24 ہفتہ , فروری 2018

ڪراچي پروفيشنل ريسلنگ، بادشاهه خان هٿان ڪارليٽو کي شڪست

badshahڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ۾ سجايل پروفيشنل ريسلنگ ميلي ۾ عالمي پهلوانن جي زور آزمائي کانپوءِ پاڪستان جي اڪيلي پيشيوراڻي ريسلر بادشاهه خان جي جي ڪارليٽو خلاف ڪاميابي کانپوءِ پڄاڻي ٿي. پاڪستان جي تاريخ جي پهرين پروفيشنل ريسلنگ ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ 25 پرڏيهي ريسلر ۽ ريفري ڪراچي پهتا. ميئر وسيم اختر سمورن ريسلرن جو استقبال ڪيو ۽ رنگ ۾ ايڪشن کان اڳ آتشبازي جو به مظاهرو ڪيو ويو. پهرين فائيٽ ۾ الجزائر جي ياسين عثماني اٽلي جي فيبيو فيراري کي شڪست ڏني، جڏهن ته ٻي فائيٽ ۾ ايڊم فيلڪس ڪاميابي حاصل ڪئي. برطانوي ريسلر ٽائني آئرن ٻن پهلوانن کي ناڪام ڪيو، جڏهن ته عورتن جو مقابلو اينجلز بومبيٽا پنهنجي نالي ڪيو. پنهنجي وڻندڙ ريسلرن کي ايڪشن ۾ ڏسي ننڍا ٻار به انهن جو روپ اختيار ڪرڻ لڳا. ايونٽ جي آخري فائيٽ پاڪستان جي بادشاهه خان ۽ پيورٽو ريڪو سان تعلق رکندڙ ڪارليٽو وچ ۾ ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني پهلوان ڪاميابي ماڻي. ڪراچي ۾ پرو ريسلنگ جي ڪامياب ايونٽ کانپوءِ هاڻ پهلوان لاهور ۾ ايڪشن ۾ هوندا، جنهن کانپوءِ اهي اسلام آباد جو رُخ ڪندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ايس ايل 3: اڄ ڪراچي جو ڪوئيٽا ۽ لاهور جو ملتان سان مقابلو ٿيندو

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن ۾ اڄ ٻه اهم ميچون کيڏيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے