23 اربع , آگسٽ 2017

بي نام ۽ بي چهرا طاقتون سوشل ميڊيا ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيون آهن: آرمي چيف

Bajwa-1راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ عوام ۽ رياست کي گڏجي وڙهڻي آهي. راولپنڊي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته سڪيورٽي خطرا ختم ڪري ترقيءَ جا رستا کوليا ويا آهن. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جو اثاثو آهن، دشمن طاقتون سوشل ميڊيا ذريعي نوجوانن کي سڄو گندو ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾  آپريشن رد الفساد سان نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد  باجوه چيو ته دنيا ۾ رڳو پاڪ فوج اهڙي نوعيت جي دهشتگرديءَ کي شڪست ڏني آهي. هن چيو ته بي چهره ۽ بي نام طاقتون سوشل ميڊيا ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته ملڪي سلامتي کي درپيش خطرا گهٽ ٿيا آهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي آمريڪا کان ڪنهن به مالي يا عسڪري امداد جي ضرورت ناهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل آرمي چيف قمر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي