17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

فيصل آباد ۾ چڪن پاڪس جا وڌيڪ 49 مريض سامهون اچي ويا

Alliedفيصل آباد (ويب ڊيسڪ): فيصل آباد جي اسپتالن ۾ چڪن پاڪس جا وڌيڪ 49 مريض سامهون اچي ويا آهن هلندڙ سال متاثر مريضن جو انگ 1047 ٿي ويو، فيصل آباد ۾ چڪن پاڪس جي مريضن جي انگ ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ چڪن پاڪس کان متاثر وڌيڪ 49 مريض آندا ويا، واضح رهي ته الائيڊ اسپتال ۾ چڪن پاڪس ۾ مبتلا 20 مريض فوت ٿي چڪا آهن، فوت ٿي ويلن ۾ 12 مريضن جو تعلق ٻين ضلعن سان آهي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر آصف شهزاد جو چوڻ آهي ته چڪن پاڪس کان بچاءَ لاءِ متاثر مريضن جي وارثن کي ويڪسين لڳايا پيا وڃن، هن چيو ته هيل تائين هڪ هزار 879 ماڻهن کي بچاءَ جي ويڪسي لڳائي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي: هڪ هفتي ۾ 2 ڄڻا ڊينگي بخار سبب فوت

ڪراچي شهر ۾ ڊينگي بخار هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آهي ۽ هڪ هفتي دوران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي