17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

پاڪستان ۾ اوپو سيلفي ايڪسپرٽ F3 جي وڪرو جي باقاعده شروعات

Oppoڪراچي (ويب ڊيسڪ): دنيا ۾ سمارٽ فوج جي جدت تي ڪم ڪندڙ پهرين درجي جي ٽيڪنالاجي اداري اوپو پاڪستان ۾ پنهنجي F3 سمارٽ فوج جي پهريون ڀيرو وڪري جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، اوپو جي ويجهر ۾ ايف ٿري پلس سمارٽ فون متعارف ٿيڻ بعد هي نئون سمارٽ فون به ڊوئل فرنٽ ڪيمرا سيلفي ايڪسپرٽ سمارٽ فون آهي، جنهن ۾ سيلفي جنريشن جو خاص خيال رکيو ويو آهي، F3 سمارٽ فون اڄ کان پاڪستان جي 13 شهرن ۾ دستياب ٿي ويو اهي، هي پاڪستان ۾ اوپو جي سمورن مستند اسٽورز تي 34 هزار 899 رپين ۾ دستياب هوندو، ان سلسلي ۾ لاهور ۾ ان کي پهريون ڀيرو وڪرو لاءِ حفيظ سينٽر ۾ سرگرمي منعقد ڪئي وئي، اهڙيءَ ريت ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو اسٽار سٽي مال ۽ سرينا موبائل مارڪيٽ، جڏهن ته اسلام آباد ۾ سين ٽاورس ۾ سرگرميون منعقد ڪيون ويون،

Oppo1

بهترين سيلفي وٺڻ جي ميدان ۾ اڳڀرائي ڪندي ويجهر ئي پاڪستاني مارڪيٽ ۾ اپ گريڊ ٿيل سيلفي ايڪسپرٽ اوپو F3 سمارٽ فون متعارف ڪرايو ويو آهي، ان حوالي سان پاڪستان ۾ 4 مئي کان 12 مئي تائين ان جا پري آرڊرز ورتا ويا، اوپو طرفان پري آرڊر انٽريز سان گڏ قرعه اندازي ۾ شامل ٿيڻ جي به سهولت رکي وئي هئي، اوپو پاڪستان جي سي اي او جارج لونج ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اسان اڄ کان F3 سمارٽ فون جي فرسٽ سيل شروع ڪئي آهي ۽ اسان اميد ٿا ڪريون ته هي ملڪ جي صارفين تائين ان جي رسائي آهي، اسان کي اميد آهي ته نئون سيلفي ايڪسپرٽ سمارٽ فون صارفين لاءِ پنهنجي دوستن ۽ گهر ڀاتين سان گڏ وقت گذارڻ ۽ گروپ سيلفي وٺڻ جو هڪ وڌيڪ سبب بڻجي ويندو، پاڪستان ۾ فرسٽ سيل جو افتتاح مشهور شخصيت نور بخاري لاهور جي حفيظ سينٽر ۾ ڪيو، جڏهن ته سينٽورس اسلام آباد ۾ مشهور ماڊل سارا اسيس ڪيو، انهن پنهنجون سيلفي وٺڻ جي تجربن کان آگاهه ڪيو ۽ تقريب دوران پهرين سمارٽ فون خريد ڪرڻ وارن ۾ تحفا ورهايا، بهترين سيلفي ايڪسپرٽ متعين ٿيڻ سان گڏ F3 سمارٽ فون ڊوئل سيلفي ڪيمرا آهي، جنهن ۾ 16 ميگا پڪسل جو هڪ سيلفي ڪيمرا پنهنجي انفرادي سيلفيز وٺڻ لاءِ آهي، جڏهن ته ٻيو وائيڊ اينگل لينس گروپ سيلفي وٺڻ لاءِ آهي، ٻٽي منظر ڪشي ڪندڙ گروپ سيلفي ڪيمرا ۾ هڪ ڪيمرا پنهنجي سيلفي لاءِ آهي، ٻيو گروپ سيلفي لاءِ آهي، ان ذريعي وسيع منظر ڪشي ٿيندي آهي ۽ عام سيلفي ڪيمرا جي مقابلي ۾ ٻيڻو وڏو منظر پيش ڪندو آهي، ان ۾ پي 6 لينس اعليٰ معيار جو پيشيوراڻا اميج ڪوالٽي برقرار رکندو آهي ۽ بهترين گروپ سيلفيز ڪڍڻ کي يقيني بڻائيندو آهي، اوپو F3 سمارٽ فون 13 ميگا پڪسل جي بيڪ ڪيمرا سان ليس آهي، جنهن ۾ 3/1 انچ جو سينسر آهي، هي روشني جي حساسيت کي تمام گهڻو وڌائي سگهي ٿو، جنهن سبب رات جي وقتن ۾ ان جي حيران ڪندڙ ڪارڪردگي ڏسڻ لاءِ ملندي آهي، F3 سمارٽ فون ۾ 3200 ايم اي ايڇ جي بيٽري آهي، جيڪا وڌيڪ دير تائين رهندي آهي، آزمائش دوران تقريبن 15 ڪلاڪ ان جي بيٽري ڪارآمد رهي، ان جو مطلب آهي ته هاڻي اوهان کي پنهنجو ڳورو پاور بينڪ رکڻ يا سفر دوران چارجر ڳولڻ جي ضرورت نه پوندي، F3 سمارٽ فون ۾ آڪٽا ڪور پروسيسر آهي، جنهن ۾ 4 جي بي ريم ۽ 64 جي روم آهي ۽ اهو ڪلر او ايس 3.0 سان هلندو آهي، جيڪو رواني سان بهترين ڪارڪردگي يقيني بڻائيندو آهي، ان جي ٽي سلاٽ ڪارڊ جي ٽري ۾ ٻه نينو سم ڪارڊز ۽ هڪ مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ هڪ ئي وقت استعمال ڪري سگهجن ٿا، پنهنجي هلڪي وزن، سنهڙي باڊي ۽ 5.5 انچ سان گڏ F3 سمارٽ فوڪ پڪڙيندڙ لاءِ گرفت بهترين آهي، ان جي چمڪندڙ ڌاتي بيڪ پينل هموار ٽيڪسچر ڌوڙ کي روڪيندو آهي ۽ جڏهن ان کي هٿ ۾ کڻندئو ته الڳ ئي مزو ايندو آهي. F3 سمارٽ فون ڏسڻ ۾ خوبصورت ۾ باوقار نظر ايندو آهي، ان سيل ٽيڪنالاجي سان گڏ F3 جو ايف ايڇ ڊي جو ان سيل ڊسپلي عام اسڪرين جي موٽائي جي مقابلي ۾ 4/1 گهٽ هوندو آهي، جنهن سبب مجموعي تصوير ۾ روشني ۽ رنگن جي بلند شرح هوندي آهي ۽ ايئن قابل ذڪر طور تي سج جي روشني ۾ به تصوير وڌيڪ روشن ۽ واضح هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سمارٽ فون ختم ڪرڻ جي منصوبي جو آغاز ؟

ڪيلورونيا(ويٻ ڊيسڪ)فيس بڪ نئو اوڪيوليس وي آرهيڊ سيٽ گو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي