17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

اي ڊي خواجا کي ايئن هٿيار ڦٽا نه ڪرڻ گهرجن

 زرار پيرزادو

  • ۽ نيٺ سنڌ جي آءِ جي، اي ڊي خواجا هٿيار ڦٽا ڪندي چئي ڏنو آهي ته آءِ جي، جي مقرري تي تڪرار ختم ٿيڻ گهرجي، تنهن ڪري مان پوليس جي مفاد ۾ رضاڪاراڻي طور پنهنجي عهدي کان الڳ ٿيڻ چاهيان ٿو. هن عدالت کي وينتي ڪئي آهي ته منهنجو نالو ان درخواست مان ڪڍيو وڃي ته جيئن مان وفاقي حڪومت کي پنهنجيون خدمتون ڏئي سگهان.
  • عام تاثر اِهو آهي ته آءِ جيءَ کي حڪومتي ۽ انتظامي سطح تي پريشان ڪيو ويو آهي، تنهن ڪري هُن هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
  • پر اسان جو خيال آهي ته آءِ جي سنڌ جنهن جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي، تنهن کي ايئن هٿيار ڦٽا نه ڪرڻ گهرجن، پر ظلم، ناانصافي ۽ زيادتي خلاف سينو تاڻي بيهڻ گهرجي.
  • هي رڳو پوليس آفيسر ئي ناهي پر هڪ اديب به آهي ۽ اديب کي مزاحمت جي وڌيڪ اهميت ۽ ضرورت کي محسوس ڪرڻ گهرجي.
  • جيستائين پ پ حڪومت جو تعلق آهي ته ان مٿان سڀ کان وڌيڪ تنقيد ان ڳالهه تي ئي ٿيندي آهي ته اُها گُڊ گورننس ڏيکارڻ ۾ ناڪام وئي آهي.
  • ظاهر آهي ته جيڪڏهن حڪومتي ۽ انتظامي ادارن ۾ نااهل ۽ ڪرپٽ ماڻهن کي رکيو ويندو ته بيڊ گورننس جا ئي ريڪارڊ قائم ٿيندا.
  • سنڌ ۾ رڳو وڏي وزير جو نالو نمايان نظر اچي ٿو، ٻيا وزير وزارتون وٺي الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويا آهن. سندن وزارتون ڪم ڪندي نظر ئي نٿيون اچن.
  • اهڙي ٻاٽ اونداهي ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ايماندار اهل ۽ اصول پرست وزير، ڪامورو يا پوليس آفيسر هوندو ته اُهو به اک ۾ ڪنڊو بڻجي ويندو.
  • لڳي ٿو ته ايماندار ۽ اهل ماڻهن جي پ پ حڪومت کي ضرورت ئي ناهي. انهن کي صرف ۽ صرف ڪمائو پٽ گهرجن، جيڪي ڪرپشن ۾ ماهر هجن.
  • پ پ حڪومت جو اصولي طور تي اهو موقف بلڪل درست آهي ته وزير چونڊڻ يا کاتن ۾ آفيسر مقرر ڪرڻ يا بدلي ڪرڻ جو ان کي صوابديدي اختيار به آهي ۽ حق به آهي، پر اهو ته ڏسبو نه ته اهو حق اُهي ڪهڙي معيار تحت استعمال ڪن ٿا.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن به ڪنهن وزير يا آفيسر کي حڪومت پنهنجي عهدي تان هٽائيندي هئي ته اهو تاثر هوندو هو ته پڪ ئي پڪ هو نااهل ۽ ڪرپٽ هوندو پر هاڻي جڏهن به حڪومت ڪنهن وزير يا آفيسر کي پنهنجي عهدي تان هٽائي ٿي ته پهريون تاثر اهو ئي جڙي ٿو ته پڪ ئي پڪ اهو ايماندار، اهل ۽ اصولن تي سودي بازي نه ڪندڙ وزير يا ڪامورو هوندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي گهوٽالي جو ملڪي معيشت تي پوندڙ اثر

صاحب خان ڀٽي پاناما ليڪس نواز ليگ کي اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي