽ مان ڏنو ويو آهي، ۽ حق ڏنا ويا آهن، تنهن جو مثال پوري دنيا ۾ نٿو ملي. اسلام ۾ عورت کي پردي اندر رهڻ لاءِ ايتريقدر پابند ڪيو ويو آهي، جو سندس آواز به لوڙهي/ ديوار کان ٻاهر نه وڃي. اها حقيقت آهي ۽ اسان کي مڃڻو پوندو ته هميشه وقت ساڳيو ناهي رهندو. اهيو فطرت جو قانون آهي. تبديليون اينديون رهنديون آهن، وقت سان گڏوگڏ قدر به بدلجي رهيا آهن ۽ بدلجندا رهندا. وقت جي گهرجن ۽ هن جديد دور ۾ عورت تي پنهنجي مرضي مڙهڻ سماج لاءِ وڏو خطرو ثابت ٿي سگهي ٿو. اڳ ۾ ئي اسان کي اقتصادي، معاشي ۽ اخلاقي حقن کان محروم رکي اهڙي مونجهارن ۽ لاڙن ۾ ڦاسايو وڃي ٿو، جنهن ڪري اسان جا ذهن صحيح نموني ڪم نٿا ڪن، اهڙي ۾ نئين نسل جو ذهن تندرست ۽ سجاڳ هجڻ ته جو ڪو جواز ئي ناهي. جنهن ڪري حقن جي باري ۾ ڄاڻيندي به اڻ ڄاڻ هوندا آهيون، ان سبب ڪري انهن جي حاصلات لاءِ سچ چوڻ جي جرئت ئي نه ٿيندي آهي. ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، اجتماعي طور گڏجي تبديلي آڻي سگهجي ٿي.

هن دور ۾ تبديليءَ جي گُهرج هڪ باڪردار، ذهين ۽ خود اعتماد عورت آهي، ۽ اها عورت تڏهن ئي پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن کيس بنيادي حق تعليم سان گڏوگڏ سمورا حق ملندا هجن. پر افسوس! جو هن دور ۾ پاڻ جتي آهيون، اتي اسان عورت کي بنيادي حق تعليم سان گڏ ٻيا جائز حق ڏيڻ ۾ به گهڻي ڀاڱي ناڪام ٿيندا آيا / ٿي رهيا آهيون. جنهن ڪري عورت کي ڪيترن ئي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو ٿو پوي. هڪ پاسي ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ مفلسي اسان کي ايترو ته گهيري وئي آهي، جو هن دور ۾ جيسيتائين زال ۽ مڙس ٻئي ڪمائي نٿا ڪن، تيسيتائين گهر جو گاڏو هلائڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. جنهن ڪري عورت کي مجبور ٿي ڪا نه ڪا نوڪري ڪرڻي پوي ٿي، ته ٻئي پاسي نوڪري تي ويندڙ عورت تي بڇڙا ۽ ڪم عقل ماڻهو جنوني جانورن وانگر گهوري کين هيسائيندي نظر ايندا آهن. اهڙا ڪم ظرف ۽ موڳا مرد حضرات ان پل اهيو وساري ويهندا آهن، ته هو به ڪنهن عورت جا پيءُ، مڙس يا ڀائر آهن، بد تهذيبي ۽ انڌو بنائيندڙ اهڙين سوچن ڪري عورت جيئن پوءِ تيئن ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهي رهي آهي. ڏٺو وڃي ته عورت جي بي حرمتي ۽ ۽ حق تلفي مرد جي کٻي ڳل تي اُبتي چَماٽَ آهي. ڇو جو هُو گهر هلائڻ لائق نه رهندا آهن. تن نالائق ۽ بڇڙن کي عورت تي ذهني توڙي جسماني تشدد ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي!؟ حڪومت کي انهن مسئلن تي سنجيده ٿيڻ کپي. ڇاڪاڻ ته معاشري مان سمورين براين جو خاتمو آڻڻ، بيروزگاري ۽ مهانگائي گهٽائڻ ۽ فلاح ۽ بهبود جو ڪم ڪرڻ اها سموري ذميواري حڪومت جي هوندي آهي. آئيني ۽ اخلاقي طور تي سماج کي بهتر بڻائڻ، امن ۽ امان بحال ڪرڻ ۽ معاشري مان براين جو خاتمو ڪرڻ لاءِ عوام به اوترو ئي پابند آهي جيترو حڪومت.

اسان سان وڏي ويڌن اها رهي آهي، جو اسين ماضيءَ مان سبق ناهيون سکندا، ننڍڙين غلطين ردِعمل ۾ اسان سان گڏ اسان جو بي گناهه اولاد ۽ معاشري ۾ رهندڙ بي وس، لاچار ۽ مسڪينن کي به ڀوڳڻو پوي ٿو. ماضي مستقبل جو اهڃاڻ هوندو آهي. اسان کي ماضيءَ کان سبق سکڻ گهرجي. اسان جون ننڍيون ننڍيون غلطيون اهنجائن ۽ اوکائين جو سبب بڻجنديون آهن. اسين ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه هوندا آهيون، ته جڏهن حڪومت پنهنجيون ذميواريون نڀائڻ ۾ ڪوتاهي ڪندي آهي، عوام جي مطالبن تي پورو ناهي لهندي، تڏهن هر طرف مايوسي ۽ نااميدي جو شڪار ٿي مجبورن ماڻهو احتجاج، ڌرڻا، هڙتالون ۽ لانگ مارچ، ويندي زندگيءَ جو ڏيئو اُجهائڻ جهڙا عمل ڪرڻ شروع ڪندا آهن.

1994ع کان مسلسل ڊيوٽي ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر ايسوسيئشن جي سڏ کي لبيڪ چئي؛ ڪي اين شاهه، ٿرڙي محبت، گوزو، ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۽ ڳوٺن مان عورتون ”23 سالن کان نظرانداز ڪيل“ عورتن جي اڳواڻيءَ هيٺ گڏجي هڪ آواز ٿي، جائز مطالبن ۽ حقن لاءِ هفتي کان سراپا احتجاج بڻيون آهن. مگر افسوس! جو وٽن اڃان تائين ڪو ڪامورو لڙي ناهي ويو. هي حڪومت جي نااهل هجڻ جو واضح طور چٽو ثبوت آهن. منهنجي ذهن مطابق ان صورتحال جو سمورو ڪريڊٽ انهن مردن ڏانهن ٿو وڃي، جيڪي ان ڳالهه کان باخبر هوندي به جڏهن چونڊن جو وقت ويجهو ايندو آهي، تڏهن هو پنهنجي ماضيءَ کي وساري ويهندا آهن، ۽ ووٽ خاطر من ماني ڪري عورت مٿان ايترو ته حاوي ٿي پوندا آهن، جو کين طلاق يا موت ڏيڻ جو فيصلو ڪرڻ ۾ دير ناهن ڪندا. جنهن ڪري مجبور ٿي عورت سندن مرضيءَ مطابق ووٽ ڏئي ٿي. حالانڪ اهڙي ۾ ٿيڻ ايئن کپي جو اهي ڌرڻا، بک هڙتالون، احتجاج ۽ لانگ مارچ عورتن بجاءِ اهي مرد ڪن، جيڪي مٿن زورآوري ڪندي کين خوفزده ڪري نااهل کي ووٽ ڏياريندا آهن، جيڪو ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ اهيو وساري ويهندو آهي، ته هو نه ان ئي سماج  جو حصو آهي، جنهن مان کيس ڪاميابي حاصل ٿي آهي. اهڙي ٻه اکيائي ڪرڻ سراسر غلط آهي. جڏهن ٽائيٽانڪ جهاز ٻڏي پيو تڏهن فرسٽ، سيڪنڊ ۽ ٿرڊ ڪلاس جي ماڻهن وچ ۾ ڪو فرق نه هو. ايئن ئي جڏهن ڪو معاشرو زوال جو شڪار ٿيندو آهي، تڏهن هر ماڻهو ان جي لپيٽ ۾ ايندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو سڀ ان معاشري جو حصو هوندا آهن.

ليڊي هيلٿ ورڪر سان ڪيئي مسئلا درپيش ايندا رهيا آهن. رات يا شام جو ميٽنگ تي گھرائڻ، آفيسرن پاران حراسان ڪرڻ، مهينن کان پگھارون گهٽ ۽ بي وقت ڏيڻ، انڪريمينٽس نه ڏيڻ جهڙيون خبرون اڪثر اخبارن جي سرخين ۾ اينديون رهيون آهن ۽ فيلڊ کان ٻاهر موڪلڻ جنهن سبب سندس اغوا ٿي وڃڻ جهڙا به مسئلا پيش آيا آهن. ڪراچيءَ ۾ اڪثر کين قتل ٿيڻ جون به وارداتون ٿيون آهن. ان سان گڏوگڏ پڪو نه ڪرڻ، بااثرن جي ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿيڻ ۽ ٻين مسئلن خلاف عورتن جا ڌرڻا، هڙتالون ۽ احتجاج روز جو معمول آهن. جهڙوڪ؛ بي آءِ ايس پي جي ڪٽوتي ٿيڻ، پوليس جي غير آئيني ۽ غير اخلاقي طور گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن تي تشدد ڪرڻ ۽ براين جي ور چڙهي ويل معاشري ۾ اڪثر رشتيدارن، جرڳن، ڪارو ڪاري وغيره جهڙيون زيادتون ۽ ناانصافيون ٿيڻ. مطلب اهو ڏينهن ناهي جنهن ڏينهن اخبارن جون سرخيون انهن خبرن کان آجيون هجن. اسان جي سماج ۾ صحت جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ليڊي هيلٿ ورڪر جو بنيادي ۽ اهم ڪردار آهي، کين ڪيترين ئي مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو آهي، ان باوجود به هو در در وڃي پنهنجا فرائض سرانجام ڏينديون آهن.

هن نفسانفسيءَ واري دور ۾ گهٽ پگهار تي ڪم ڪرڻ واريون نياڻيون گهر جو چلهو ٻارڻ ۽ زندگي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ خاطر اکين ۾ ڪيئي خواب سجائي 23 سالن کان لڳاتار، ان اُميد سان ته هڪ ڏينهن ساڻن انصاف ٿيندو ۽ سپنا ساڀيان ماڻيندا، ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏينديون رهيون، مگر حڪومت ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، ڪري مجبور ٿي، ڪانوَ جي اَک ڪڍندڙ، نٽهڻ اُس ۽ شديد گرميءَ ۾ گهر گهاٽ، ٻار ٻچا ۽ ڪم ڪار ڇڏي، معصوم ٻارن جي چيچ پڪڙي، سندن سهارو بڻجي، ابهم ۽ کير پياڪ ٻارڙن کي ڪڇن تي کڻي، نور بانو ملاح، فاطمه ملاح، سنڌو ملاح، رخسانه عباسي، زاهده بلوچ ۽ محموده چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ گوزي کان ست ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري تعلقي اسپتال اڳيان ڌرڻو هنيو. افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي، ته سندن مطالبا مڃڻ بجاءِ کين احتاج ختم ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو ۽ هيسايو وڃي ٿو. روميءَ چيو آهي ته ”دنيا کي صرف ٻن ماڻهن وڏو نقصان پهچايو آهي، هڪڙا اُهي جيڪي باخبر هوندي به خاموش رهندا آهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي بي خبر هوندي گهڻو ڳالهائيندا آهن“ نياڻين سان اهڙي ناانصافي ٿيڻ تي جيڪو خاموش آهي، ”عورت خواهه مرد هجي، اڻ پڙهيل هجي چاهي عالم“ ان کي تاريخ جي اصولن مطابق حق لڪائيندڙ يا ڦٻائيندڙ تصور ڪيو ويندو.

حڪومت مسئلن جي ور چڙهي ويل ان ليڊي هيلٿ وڪر ايسوسيئيشن جي معاملي جو نوٽيس وٺي، سندن جائز مسئلا؛ ملازمت کي پڪو ڪري کين سينيارٽي ۽ سالياني رهيل انڪريمينٽس ڏيئي. ان سان گڏ انهن مشڪلاتن، جيڪي کين ڊيوٽي ڪرڻ دوارن درپيش اچي رهيون آهن، تن تي به سنجيده ٿيڻ کپي ۽ کين تحفظ ڏنو وڃي. ته جيئن هو هر مشڪلاتن کان آجيون ٿي، مٿن اخلاقن طور سونپيل ڪم ۾ دلچسپي وٺي ذميواريءَ سان پنهنجا فرائض سرانجام ڏين ۽ پوري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان انسانيت جي خدمت ڪرڻ ۾  ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي سياسي ڌرين وٽ عوامي مسئلن جو ادراڪ ناهي ؟

ذوالفقار  واهوچو سنڌ اندر جيڪا سياست هلي رهي آهي، ان جي ايمانداراڻي جائزي جي سخت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے