19 خميس , آڪٽوبر 2017

تاج حيدر درست يا غلط پر سنڌ ته غرق ٿئي پئي

                         پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر ۽ نامياري سياستدان سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ گهٽ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جي ڪري سمنڊ ٺٽي ضلعي سميت مختلف علائقن جي 22 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آهي، خريف جي شروعات ۾ سنڌ کي 50 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويو، ارسا تاج حيدر جي موقف کي رد ڪندي چيو آهي ته سنڌ جيترو پاڻي گهريو ايترو فراهم ڪيو ويو، ڪالهه سينيٽ جي پاڻي ۽ بجلي وزارت واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين سردار ناصر يعقوب جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ واري ايجنڊا تي بحث ڪندي پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته شروعاتي خريف ۾ 21 مارچ کان 31 مارچ تائين سنڌ کي 49 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويو ۽ پهرين اپريل کان 10 اپريل تائين 52 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو ويو. هن چيو ته سمنڊ سنڌ جي 22 لک زمين کائي ويو آهي، اسان کي پاڻي ذخيرن جو اضافو ڪرڻو پوندو، سينيٽر محسن لغاري چيو ته پاڻي جي کوٽ نه صرف سنڌ پر پنجاب ۾ به آهي، هن چيو ته پنجاب جو واهه بند ڪري سنڌ کي پاڻي ڏنو ويو، هن چيو ته في ايڪڙ جو حساب ڪيو وڃي ته سنڌ کي پنجاب کان وڌيڪ پاڻي ڏنو وڃي ٿو، هن چيو ته پاڻي جي کوٽ آهي، ان لاءِ ذخيرن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته پاڻي جو بيدردي سان استعمال ٿئي ٿو.

ڪاميٽي جي چيئرمين سردار ناصر يعقوب ان موقعي تي چيو ته صوبن ۾ هميشه پاڻي ورڇ تي تڪرار رهي ٿو، ان کي حل ڪرڻ لاءِ فني طور تي اهڙي حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي جو ڪنهن به صوبي کي شڪايت نه رهي ۽ نه ڪنهن جو نقصان ٿئي، هن چيو ته مستقل حل تلاش ڪيو وڃي ۽ پاڻي کوٽ جي اصل حقيقتن تي به ڌيان ڏنو وڃي، هن چيو ته بلوچستان ۾ ننڍا ننڍا پاڻي ذخيرا ٺاهي لکين ايڪڙ زمين آباد ڪري سگهجي ٿي، ڪاميٽي جي چيئرمين ارسا ۽ پاڻي بجلي وزارت کي هدايت ڪئي ته پاڻي ورڇ بابت لکت ۾ تفصيل تاج حيدر کي فراهم ڪيا وڃن، ارسا ان موقعي تي ٻڌايو ته پاڻي ٺاهه تي ڪنهن به قسم جي نظرثاني نه پئي ڪئي وڃي، پاڻي ۽ بجلي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري ٻڌايو ته ڀاشا ڊيم تي اتفاق راءِ سان ڪم ڪيو پيو وڃي، ان جي مڪمل ٿيڻ سان تربيلا ڊيم جي عمر ۾ پڻ 30 سالن جو اضافو ايندو.

هڪڙي منٽ لاءِ ارسا جو موقف درست مڃيو وڃي ته به، جناب تاج حيدر جي اها ڳالهه ته سڀني جي سامهون آهي ته پاڻي نه هجڻ ڪري سنڌ جي 22 لک ايڪڙ زمين سمونڊ پائي ويو آهي؟ جو جواب ڪهڙي ارسا ڏيندي ۽ ڪهڙي سرڪار ڏيندي؟ ان سوال جو جواب به پاڻي ڏيڻ ۾ آهي، پاڻي وسيلي ئي سنڌ بچي سگهي ٿي.

خميس 18 مئي 2017ع،  20 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

بدعنوانين، بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جي خاتمي جي ضرورت

پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان ملڪ اندر مختلف …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي