23 اربع , آگسٽ 2017

عوامي آواز: رپورٽ| سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، محقق ۽ راڳ جو ڄاڻو سرمد چانڊيو اکين جي عارضي سبب اسپتال داخل، واهر جي اپيل|

سنڌي ٻولي جي نامور شاعر محقق، لطيف جو پارکو، لسانيات جو ماهر، سنڌي راڳ جو راڳ مانو جو بنياد وجھندڙ ۽ ناول نگار سرمد چانڊيو ٻن هفتن کان اکين جي بيماريءِ سبب تڪليف ۾ مبتلا،

لاڙڪاڻي جي اهل علم، ۽ ساڃاهه وندن پاران سندس علاج لاءِ ثقافت کاتي سنڌ کي پرگهور لهڻ جي اپيل،

سرمد چانڊيو کي اکين جو عارضو ڪافي عرصي کان لاحق آهي جنهن ۾ وڌيڪ شدت گذريل ڪجهه هفتن کان اچي وئي آهي، اکين جي تڪليف وڌڻ ڪري کيس گذريل ٻن هفتن کان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي اکين واري شعبي ۾ چڪاس لاءِ آندو پئي ويو جتي ڊاڪٽرن سندس رسمي معائنو ڪيو،

رسمي معائني بعد کيس مختلف ٽيسٽون ڪرائڻ لاءِ چيو ويو جيڪي ڪجهه لاڙڪاڻي ۾ ٿيڻيون هيون ۽ ڪجهه لاڙڪاڻي کان ٻاهر ڪراچيءَ ۾ ممڪن هيون، ٽيسٽن جي مهانگي هجڻ ڪري هو ڊاڪٽرن جون تجويز ڪيل ٽيسون ڪرائي نه ٿو سگهي،

لاڙڪاڻي جي شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن سنڌ ثقافت کاتي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سرمد چانڊيو جي بيماريءَ جو فوري طور تي نوٽس وٺي سندس  علاج لاءِ جوڳي مدد فرام ڪن، ٻئي طرف سرمد چانڊيو جي وارثن پڻ سنڌ ثقافتي کاتي کي اپيل ڪئي آهي ته هو سرمد چانڊيو جي علاج لاءِ اڳتي وڌي ۽ سنڌ جي هڪ املهه انسان جي واهر ڪري کيس نابين ٿيڻ کان بچائن،

گذريل ٻن هفتن کان اسپتال داخل سرمد چانڊيو جي اکين جي علاج لاءِ تجويز ڪيل ٽيسٽون سندس خاندان ۽ دوستن وس آهر ڪرائڻ جون هر ممڪن ڪوششون پئي ڪيون ته جيئن سندس اکين جو آپريشن ممڪن ٿي سگهي،

اڄ آخري اطلاعن تائين سندس اکين جو آپريشن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي اکين جي شعبي ۾ ٿيڻو هو، آخري اطلاعن تائين نه ته سنڌ ثقافت کاتي جي ڪنهن عملدار سندس مزاج پرسي ڪئي ۽ نه ئي سنڌ ثقافت کاتي پاران سندس لاءِ ڪنهن مالي مدد جو اعلان ڪيو ويو،

سرمد چانڊيو جي گهڻ گهرن، ۽ سندس گهر ڀاتين سندس پرستان ۽ سنڌ واسين کي اپيل ڪئي آهي ته هو سندس صحت يابيءَ لاءِ دعا ڪن،

ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي ساڃهه وندن، ليکڪن ۽ شاعر سرمد چانڊيو جي بيماريءَ جو نوٽس نه وٺڻ تي سنڌ ثقافت کاتي جي بي حسيءَ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|چانڊڪا جو ايم ايس ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙو بدلي، ڊاڪٽر محبوب شاهه کي نئون ايم ايس مقرر

چانڊڪا جي ايم ايس ڊاڪٽر عنايت ڪانڌڙي کي بدلي ڪيو ويو آهي سندس جاءِ تي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي