22 پیر , جنوری 2018

ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جو بحران وڌي ويو، ڪيترن ئي علائقن ۾ بريڪ ڊائون

Khiڪراچي (ويب ڊيسڪ): شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيڻ سان ڪيترائي علائقا اوندهه ۾ ٻڏي ويا آهن، نجي ٽي وي موجب ڪراچي ۾ بجليءَ جو بحران وڌي ويو آهي ۽ شهر کي 575 ميگا واٽ بجلي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن سبب مختلف علائقن ۾ اعلانيل کانسواءِ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ به وڌائي وئي آهي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جو بريڪ ڊائون به ٿيو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي علائقا اوندهه ۾ ٻڏي ويا آهن، ذريعن موجب بريڪ ڊائون سان اولڊ سٽي ايريا، رنڇوڙ لائن، لياري، گارڊن، شو مارڪيٽ ۽ جامع ڪلاٿ مارڪيٽ سميت ٻين علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، جنهن سان شهرين کي سخت پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ بجلي جي طلب 2950 ميگا واٽ ۽ رسد 2375 ميگاواٽ آهي، جنهن سبب شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن يمن لاءِ 3 بلين ڊالرن جي امدادي رقم جي اپيل جاري ڪري ڇڏي

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن يمن ۾ انساني بحراني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے