24 اربع , مئي 2017

سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ آيل خطرناڪ سامونڊي طوفان جا ڦٽ

نور محمد ٿهيمور     

                         قيامت خيز ۽ وڏي هولناڪ تباهي مچائيندڙ يعني 19 مئي 1999ع  تي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ وارن ضلعن بدين،ٺٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ آيل خطرناڪ سامونڊي طوفان زيرو اي ٽو کي اڄ 18 سال مڪمل ٿيا آهن،اُنهن سورهن سالن جي گذرڻ باوجود به ساحلي پٽيءَ جا رهواسي اڄ به انهيءَظالم مھا آفت جي ڏنل دردن،ڏکن،سورن،تڪليفن۽اهنجن کي وساري نه سگھيا آهن، جنهن ۾هنن جا جگر جا ٽڪرا هميشه لاءِ وڇڙي ويا،هوڙا،ٻنيون،گھرگھاٽ.مال متاع،وسنديون،وڻ ٽڻ،پکي پکڻ،جھنگلي جانور ۽ روڊن رستن سميت هر شئي تباھ ۽ برباد ٿي ويئي. خميس شام جمعي جي رات آيل هن قيامت صغريٰ برپا ڪندڙ موتمار طوفان جي رفتار 270کان 320 ڪلوميٽر في ڪلاڪ  هئي.سمنڊ کان ڪناري تائين اٽڪل350 ڪلوميٽرن جي ويڪر۽ 522ڪلوميٽرن جي ڊيگھه ۾ هن چڪردار طوفان مڪمل تباهي مچائي ڇڏي.ڏيپلي کان ڪيٽي بندر تائين جو علائقو هن واچوڙي جي ور چڙهي ويو هو. هڪ اندازي مطابق هن آفت ۾ 10ارب ڊالرن جي ماليت جو نقصان پهتوهو.يارهن سئو ماڻهو هن واچوڙي جي ور چڙهي ويا، جيڪي ماڻهو ڳوٺن ۾ ٻڏي فوت ٿيا اُنهن مان گھڻن جا لاش ته مليا پر جيڪي سمنڊ ۾ گهاتو گهور تي ويل هئا انهن جي اڪثريت جا لاش اڄ به ناهن ملي سگھيا ۽ انهن گم ٿيلن جي ونين،مائرن،پيئرن،ڀائرن ۽ عزيزن کي اڄ به آسرو آهي ته اُهي هن پار پاڙيسري ملڪن جي زندانن ۾ قيد آهن ۽ ڪڏهن نه ڪڏهن واپس ضرور موٽي ماڳ ايندا. انهن ٻيڙياتن جون چوڏهن سئو ٻيڙيون، 25هزار چوپايو مال،15هزار گھرگھاٽ،10لک ايڪڙن تي بيٺل فصل ، 516آباد وسنديون،ماڳ،مڪان به هن واچوڙي جي وات ۾ اچي ويا. هن قيامت خيز طوفان جي هولناڪ تباهي ۽ بربادي جو اندازو توهان  ديھ دونهين يونين ڪائونسل ڪڙملڪ تعلقو جاتي جي  رڳو هڪڙي ڳوٺ عبدالرحمان دانڌل مان لڳائي سگھوٿا جنهن ۾ 61 ماڻهو ٻڏي فوت  ٿيا ۽ انهيءَ ڳوٺ لڳ نورمحمد چالڪو جي ڳوٺ ۾ 25 ماڻهو ٻڏي فوت ٿيا.سامونڊي گهاتوئن  جا لاش  تمر جي وڻن تي ٽنگيل هئا ۽ ڍورن،ڇاڙن ،تڙن ۽ ڪڇ جي رڻ ۾ پيل هئا.جيڪي گهاتو گھايل ٿيا ،انهن کي بچائڻ جي لاءِ ڪي به تڪڙا اپاءَ نه ورتا ويا نتيجي ۾ اهي زخمن جو تاب،ايذاءُ ،بک ۽ اڃ وگھي تڙپي تڙپي مري ويا. سامونڊي لهرون 20 فوٽ کان 30 فوٽ جي اوچائي سان آيون اّهي ايتريون ته طاقتور ۽ تيز هيون جو 60کان 80ڪلوگرام جون ساموندي مڇيون به سمنڊ کان ٻاهر مئل نظر آيون،ايل بي او ڊي جا 20فوٽ مٿاهين وارا بند به سٽ نه سهي ذري ذري کان ٽٽي ويا، هن خوني سم نالي طوفان دوران با ھ تي پيٽرول هارڻ وارو ڪم ڪيو ، هن سم نالي جي 42 ڪلوميٽر ڊگھي ٽائيڊل لنڪ جي ساڄي پاسي ٺاهيل چولري ويئر جيڪا جاتي ۽ گولاڙچي جي سم نالن جو پاڻي ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي سان1998ع ۾ سامونڊي ويرن سبب تباھ ٿي ويئي ۽ سامونڊي ڍورن جٻو لئگون،تاريخي بندرگاھ اورنگا،نريڙي لئگون ، ٻين سرسبز ڊنڍن ۽ ٻنين کي تباھ ۽ برباد ڪري آباد وسندين ڏانهن رخ ڪيو هو. مٿي بيان ڪيل چولري ويئر مان طوفان دوران اُٿيل 20 فوٽن جي تيز ۽ تکين لهرن تيزيءَ سان ڪاري گونگڙي جي ٽيل وارن ڳوٺن عارب رڇو،بچي دانڌل،عاربي رڇو،بچو دانڌل ،سومار رڇو،زيرو پوائنٽ، ڪاري گونگڙي جي اولھه ۾ واقع ڳوٺن بشير دانڌل،اسماعيل دانڌل،عبدالرحمان ڌانڌل ۽ نورمحمد چالڪو ۾ وڏي تباهي مچائي ڳوٺاڻن جا لاش ٻٻرن، ديوين ۽ لئي جي وڻن تي ٽنگيل هئا.لاش دفنائڻ لاءِ خشڪي واري جڳھه نه بچي هئي نتيجن جنازن کي ٽريڪٽر ٽالن ۾ وجهي جاتي جي مگرڀين واري قبرستان آندا ويا جتي انهن کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ۽ ڪجھه جنازن کي گڏاپ نالي جي پٽڙي تي به دفن ڪيو ويو.سامونڊي گهاتو جيڪي اٽڪل 450گم يا فوت ٿيا هئا انهن مان گهڻن جا ڪانڌي ڪنگ ٿياس ڪجھه جا لاش طوفان جي ٽن ڏينهن کان پوءِ آڻي پنهجن پنجهن اباڻن قبرستانن ۾ دفن ڪيا ويا پر اڪثريت جا لاش نه ملي سگهيا ، باقي جيڪي پوءِ مليا انهن جي حالت سڃاڻپ کان ٻاهر هئي ڇو ته سخت گرمي جي ڪري اُهي ڳريل حالتن ۾ هئا،ٻين ڪيترن ئي ماهيگيرن جي ڪپڙن ۽ ٻين پار پتن جي ذريعي سڃاڻپ ڪري اُتي ئي سمنڊ ۾ الله جي حوالي ڪري مسافر سمجهي دفن ڪيا ويا . ان وقت جي ضلعي انتظاميا ٺٽو جڏهن وفاقي گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت ذريعي طوفان ۾  گم ٿيل 450 سنڌي گهاتوئن جي لسٽ انڊيا جي حڪومت حوالي ڪئي ته موٽ ۾ انڊيا جي حڪومت 3000 گم ٿيل گجرات جي ماهيگيرن جي لسٽ به ڏني. انڊيا جا فقط ٽي ماهيگير جاتي جي سامونڊي علائقي مان زندھ  هٿ آيا ، جڏهن ته اسانجا سنڌي گهاتو فقط 19 ڄڻا 4  هوڙن سميت ڀڄ ۽ لکپت ويجهو ڀارتي انتظاميا کي زندهه هٿ آيا، جن کي ڪجھه مهينن کان پوءِ آزاد ڪيو ويو.ان وقت جي حڪومت جي وزير اعظم نواز شريف جيڪو هاڻي به حڪومت ۾ آهي تنهن صاحب 20 مئي 1999ع تي پنهجي سرڪاري فرمان  ۾ فرمايو ته طوفان مڙيئي خير سان گذري ويو آهي ،هن چيو ته مونکي مشاهد حسين تڏهوڪي وزير اطلاعات ۽ نشريات ٻڌايو آهي ته فقط هڪڙو ماڻهو چوهڙ جمالي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ جي ڪري  فوت ٿيو آهي باقي خير لڳو پيو آهي. ميان صاحب جو اهڙو بيان مون پاڻ ان وقت ريڊيو پاڪستان تان 20 مئي جمعي جي شام جو خبرن ۾ ٻڌو، مونکي حيرت ان ڪري نه ٿي جو ميان صاحب ٽنڊي بهاول جي شهيد ڳوٺاڻن کي را جا ايجنٽ قرار ڏنا هئا ۽کين شهيد ڪندڙن فوجين کي شاباش ڏني هئي ۽ انهن فوجين کي انعام ڏيڻ جا اعلان ڪيا هئا.پر بي بي سي جي حيدرآباد واري رپورٽرعلي حسن جنهن ٽنڊي بهاول واري واقعي جا پول پڌرا ڪيا هئا،وري ان ساڳئي رپورٽر سامونڊي طوفان بابت رات جو 8 بجي واري خبرن ۾ سامونڊي طوفان ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيڻ جو ٻڌايو ،هن رپورٽ ۾ چيو ته بدين جي ضلعي انتظاميا فوج جي مدد سان ڪڍڻ ، سيراڻي ۽ ڀڳڙا ميمڻ جي طرف رواني ٿي چڪي آهي، هن اهو به ٻڌايو ته ايل بي او ڊي ۾ گھارا پئجي چڪا آهن،ڳوٺن جا رستا مڪمل طور تي ڪٽجي چڪا آهن امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.ميڊيا جي رپورٽن کان پوءِ ميان نواز شريف متاثر علائقي جا ڪيترائي دورا ڪيا،

وزير اعظم صاحب ست دفعا جاتي جو دورو ڪيو ۽ هو صاحب طوفان ۾ سخت متاثر ٿيل ڳوٺ عبدالرحمان دانڌل ۾ ڪيترائي دفعا ويو جتي هن اعلان ڪيو ته هي ڳوٺ ماڊل وليج ٺاهيو ويندو ۽ اهو پاڪ فوج تعمير ڪندي پر افسوس اهو  اڄ ڏينهن تائين ٺهي نه سگھيو آهي، اهڙي طرح سندس ڀاءُ وزير اعلٰيٰ پنجاب ميان شهباز شريف وري پنجاب حڪومت طرفان ٻن ڳوٺن نور محمد چالڪو ۽ گولو منڌرو کي ماڊل وليج ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، هنن ٻنهي ڳوٺن مان  ڳوٺ گولو منڌرو ٺهي سگهيو باقي نور محمد چالڪو جو واعدو وفا نه ٿي سگھيو. هن قيامت خيز طوفان ۾ فوت ٿيل ماڻهن لاءِ حڪومت في فوتي هڪ لک رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو ،پر حڪومتي اعلان کي ڪامورن کنگھيو ئي ڪونه انهن پنهجي من پسند پاليسي ٺاهي ٻه ڪيٽيگيريز ٺاهيون هڪ ته جيڪي گھرن جا ڪمائيندڙ يا سربراھ  هيا انهن کي هڪ لک رپيا ٻيا جيڪي گهر جا ڀاتي فوت ٿيا ان کي ٽيھه هزار ڏنا ويا ،جيڪي 450 ملاح  سمنڊ ۾گم ٿيا انهن لاءِ چيو ويو ته نوي ڏينهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪري انهن کي فوتي قرار ڏيئي معاوضو ڏنو ويندو پر اڄ ڏينهن تائين اهو واعدو وفا نه ٿي سگهيو،اهڙي طرح گھرن جون ٻه ڪيٽيگيريز ٺاهيون ويون ته مڪمل تباھ ٿيل گھر کي پنج هزار ۽ جزوي طور تباھ ٿيل کي ٻه هزار ڏنا ويا.مڪمل طور تباھ ٿيل هوڙن جي مالڪن کي 10 هزار ۽ جزوي طور تباھ ٿيل ٻيڙين جي مالڪن کي پنج هزار ڏنا ويا،جڏهن ته چوپايي مال ۽ فصلن  جو معاوضو نه ڏنو ويو، فوتين، ٻيڙين ۽ گھرن جي معاوضي وارن چيڪن ۾ معمولي غلطين جي ڪري بدين ۽ ٺٽي جي ضلعي انتظاميا هزارين حقدار متاثرن کي معاوضو نه ڏنو. انتهائي دهشت ۽ خوف ۾ مبتلا ڪندڙ هن قدرتي آفت کي ساحلي رهواسين عذاب الاهي ۽ ڪاري قيامت سمجهي خدا در ٻاڏايو ته:

لاکا لڄ سنداءِ ،اوڏ آئون اگلي آهيان،

پکا سي پرتاءِ، جي اجهي تنهجي اڏيا. (شاھ )

هن طوفان بابت اڳواٽ اطلاع جي ڪهاڻي طوفان متاثرن جي زباني:

18 مئي اربع جي شام خميس جي رات جو ريڊيو پاڪستان حيدر آباد تان 7:30 تي نشر ٿيل مقامي يا مڪاني خبرن ۾ بدين ۽ ٺٽي ضلعن جي ساحل مان طوفان جي گذرڻ ۽ ان سان گڏ برسات جي وسڻ جو ٻڌايو ويو ۽19 مئي  خميس جي صبح سان ئي ڏکڻ اوڀر جي طرف کان تيز هوا سان گڏ برسات شروع ٿي ويئي هئي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان صبح واري پروگرام صبح مهراڻ ،سڳند  ۽ مهڪار  ۾ برسات جي خوشيءَ ۾نغما،گيت ۽ ڪلام هلي رهيا هئا.جڏهن ته اربع جي ڏينهن ۽ خميس جي رات اهو طوفان  انڊيا جي رياست گجرات جي سامونڊي ڪناري  پور بندر،ڪنڊلا ، اوکا، لکپت ۽ ٻين علائقن سان ٽڪرائجي چڪو هو جنهن ۾ ڇهن هزارن کان وڌيڪ ماڻهو فوت، ٽن هزارن کان وڌيڪ ماهيگير،ڇهھ هزار ٻيڙيون ٽٽي،ڀڃي يا گم ٿي ويون ۽ سمنڊ ڪناري لوڻ ٺاهيندڙ ماڻهون فوت ۽ گم ٿي ويا هئا،اُهي خبرون به ريڊيو پاڪستان ۽ آڪاش واڻي ڪڇ ٻڌائي رهيا هئا.ٺيڪ انهيءَ خميس جي ڏينهن 2 بجي کانپوءِ ريڊيو پاڪستان حيدر آباد تان  ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد، ضلعي انتظاميا بدين ۽ ٺٽو جي طرفان اعلان ڪيا ويا ته ساحلي پٽي جا رهاڪو محفوظ ۽ مٿاهين جاين تي هليا وڃن ۽ سمنڊ  ۾ ويل ماهيگيرن کي واپس  اچن،جڏهن ته ان مهل صبح کان جاري شديد برسات ۾ سڀئي رستا ڪٽجي ويا هئا،گھر ڪرڻ لڳا هئا، ويتر ريڊئي تان نشر ٿيندڙ پيغامن جي ڪري شديد خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. ٻنهي ضلعن جي انتظاميا روڊن رستن جي ڪٽجڻ جي ڪري اڳتي وڌي نه سگھي فقط پڪن رستن وارن ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن تائين پهچي سگھي.ماهيگيرن ۽ سمنڊ ڪناري آباد وسندين لاءِ ڪي به هنگامي قدم نه کنيائون. ان ڪري سنڌ جي سامونڊي  تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏي تباهي آئي.

شديد متاثر ٿيندڙعلائقا:

هن طوفان جو مرڪز جيئن ته  گجرات ۽ سنڌ جي وچ وارو عربي سمنڊ  هو ۽ ٽڪرا.ئجڻ وارا علائقا سامونڊي ڪنارا هئا جنهن ۾سنڌ جا بدين،ٺٽو ۽ ڪراچي هئا ۽ گجرات جا ڪڇ، ڀڄ،لکپت،ڪنڊلا،اوکا بندر،سورت بندر ۽ پور بندر وارا علائقا هئا.سنڌ جي ڪارونجهر کان هيٺ ڪڇ جو رڻ پٽ، ڏيپلو، رحمڪي بازار، شڪور ڍنڍ، روپا ماڙي، شيخاڻي گهاڙي،ٽنڊو باگو، شيخ ڪرهيو، سيراڻي،ڀڳڙا ميمڻ،حاجي حجام، گولو منڌرو، احمد راڄو، نريڙي ڊنڍ، زيرو پوائنٽ، ڪارو گونگڙو، عارب رڇو،عاربي رڇو، بچو دانڌل، سومار رڇو، جاتي جون يوسيز ڪڙملڪ،ڪوٺي ۽ گل محمد ٻارڻ جا ڳوٺ اسحاق ٿهيمور ، محمد خان پٺاڻ، حاجي دانڌل، ڇڇر دانڌل، احمد ٿهيمور، عبدالرحمان دانڌل، راڄملڪ، ڪچونو، بوهڙ، قادر ڏنو ٻهريو، غلام حسين ٻهريو، نور محمد چالڪو، شاهبندر جو يوسيز جونگو جلباڻي ۽ دولتپور جا ڳوٺ گل محمد اپلاڻو،حاجي صالح سمگڻ، عمر ملاح، اسماعيل اپلاڻو،عبدالڪريم جت،ڪوڏاريو ۽ حسين دانڌل.کاري ڇاڻ جا ٺوڙهي، جان محمد جت، سليمان مير، حاجي علي محمد جت. ڪيٽي بندر جا صديق رونجهو،علي محمد شاھ، حجامڙو،مل،ڪائنر،ڪانگڙي ڪراچي جا ريڙهي ، لٽ بستي۽ نار واري ڳوٺ سميت ٻيون هزارين سرسبر آباد وسنديون ويران ۽ اجڙي ويون.

سامونڊي طوفان کان بچڻ لاءِ ڪجھه تجويزون

سنڌ جي ساحلي پٽي  جيڪا 450 ڪلوميٽرن تي اولهھ کان اوڀر طرف  بدين،سجاول،ٺٽو ۽ ڪراچي ضلعن جي حدن ۾ اچي ٿي اها سنڌ جي بلڪل ڏکڻ ۾ واقع آهي ،هي علائقو قدرتي ۽ هٿرادو آفتن جي ھميشه ور چڙهيل رهيوآهي، ماضي ۾ 1819ع، 1843ع ۽ 1899ع ۾ به سامونڊي طوفان،سونامي ۽ زلزلا آيا پر انهن جي نقصان جو ڪوبه رڪارڊ ناهي.اسانجي ملڪ جي حڪومت هنن تباهين مان ڪوبه سبق ناهي سکيو . عالمي تپش جي ڪري گرمي پد جو وڌڻ،سامونڊي پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ، برفاني گليشئرس جو رجڻ،آبهوا جي تبديلي ، فضا ۾ خطرناڪ گئسن جو ڦهلاءُ، ٻيلن جي واڍي،سامونڊي کاڌ ۽ ٻين سببن جي ڪري هي خطو هميشه آفتن جي ور چڙهيل آهي.جاني،مالي ثقافتي ۽ سماجي نقصان کان بچڻ لاءِ فوري طور تي قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ اطلاع جو نظام نصب ڪيو وڃي، سمورن ڳوٺن ۾مٿاهين جاين تي محفوظ  ۽ حفاظتي ايمرجنسي شيلٽر تعمير ڪيا وڃن،ڪراچي کان علي بندر تائين ڪوسٽل هائي وي ٺاهيو وڃي ۽ ڳوٺن کي لنڪ روڊ ڏيئي هن رستي سان ڳنڍيو وڃي، موبائيل فون جا ٽاور لڳايا وڃن جيئن مواصلاتي نظام مضبوط ٿئي ، تمر جي ٻيلن جي واڍي بند ڪري نوان ٻيلا لڳايا وڃن ڇو ته هي سامونڊي طوفان کي روڪين ٿا،انڊس ڊيلٽا ۾ ماحولياتي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم۾ مسلسل پاڻي ڇڏيو وڃي، 1999ع واري طوفان ۾ اعلانيل ماڊل وليج ٺاهيا وڃن ، گم ٿيل ماهيگيرن ۽ ٻين نقصانن جا رهيل معاوضا ڏنا وڃن، ذوالفقار آباد جو منصوبو رد ڪري اُهي پئسا هنن علائقن جي بحاليءَ تي خرچ ڪيا وڃن.سامونڊي ڪناري وارن ڳوٺاڻن کي قدرتي آفتن کان بچاءُ، فوري طبي امداد، ڳولھا ۽ بچائڻ  جون تربيتون ڪرايون وڃن جيئن قدرتي آفتن ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان کي گھٽ ڪري سگھجي.

ڪانڌي ڪنگ ٿياس،

وهڻ جنازو سهڻي،

ٻگھا جي ٻيٽن جا،

ڪلها تن ڏناس،

اکين ملڪ ڏٺاس،

من ڪاڍو هو ميهار ڏي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي                          سنڌ اندر بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو روزگار سانگي در بدر ڀٽڪي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي