24 ہفتہ , فروری 2018

داعش جو هدف نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ آهي: ميجر جنرل آصف غفور

MAJRO ASFI GHFOORراولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته داعش جو هدف نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ آهي، عالمي دهشتگرد تنظيم جي خطري کان نوجوانن کي بچائڻ اجتماعي ۽ انفرادي ذميواري آهي. رالپنڊي ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي ميجر جنرل آصف غفور چيو ته پنهنجي نوجوانن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 90 سيڪڙو قربانيون فوجي جوانن جون آهن. سندس چوڻ هو ته هلندڙ آپريشن ۾ ملندڙ قربانيون نوجوانن جي ٿورن سان آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته داعش جهڙيون دهشتگرد تنظيمون نوجوانن جي ذهنن کي ٽارگيٽ ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اهڙي حالت ۾ نوجوانن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ذميواري وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. سندس چوڻ هو ته رياست طور ۽ فرد طور ذميواري آهي ته داعش جي وڌندڙ خطري کان نوجوانن کي بچايو وڃي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته آپريشن رد الفساد حاصل ڪيل ڪاميابين کي برقرار رکڻ لاءِ آهي. هن چيو ته موجوده سيمينار آپريشن رد الفساد جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سماجي ورڪر پروين رحمان قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ ۽ سماجي ڪارڪن پروين رحمان جي قتل جي جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے