18 سومر , ڊسمبر 2017

80 هزار کان به وڌيڪ ٻار پوليو ويڪسين پيئڻ کان محروم رهجي ويا

Anti-Polio00ڪرچي (ويب ڊيسڪ): هلندڙ سال ڪراچي ۾ 80 هزار کان به وڌيڪ ٻارن کي والدين پوليو ويڪسين پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سان ٻار پوليو ويڪسين پيئڻ کان محروم رهجي ويا، پوليو جي خاتمي بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت وڏي وزير مراد علي شاهه ڪئي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ کي پوليو کان پاڪ ۽ ايندڙ نسل کي معذور ٿيڻ کان بچائڻ چاهيون ٿا، ان لاءِ جڏهن به پوليو جي خاتمي جي مهم هلندي آهي ته پوليو ورڪرن جي سڪيورٽي ۽ مانيٽرنگ پاڻ ڪندو آهيان، بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سنڌ ۾ ڪو نئون پوليو جو ڪيس سامهون نه آيو آهي، هلندڙ سال ڪراچي ۾ 80 هزار کان به وڌيڪ ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان محروم رهجي ويا، جنهن جو سبب انهن جا والدين پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري ٿيا، مڇر ڪالوني، سهراب ڳوٺ ۾ هاڻ به پوليو وائرس موجود آهي، وڏي وزير جو چوڻ هو ته جيڪي والدين پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، انهن جي ڪونسلنگ جو ڪو پروگرام ٺاهيو وڃي، هيلٿ ڊپارٽمنٽ ۽ پوليو پروگرام ملي ڪري ڪراچي کان پوليو وائرس خاتمي لاءِ جنگي بنيادن تي قدم کڻن، وڏي وزير صحت واري صوبائي وزير، صحت اداري ۽ پوليو ٽاسڪ فورس کي وائرس سرويلنس ۽ هائي رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ پوليو جي ڪم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، اجلاس ۾ آصفه ڀٽو، عذرا پيچوهو، صحت وارو وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو، ميئر ڪراچي، آئي جي سنڌ ۽ صحت جو سيڪريٽري سميت ٻين آفيسرن به شرڪت ڪئي، ياد رهي ته 2014 ۾ پاڪستان ۾ پوليو وائرس جا 306 ڪيس سامهون آيا هئا، هي گذريل 14 سالن جو بدترين انگ آهي، 2015 ۾ پوليو ڪيسن جو انگ گهٽ ٿي 54 ۽ 2016 ۾ 20 ٿي ويو، هلندڙ سال هن وقت تائين 2 پوليو ڪيس سامهون آيا آهن، جنهن مان هڪ پنجاب ۽ هڪ گلگت بلتستان ۾ ڏٺو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊينگي سان سڀ کان وڌيڪ فوتگيون خيبرپختون خواهه ۾ ٿيون: صحت جو عالمي ادارو

پشاور(ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ مطابق هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ڊينگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے