18 جمعو , آگسٽ 2017

عوامي آواز رپورٽ:کپري ڀرسان امر گرو گوپال المعروف کوڙي واري سائين جي 75 هين ورسي جو ميلو کوڙي درٻار تي ملهايو ويو.

رپورٽ: عبدالرزاق راجپوت

 ميلي دوران درٻار کي رنگين بلبن ۽ جهالرن سان سهڻي نموني سينگاريو ويو.

هو ميلي ۾ ڏيهه توڙي پرڏيهه مان هزارين شيوڪن ، پريمين ۽ ڀڳتن عورتن ،مردن ۽ ٻارڙن  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري آنند حاصل ڪيو.

 7 ڏينهن تائين  جاري رهندڙ ميلي ۾ انتظاميا رميش ڏوڏاڻي مکي موهن داس ڊاڪٽر گوبند ۽ ٻين پاران ڀنڊارو هلايو ويو ،

 ميلي ۾ دبئي مان آيل ڀڳتن ونود ڪمار ۽ پون ڪمار ڀڳتي ڪري پريمين کي آنند نخشيو، ميلي ۾ آيل شيوڪن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄڪلهه انتهاپسندي ۽ نفانفسي جي دور ۾ گرو جي سماڌي تي اچي انتهائي سڪون محسوس ڪري آنند حاصل ڪيو آهي. جڏهن ته ميلي جي آخري رات امر گرو گوپال جي اڱڻ تي صوفياڻي محفل جي تقريب رکي وئي ، جنهن ۾ صوفي فنڪار خالد ڀٽي صوفياڻا ڪلام ڳائي شيوڪن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو .

ميلي دوران  سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|نيب ڊڪٽيٽر جي تخليق آهي، اداري تي اسان جو پهريون ڏينهن کان ئي اعتماد ناهي: فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيب ڊڪٽيٽر جي تخليق آهي، …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي