22 منگل , مئی 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اي ڊي خواجه کي هٽائڻ خلاف منع نامو برقرار، ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي

ad khwajaڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ خلاف منع نامو برقرار کندي ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اي جي سنڌ موقف اختيار ڪيو ته پوليس ايڪٽ ۾ آءِ جي جي مقرري جو اختيار سنڌ سرڪار وٽ آهي. هن چيو ته پوليس ايڪٽ ۾ ترميم جو اختيار آئين صوبن کي ڏنو آهي. عدالت سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪو شخص ان قانون کان متاثر ٿي ته پوءِ ڇا ٿيندو ، ڇا اهڙي صورتحال ۾ اهو شهري عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو. ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته آئين تحت ڪو به شخص پوليس ايڪٽ کي چئلينج نه ٿو ڪري سگهي، اهڙا معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ موڪلي سگهجن ٿا. هن چيو ته اها درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه کي هٽائڻ خلاف اسٽي آرڊر برقرار رکندي ڪيس جي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي ٽي آءِ جي نعيم الحق ن ليگ جي دانيال عزيز کي چماٽ وهائي ڪڍي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ نعيم الحق پاڪستان مسلم ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے