17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

ايندڙ چونڊون ۽ آصف زرداريءَ جي حڪمت عملي

سڪندر  چنو

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نواز شريف کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. ان مان اهو صاف ظاهر لڳي رهيو آهي ته بلوچستان توڙي سنڌ ۽ پنجاب ۾ پ پ مضبوط ٿي رهي آهي. ۽ ايندڙ اليڪشن پارٽي قيادت جي حڪمت عملي سبب کٽي ويندي. ڊان ليڪس وارو مئسلو حل ٿي ويو آهي. پاناما ليڪس وارو معاملو جي آءِ ٽي جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ حل ٿي ويندو. جيڪو ڊان ليڪس جيان حل ٿيندو.

هاڻي وزير اعظم کان 17 گريڊ جو آفيسر آڏي پڇا ڳڇا ڪندو. سنڌ جي سياست وارو اٺ پ پ جي آکيڙي ۾ اچي ويٺو آهي. سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ جون اڃا به اهم سيٽون پي پي طرف اچڻ واريون آهن. ڄام مدد، امتياز شيخ جي اچڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اهم فنڪشنل ليگ سان وابستا سياسي شخصيتون پي پي ۾ شموليت جون خواهشمند آهن ۽ اهيو به امڪان آهي ته سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ سان وابستا اقليتن جي سيٽن کي به خطرا پيدا ٿيل آهن. ڄام مدد ۽ اميتاز شيخ جي وڃڻ کان پوءِ اقليتن جي سيٽ کي خطرو موجود آهي. ۽ نند ڪمار گوڪلاڻي ۽ نصرت سحر عباسي جي سيٽن کي پڻ وڏو خطرو لاحق ٿيل آهي.

اهڙي طرح اڃان به پي پي جي آکيري ۾ فنڪشنل ليگ جا ايم پي اي ۽ ايم اين ايز اچي سگهن ٿا. جيڪو لڳي رهيو آهي ۽ لڳي ٿو ته ايندڙ اليڪشن ۾ فنڪشنل ليگ جي پوزيشن ڪا مضبوط ٿيڻ بدران ڪا سگهاري به نه ٿيندي ۽ فنڪشنل ليگ کي پ پ سان اتحاد ڪرڻ کانسواءِ باقي ٻيو ڪو به رستو بچيل نظر نه ٿو اچي. پ پ فنڪشنل ليگن کي ايم پي اي يا سينيٽر بڻائڻ تي ڌيان ڏيندي. ان لاءِ حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي. فنڪشنل ليگ سان رابطا وڌائڻ لاءِ پ پ قيادت وڏي وزير سنڌ کي ٽاسڪ ڏنو آهي.

ڇاڪاڻ ته سيد مراد علي شاهه جا حرن جي روحاني پيشوا سان بهتر تعلقات اڃان به قائم آهن. پي پي چاهي ٿي ته فنڪشنل ليگ کان اڃا به اڳتي بيڪ ڊور ڊپلوميسي پاليسي تي عمل ڪندي ٻين پي پي مخالف جماعتن سان رابطا تيز ڪيا وڃن جيڪي اليڪشن کٽڻ جي پوزيشن ۾ رهندي پنهنجن پنهنجن تڪن ۾ سياسي سگهه رکندڙ آهن، پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جنهن ڳالهه طرف اشارو ڏنو آهي ته اليڪشن 2018ع کٽي مخالفن کي ڏندين آڱريون ڏيئي ڇڏيندي. ان چوڻي ۾ 100 سيڪڙو سچائي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. موجوده ناڪام وفاقي حڪومت جي اها دعويٰ به ڪوڙي ۽ بي بنياد آهي ته سي پيڪ جو ڪريڊٽ موجوده حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. جيڪا سراسر بي بنياد ڳالهه آهي سي پيڪ جو اصل خالق پ پ ڪوچيئرمين آصف علي زرداري آهي ۽ ان جي حڪومتي دورن دوران چين سان ڪور ڊور ۽ راهداري جا معاهدا ٿيا هئا. فرق ٿورو آهي ته حڪومت جلد پنهنجو مدد پورو ڪندي هلي ويئي ۽ سي پيڪ جو صرف معمولي تختي نواز شريف رکي. نواز شريف هوندي سي پيڪ مان پاڪستان ڪو بهتر لاڀ حاصل ڪندي نظر ڪو نه ٿو اچي.

پ پ قيادت جي بهترين پاليسين سبب سنڌ ۾ پ پ مخالف سياسي قوتون جلد پي پي ۾ شموليت اختيار ڪري وٺنديون.

2018ع کان پوءِ ملڪ جو وزير اعظم پ پ جو هوندو ۽ اهو وزير اعظم سي پيڪ توڙي چين جي سهڪار سان ڀرپور نموني فائدو حاصل ڪندو. هن وقت پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو توانائي جي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي. جيڪو موجوده حڪومت جي وڏي ناڪامي آهي هينئر وفاقي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته 2018ع ۾ لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو ويندو پر اسين ڄاڻون ٿا ته اهيو سراسر ڪوڙ ۽ قوم جي ڏنل ووٽ سان مذاق آهي پر اها به حقيقت آهي. 2018ع ۾ پي پي جي حڪومت هوندي، ان ڪري ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي.

تازو ڪي پي ڪي ۾ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري عمران خان سان سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جو جيڪو اشارو ڏنو آهي. ان مان اهو صاف ظاهر لڳي ٿو ته پ پ تحريڪ انصاف طرف پنهنجو هٿ وڌايو آهي ۽ هاڻي عمران خان سان ڪا به سياسي ميچ نه کيڏڻ جو جيڪو اشارو ڏنو آهي. ان مان لڳي ٿو ته ايندڙ اليڪشن پي پي تحريڪ انصاف سان سيٽ ايڊجسمنٽ ڪري وڙهندي. جنهن مان پ پ کي ڪي پي ڪي ۾ وڏو فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو.

پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري موجوده ن ليگ لاءِ هٿ هلڪو رکڻ جي به ڪوشش ڪندي اعلان ڪيو آهي ته نواز شريف موجوده حڪومتي دور مڪمل ڪري به سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته نواز شريف ڊان ليڪس مان پنهنجي جان آجي ڪرائي ڇڏي آهي.

پ پ ڪو چيئرمين ملڪ جي ڌرتي سان پيار ڪرڻ واري وچن کي ورجايو آهي. يعني آصف علي زرداري جي سياسي لچڪ اوچتو ٽرن کاڌو آهي ان مان لڳي ٿو ته سندس مٿين ڌر سان لاڳاپا ڪافي بهتر ٿي ويا آهن.

بهرحال ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پي پي جي فائدي ۾ ڪا مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ته ايندڙ اليڪشن ۾ پي پي سنڌ سميت ملڪ مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي سگهي ٿي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي گهوٽالي جو ملڪي معيشت تي پوندڙ اثر

صاحب خان ڀٽي پاناما ليڪس نواز ليگ کي اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي