19 خميس , آڪٽوبر 2017

1791ع جي آميريڪا ۾ پڇيل سوال ۽ سنڌ جو اي ڊي خواجا

آميريڪا جي آزادي واري اعلان تي صحي پائيندڙ ۽ قدرتي انصاف جي وڪيل جيمس ولسن هڪ تاريخي سوال پڇيو هو ته ”هڪ ماڻهوءَ کي سرڪار واسطي هجڻ گهرجي يا سرڪار کي ماڻهن جي لاءِ ادارا ٺاهڻ گهرجن؟“ اهو سوال هُن 1791ع ۾ پڇيو هيو، جيڪو ڪالهه عدالت ۾ بنا پڇڻ جي تڏهن سامهون آيو، جڏهن سنڌ پوليس جي برجستي آءِ جي الهڏني خواجا جي وڪيل ڊاڪٽر شهاب اوستي پاران عدالت کي درخواست ڏني ته اي ڊي خواجا جي عهدي هلڻ بدران عدالتي اسٽي آرڊر ختم ڪيو وڃي، ڇوته، هو اهڙي ماحول ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ نه ٿو چاهي. اي ڊي خواجا چيو ته هن سنڌ پوليس جي بهتري لاءِ پنهنجي وسان بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي هو صوبائي سرڪار جي سهڪار کان سواءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ نه ٿو چاهي، ڇوته، سنڌ سرڪار کيس ” نالي ۾ نهال“ آءِ جي بڻائي ڇڏيو آهي.

ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي لکيل جواب ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته آءِ جي مقرري جو تڪرار ختم ٿيڻ گهرجي، پوليس جي بهتر مفاد ۾ رضاڪاراڻي طور عهدي کان الڳ ٿيڻ چاهيان ٿو. هن چيو آهي ته موجوده حالتن ۽ پوليس جي بهترين مفاد ۾ رضاڪاراڻي طور تي آءِ جي جي عهدي کان الڳ ٿيڻ چاهيان ٿو، جواب ۾ چيو ويو ته ضروري آهي آءِ جي جي مقرري جي حوالي سان تڪرار کي فوري طور ختم ڪيو وڃي، عدالت سان درخواست ڪريان ٿو ته منهنجو نالو ان درخواست مان ڪڍيو وڃي ته جيئن وفاقي سرڪار کان پنهنجي ملازمت سنڌ سرڪار کان واپس وٺڻ جي درخواست ڪري سگهان، هن چيو ته هڪ سال دوران سنڌ پوليس ۾ اهم سڌارن سان گڏ کاتي ۾ 20 هزار نيون ڀرتيون ڪيون، پوليس ملازمن جي ترقين جي لاءِ موثر نظام جوڙيو آهي.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا طرفان شهاب اوستو ايڊووڪيٽ وڪالت نامو جمع ڪرائڻ سان گڏوگڏ مقدمي کان منع نامو ختم ڪرڻ جي به درخواست عدالت ۾ داخل ڪئي، آءِ جي سنڌ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اي ڊي خواجا پوليس ۾ نگراني جو نظام موثر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا، هن تڪرار سبب هر واقعي جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ ۽ ان جي نتيجن جي ذميداري آءِ جي تي اچي وڃي ٿي ۽ انهن حالتن ۾ اي ڊي خواجا رضاڪاراڻي طور پوئتي هٽڻ چاهي ٿو، هن ڪيس ۾ منع نامو ختم ڪري منهنجي اصيل جو نالو مدعين جي فهرست مان ڪڍيو وڃي.

جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته ان موقعي تي عدالت نه ته مدعين جي فهرست مان نالو ڪڍي سگهي ٿي نه ئي منع نامو ختم ڪري سگهي ٿي، ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته 2002 جو پوليس آرڊر ڊڪٽيٽر جو ڏنل قانون هيو، جيڪو ايمرجنسي ختم ٿيندي ئي ختم ٿي ويو هو، 1935 کان ريگيولر پوليس، وليج پوليس، ريلوي پوليس ۽ رينجرز صوبائي معاملا رهيا آهن، سندس چوڻ هو ته 1973 ۾ رينجرز ۽ ريلوي پوليس صوبن کان واپس ورتا ويا آهن، جڏهن ته وليج پوليس جو نظام ختم ٿي ويو آهي، هاڻي صوبي وٽ رڳو ريگيولر پوليس رهجي وئي آهي، وفاق اهو اختيار به واپس وٺڻ چاهي ٿو، عدالت منع نامي ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جناب اي ڊي خواجا پاران سندس هاءِ ڪورٽ ۾ داخل نئون موقف نه رڳو حيرت انگيز آهي پر ان ڳالهه جو عڪاس به آهي ته هڪ ٻي چڱائيءَ لاءِ پنهنجي هيڏي ساري عهدي تان دستبردار ٿيڻ جهڙو ڪم به ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪنهن به وڏي منصب تي ڪوبه اهم ماڻهو اهڙو فيصلو ڪري سگهي ٿو.

وقت پڄاڻان، اي ڊي خواجا هليو ويندو، پر سندس نقش هر وقت پوليس اداري تي حاوي رهندا ۽ جيڪو به ايندو انهن کي انهن نقشن تي ئي پنهنجا قدم رکي هلڻو پوندو. مهم جوئي ۽ خطرپسندي ۾ گهيريل سنڌ جي ڪاموراشاهيءَ لاءِ هڪ اهم ترين مثال ڇڏي وڃي ٿو: جناب الهڏنو خواجا.

خميس 18 مئي 2017ع،  20 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

بدعنوانين، بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جي خاتمي جي ضرورت

پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان ملڪ اندر مختلف …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي