24 اربع , مئي 2017

نڪولو ميڪاولي جو سامراجيت وارو فلسفو ۽ سنڌ

 فتح الله

انسان جي ڌرتي تي پيررکڻ کان پوءِ هڪ جبلت جنهن جي گرفت کان هو ڪڏهن به نڪري ناهي سگهيو، پران ئي جبلت هن خوبصورت ڌرتي کي ٻين انسانن لاءِ جهنم بڻائي ڇڏيو، انساني ڪنڌ ڪپي مينار ٺاهيا ويا، کلن ۾ بوسو ڀري قلعن جي ديوارن مٿان ٽنگي ٻين انسانن ۾ ڏهڪاءٌ پکيڙيو ويو. ڌرتي جي انگ انگ کي انساني لهوءَ سان لال ڪيو ويو. جبر، ڏهڪاءَ، بربريت،انڌوڪار تي چرندڙ چپن کي هميشه لاءِ سرد ڪيو ويو. اهو سڀ ٻين جي مال تي تڳجڻ لاءِ ٻين جي محنت جو ڦل ڦرڻ لاءِ ٻين قومن جي صدين کان فن وتعمير، هنر، واپار ۽ مهذب پڻي جي ڪري ٿيل ترقي خوشحالي سان حسد ڪندڙ غير مهذب وحشي قبيلا ۽ قومون پنهنجي اندر ۾ لڪل ان شيطان جو پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ ٻين پاڻ جهڙن لکين انسانن جا ڪنڌ ڪپڻ کان به ڪيِن ڪيٻائيندا هيا.

انهن وسندڙ ويڙهن کي ويران ڪندا رهيا آهن جتي ڪڏهن خوشين جا گل ٽڙيل هوندا هئا جتي معصومن جا ٽهڪ گونجندا هئا جتي زندگي بهار بڻجي سارنگي ويس اوڍي انڊلٺي رنگ وکيري ٻين قومن لاءِ محبتن جا سنديس موڪليندي هئي جتان دنيا جي قومن لاءِ زندگي گذارڻ جا بهترين اصول، طور طريقا مهيا ٿيندا رهيا اڄ اهي تهذيبي تمدن پنهنجي مهذب پڻي جي ڏوهه ۾ وقت جي جاهل، وحشي، شيطاني صفت انسانن جي دربار ۾ آيل سزا ۾ ان لاش جيان جيڪو نه ڪيل گناهه جي ڏوهه ۾ موت جي ننڊ سمهاريو ويندو آهي ۽ پنهنجي کليل اکين سان جيڪي هڪ سوال هونديون آهن پنهنجي بيگناهه موت جو منظر ڏسي رهيون هونديون آهن.

سنڌ به دنيا جي انهن بدنصيب خطن مان هڪ خطو آهي جيڪا پنهنجي ماضي جي سندرتا کي حال ۾ ڳولهڻ لاءِ بد حواس ٿي ديوانن جيان ڊوڙي رهي آهي جنهن کي پنهنجي مهذب پڻي، دنيا لاءِ پيار محبت، امن ڀائيچاري ۽ خوشحاليءَ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ٽياس تي ٽنگيو ويو آهي، وقت جي هر وحشي سامراج جي ظلم هن ڌرتي جي سڳنڌ ڀريل فضائن کي امن جي پانڌيئڙن صوفين جي سينن ۾ ٽنبيل سنگينن، ڳچين تي تيز تلوارن جي ڌارن سان ٽمندڙ رت، بارود سان سنڌ وطن جي عشق جي ڏوهه ۾ بخمل جهڙن نرم جسمن کي ساڙي رک بڻايو ويو. آرين جي ڪاهه کان ويندي موجوده دور تائين دنيا جي ڪنهن ٻئي قوم مٿان ايترا حملا نه ٿيا آهن جيترا سنڌ جي سونهن ۽ وجود کي ميٽڻ لاءِ ڪيا ويا آهن.

انگريز سامراج جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي سياستدانن جي ڪم ذهني ۽ دور انديشي جي نه هجڻ ۽ تاريخ کان اڻڄاڻائيءَ جي ڪري انگريزن جي وفادار قوم، جنهن پنهنجي آقا (برطانيا) جي اشاري تي ڪعبه اول تي گوليون وسايون. سلطنت عثمانيه جي ٽوڙڻ جي صلي ۽ اسرائيل جي قيام ۾ مدد ڏيڻ جي بدلي هڪ سامراجيت جو بنياد وڌو ويو، تنهن جي ان پنجوڙ جي ڪوڙڪيءَ ۾ سندن سامراجي مقصدن لاءِ سنڌ کي ڦاسايو ويو.

ان ڏينهن 14 آگست 1947ع کان سنڌ جي تاريخ جي وڏي بد قسمتي جي شروعات ٿي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ جنهن لاءِ سرسڪندر حيات چيو هو ته، ”ڇا جو ٻه قومي نظريو ڇا جي اسلامي رياست هي ملڪ پاڪستان برطانيا سرڪار اسان پنجابين جي طرف جڏهن انڊين نيشنل ڪانگريس وارن British Quite India  تحريڪ هلائي ٻئي عالمي جنگ ۾ برطانوي سرڪار سان سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اسان پنجابين انهن جو ساٿ ڏنو جنهن جي انعام طور اسان کي هي ملڪ ڏنو ويو، تنهن کان سنڌ سان ذيادتين جي شروعات ٿي ۽ ان ڏينهن کان سنڌ کي نڪولو ميڪاوليءَ جي سامراجي فلسفي هيٺ پنجاب جي ڪالوني بڻائي سنڌين کي نسيت و نابود بڻائڻ جي پوري طاقت سان ڪوششن جاري آهي ميڪاولي جي فلسفي جي (Points) مطابق سنڌ کي غلام رکڻ لاءِ پنجاب طرفان سڀ کان اول سنڌ اندر نيون پنجاب نواز آبادين جو بنياد وڌو ويو جيئن ميڪاولي چيو ته جيڪڏهن ڪوئي سامراج سمجهي  ٿو ته قبضي ڪيل ملڪ جي عوام منجهان ان کي مزاحمت جو حدشوآهي ته ان نئين فتح ڪيل ملڪ جي اهم هنڌن تي پنهنجي وفادار ماڻهن جون ڪالونيون جوڙايو ۽ فتح ڪيل ملڪ قوم منجهان ڪي اها لوڀي قسم جا فرد جيڪي توهان جي وفادار هجڻ جو پوري طرح ثبوت ڏيئي سگهن ٿا انهن کي روزگار ۽ ٻيون سهولتون ڏيئي انهن فردن خلاف جيڪي توهان جي غلامي تي راضي نٿا رهڻ چاهين استعمال ڪيو ۽ انهن کي منظم ٿيڻ کان پري رکو، سندن مالي حالت اهڙي  بگڙيل هجڻ گهرجي جو هو حڪومتي وفادار فردن جي معيار زندگي مان متاثر ٿي حڪمرانن جي خوشنودي لاءِ آزادي کي وساري ويهن ۽ وفادار طبقو فاتح سان ٽڪراءَ کائڻ وارن جي بدحالي ڏسي پنهنجي آسائشن جي کسجڻ جي خوف سبب حڪمران جي منحرفي جو سوچي به نه سگهندو.جي توهان سمجهو ٿا اها قوم ايندڙ وقت ۾ پنهنجي غلامي  کان بيزار ٿي پنهنجي ماضي واري خوشحال حيثيت ماڻڻ لاءِ سامراج لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي ته توهان لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته پوري قوم کي مارڻ بجاءِ ان قوم منجهان اهي فرد جيڪي عوام کي ڪٺو ڪري سگهن ٿا انهن کي قتل ڪري ڇڏيو جيئن اهي ڇڙوڇڙ رهن ۽ هڪ طاقت بڻجي نه سگهن اهڙي حالت ۾ آساني سان حڪمراني ڪري سگهجي ٿي ۽ وڏو عرصو غلاميءَ ۾ رهڻ کانپوءِ ان قوم منجهان آزاديءَ جو تصور ختم ٿي وڃي ٿو جڏهن ذهن غلامي تسليم ڪري وٺي ته سامراج لاءِ رنڊڪون ختم ٿي وڃن ٿيون

ميڪاولي جي نظريي سامراجيت جو سراسري مطالعو ڪبو ته اها ڳالهه واضح طور تي چٽي نظر ايندي ته 1947ع کان هينئر تائين سنڌ جيڪي سسئيءَ وارا سور ڏٺا آهن ۽ سنڌ جي اندر سماج جو بدبودار ٿي ويو آهي، سنڌ جي عظيم ڪلچر سهپ، روايتن، ماڻهپي، خودشناسي جي موت ٿيڻ سڀ غلامي جي غليظ گدلي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوڻ کان پوءِ طاقتور سامراج جي طرفان اسان جي سماج کي بي حس بڻائڻ ۽ غلاميءَ تي راضي رکڻ لاءِ ميڪاولي جي شيطاني فلسفي جي مهرن کي استعمال ڪيو پيو وڃي اسان جي قوم منجهه خوف، مايوسي، لوڀ لالچ، وطن جي آزاديءَ کان  لاتعلقي، قومي ڪردارن کان اڻڄاڻائي، پنهنجن کان نفرت، ڌارين جي خوشنودي، طاقتور سامراج طرفان مذهبي انتها پسندي جي ٻج ڇٽڻ، سنڌي اٻوجهه ماڻهن جون ان طرف مائل ٿيڻ، سماج اندر بک بدحالي روزگار جي وسيلن تي ڌرتي ڌڻين لاءِ بندش، نتيجي ۾ نوجوانن جون خودڪشيون ڌاڙيل بڻجڻ وري سامراجين جي ڪارندن هٿان گولين جو نشانو بڻجن، گهرن، محلن شهرن جو گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿيڻ وري مختلف بيمارين ۾ وٺجڻ، علاج نه ٿيڻ، تڙپي تڙپي مرڻ، معياري تعليم کان پري رهڻ، بند اسڪول گوسڙو استاد، نسل جو جواري، چور، ڌاڙيل، نشئي مختلف سماجي براين ۾ وٺجڻ، پيرا کڻبا ته سڀ سامراج جي شاهي محل طرف وڃي دنگ ٿين ٿا. ذوالفقار علي ڀٽو، مرتضي ڀٽو بينظير ڀٽو، بشير خان قريشي، مظفر ڀٽو،سرائي قربان کهاوڙ کان ويندي هڪ وڏوتعداد سنڌ جي شعوري اڳواڻن، ڪارڪنن جو قتل ٿيڻ کنڀجڻ، اذيت گهرن ۾ انسانيت کي لڄائيندڙ اذيتون سهڻ، چچريل لاشن جي صورت ۾ ملڻ، ان ميڪاولي شيطاني سوچ تي عمل ڪرڻ آهي پر اها ويڙهه حق ۽ باطل وچ ۾ آهي يعني فطرت (خدا) ۽ شيطان وچ ۾ جيڪا فطرت طرفان هزارين سالن جي جي محنتن کان پوءِ جوڙيل قوم ٻولي ۽ ڪلچر کي ميٽڻ لاءِ هڪ شيطاني قوت وچ ۾ جنهن ۾ فتح حق جي ٿيڻي آهي تاريخ جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ اسان کي، سميري، اشوري، بابلي، ايجنين، ڪلداني ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تهذيبون ملنديون پر جن جو بنياد انصاف تي مبني رهيو اهي ڳچ عرصو قائم رهيون مگر آهي قومون جن جو بنياد ظلم ۽ ڏاڍي تي رهيو اهي مختصر عرصي ۾ ئي دنيا تان ميٽجي ويون.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ

صاحب خان ڀٽي                          سنڌ اندر بک ۽ بدحالي سبب ماڻهو روزگار سانگي در بدر ڀٽڪي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي