18 سومر , ڊسمبر 2017

ٽماٽا معدي جي ڪينسر کان بچاءَ ۾ مددگار آهن: تحقيق

Tomatoڪراچي (ويب ڊيسڪ): ٽماٽو رڌ پچاءُ ۾ استعمال ٿيندڙ عام شئي آهي، ويجهڙ ۾ ئي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته ٽماٽا معدي جي ڪينسر کان بچاءَ ۾ مددگار به ثابت ٿي سگهن ٿا، معدي جو ڪينسر جنهن کي گيسٽرڪ ڪينسر به چيو ويندو آهي، هي پوري دنيا ۾ ڪينسر جي عام قسم آهي، هي ڪڏهن ڪڏهن موروثي به ٿي سگهي ٿي، گهڻو ڪري هي غير متوازن ۽ غير صحت مند خوراڪ جي عادت سبب پيدا ٿيندو آهي،  وڏي عرصي تائين سگريٽ ڇڪڻ وارا، گهڻو لوڻ ۽ مصالحي واري خوراڪ کائڻ وارا ماڻهو معدي جي ڪينسر جو شڪار ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن، ويجهڙ ۾ ئي ڄاڻڻ واري ان تحقيق جي موجب ٽماٽا معدي ۾ ڪينسر جي جيوگهرڙن جي واڌ کي روڪيندا آهن، ماهرن موجب جيئن ته ٽماٽي ۾ موجود جزا تيز باهه سان کاڌي پچائڻ دوران ختم ٿي سگهن ٿا، پچائڻ کان علاوه ان کي ڪچو به استعمال ڪرڻ گهرجي، ٽماٽي اندر موجود عنصر لائيڪوپين جسم لاءِ گهڻو فائديمند آهي، ان جي جسم ۾ پهچڻ بعد مثبت ڪيميائي تبديليون ٿينديون آهن، ان کا پهريان به يونيورسٽي آف الي نوائي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته ٽماٽا پروسٽيٽ ڪينسر کان بچاءَ لاءِ به گهڻو فائديمند ثابت ٿيندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊينگي سان سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختون خواهه ۾ ٿيون: صحت جو عالمي ادارو

پشاور(ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ مطابق هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ڊينگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے