17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

گوادر ۾ سنڌي پورهيتن جو قتل عام

جي اين  مغل

هيءُ واقعو چند ڏينهن پهرين بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ ٿيو، جنهن ۾ هڪ تنظيم جي دهشتگردن ان علائقي ۾ رستو تعمير ڪندڙ پورهيتن جو گهيراءُ ڪيو ۽ جن پورهيتن سنڌي ۾ ڳالهايو، انهن کي هڪ قطار ۾ بيهاري گولين جو نشانو بنايو ويو، بعد ۾ هنن جا لاش سنڌ ۾ سندن اباڻي ضلعي نوشهروفيروز موڪليا ويا، جتي هنن کي دفنايو ويو، ان واقعي جو سڄي سنڌ کي شديد غم ۽ غصو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن سنڌي تصور به ڪو نه ٿي ڪيو ته بلوچ، سنڌين سان اهڙو سلوڪ ڪندا، سنڌين ۽ بلوچن کي خاص طور تي پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ هڪ ٻئي جا اتحادي تصور ڪيو ويندو آهي، ان قسم جا تصور ماضيءَ ۾ ڪئين موقعن تي سامهون آيا آهن ۽ مون کي ياد آهي ته ڪافي وقت اڳ جڏهن نواب يوسف ٽالپر سنڌي، بلوچ، پختون فرنٽ جو حصو هو، ان وقت انهيءَ فرنٽ جو اهم اڳواڻ سردار عطاءُ الله مينگل حيدرآباد آيو هو، جتي هن نواب يوسف ٽالپر جي رهائشگاهه تي هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو هو. رات جي مانيءَ کان پوءِ ٻيا صحافي ۽ دانشور هليا ويا، باقي سردار عطاءُ الله مينگل ۽ اسان ٻن ڄڻن جي ڪچهري جاري رهي، انهن ٻن ڄڻن ۾ هڪڙو آئون ۽ ٻيو ممتاز دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي شامل هئاسين، خبر نه آهي ته ميراڻي صاحب کي ان ملاقات دوران ٿيل ڪچهري ياد آهي يا نه، ان ڪچهريءَ ۾ هڪ ته ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سنڌي ۽ بلوچ فطري اتحادي آهن ۽ هنن کي ويجهو اچڻ گهرجي، ان ڪچهريءَ ۾ سردار مينگل منهنجي ان تجويز سان اتفاق ڪيو ته فوري طور تي سنڌي بلوچ دانشورن جو هڪ گڏيل فورم ٺاهيو وڃي، بهرحال ان تجويز تي عمل نه ٿي سگهيو، اهڙي نموني مون کان سواءِ ٻين به ڪجهه سنڌي سياستدانن ۽ دانشورن اهڙيون ڪوششون ڪيون، هالانڪه ٻنهي طرفن کان هر وقت مثبت موٽ پئي آئي، پر ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي، هر ڀيري ايئن ڇو ٿيو “آئون ڪافي عرصي کان ان سلسلي ۾ سنجيدگي سان سوچيندو اچان” ۽ سدائين آئون ان راءِ تي پهچندو آهيان ته انهن ڪوششن جي سبوتاز ڪرڻ جي پويان ڪي خاص قوتون هيون، جيڪي پهرئين ڏينهن کان ائين نه پيون چاهين ته سنڌي ۽ بلوچ گڏجن، ان سلسلي ۾ هڪ ٻي به ڪوشش ڪئي وئي، ان تحت سينيئر صحافي مجاهد بريلويءَ جي ذريعي منهنجا بي ايس او جي هڪ اهم اڳواڻ سان ويجها ناتا هئا، مون کي ياد آهي ته ڪوئيٽا ۾ مون هن سان اها ڳالهه ڪئي ته سنڌي ۽ بلوچ دانشورن جو گڏيل فورم هجي ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن کي انهن بلوچ ويڙهاڪن قتل ڪري ڇڏيو، جن کي هن سياست ۽ اهڙي تحريڪ هلائڻ لاءِ سکيا ڏني هئي، هڪڙي ڳالهه کي تسليم ڪرڻو پوندو ته ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت طرفان جڏهن بلوچن خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ بلوچ پهاڙن تي چڙهي ويا ۽ حيدرآباد سازش ڪيس تحت اهم بلوچن، پختون ۽ کاٻي ڌر جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي حيدرآباد جيل ۾ بند ڪيو ويو، جن ۾ مشهور شاعر حبيب جالب به شامل هو، ان جي نتيجي ۾ بلوچن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ خود سنڌين خلاف ڪنهن حد تائين نفرت پيدا ٿي وئي هئي، ان سلسلي ۾ آئون هتي هڪ واقعي جو ذڪر ڪندس، جنهن جو آئون عيني شاهد آهيان، هڪ ڀيري آئون مجاهد بريلوي صاحب ۽ اسان جو مشترڪ دوست مجيد بلوچ هڪ بلوچ دوست جي دعوت تي بلوچستان جي علائقي تربت وياسين، اسين ٻه ٽي راتيون اتي رهياسين، هڪ رات اسان جي ميزبان دوست اتان جي ڪجهه بلوچ دانشورن کي به مدعو ڪيو، ماني کائڻ کان اڳ ڪچهري جاري هئي ته مون انهن دوستن کان پڇيو ته آئون ڄاڻان ٿو ته پنهونءَ جو قلعو هتي ڪٿي آهي، مون اهو سوال ان ڪري ڪيو جو مون سوچيو ته جيڪڏهن اڃان هڪ ٻه ڏينهن آهيون ته انهيءَ دوران پنهون جي قلعي جو دورو ڪجي، منهنجي ان سوال ڪرڻ تي بلوچ دانشور دوست ٽوڪ واري انداز ۾ وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا ۽ هٿ ٻڌي چوڻ لڳا ته يار انهيءَ سسئيءَ کان جان ڇو نه ٿي ڇٽي، اهو ٻڌي مون کان به نه رهيو ٿيو ۽ سخت ردعمل ظاهر ڪيو، پر ٻين بلوچ دوستن ۽ مجاهد بريلوي وچ ۾ پئي ڳالهين جو رخ ڦيرايو، هتي آئون اها ڳالهه رڪارڊ تي ضرور آڻڻ چاهيندس ته ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت طرفان بلوچن خلاف آپريشن جي نتيجي ۾ بلوچن کي نه فقط ذوالفقار علي ڀٽي پر سسئي کان به ايتري نفرت ٿي پئي هئي. جو هو سسئي جو نالو به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا، ياد رهي ته 1972ع جي چونڊن کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب ۾ پ پ حڪومت ٺاهي باقي وفاقي حڪومت ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) ۽ جي يو آءِ جي اتحاد جون حڪومت ٺهيون، ڪجهه عرصو ته پ پ جون حڪومتون ۽ نعپ ۽ جي يو آءِ جون گڏيل حڪومتون هڪ ٻئي کي برداشت ڪنديون رهيون، پر هڪڙو ڏينهن اهو آيو، جڏهن نعپ ۽ جي يو آءِ، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي حڪومت تان استعيفيٰ ڏني ۽ نه فقط ڪي پي ڪي پر بلوچستان ۾ پ پ حڪومت خلاف هٿياربند جدوجهد شروع ڪري ڇڏي، فوج ته تيار ويٺي هئي، تنهن بلوچستان جي بلوچن خلاف شديد فوجي آپريشن شروع ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ بلوچن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پهاڙن تي چڙهڻو پيو.

پر درحقيقت، پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ نعپ ۽ جي يو آءِ جي گڏيل حڪومت ۽ پارٽين وچ ۾ ان قسم جي محاذ آرائي واري صورتحال جي پسمنظر ۾ ڪي ٻيون به اهم حقيقتون آهن، جن کي به منظر عام تي آڻڻو پوندو، جڏهن پيپلز پارٽي ۽ نعپ جي وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ايتري وڌي جو نظر اچي رهيو هو ته اها ڇڪتاڻ ڪنهن تباهه ڪن محاذ آرائي ۾ ڪنهن به وقت تبديل ٿي سگهي ٿي ته نعپ طرفان پشاور ۾ سڄي ملڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو هڪ اجتماع سڏايو ويو، هڪ طرف اها صورتحال پيدا ٿي رهي هئي ته ٻئي طرف نعپ جي ممتاز بلوچ اڳواڻ ۽ بلوچستان جي گورنر مير غوث بخش بزنجي ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي وچ ۾ ڪن وچ وارين عوام دوست قوتن جي مشوري سان ڳالهيون شروع ٿيون ته ڪيئن پ پ ۽ نعپ وچ ۾ سهڪار جاري رهي ۽ ڇڪتاڻ پيدا نه ٿئي، غوث بخش بزنجو، ذوالفقار علي ڀٽي سان ڳالهيون مڪمل ڪري سڌو پشاور نعپ جي اجلاس ۾ پهتو، مير صاحب جي پهچڻ کان اڳ ئي “ڪجهه عناصرن” نعپ جي ڪارڪنن ۾ پروپئگنڊا ڪري ڇڏي ته مير صاحب ڀٽي جون ڳالهيون مڃي اچي رهيو آهي، ان ڪري انهيءَ اجلاس ۾ ڪافي حد تائين مير صاحب خلاف جذبات کي اڀاريو ويو. اجلاس ۾ مير صاحب جي پهچڻ شرط کيس ڊائيس تي گهرايو ويو ۽ اعلان ڪيو ويو ته مير صاحب اجلاس کي ڀٽي صاحب سان ڳالهين کان آگاهه ڪندو. مير صاحب مختصر تقرير ڪرڻ کان پوءِ جيئن ڀٽي سان ڪيل مفاهمت جون خاص خاص ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون ته سڄي اجلاس مان مير صاحب خلاف نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا، انهن نعرن ذريعي مير صاحب جو مذاق اڏايو ويو، خاص طور تي مير صاحب کي “باباءِ مذاڪرات”  سڏي هن جو مذاق اڏايو ويو، ان مرحلي تي مير صاحب پنهنجي تقرير روڪيندي اجلاس جي شرڪاءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون ڀٽي صاحب سان مفاهمت جو جيڪو فارمولو طئي ڪيو آهي، ان سان آئون متفق آهيان ۽ ايمانداريءَ سان سمجهان ٿو ته ملڪ جون لبرل ۽ عوام دوست پارٽيون مضبوط ٿينديون ته ملڪ ۾ جمهوريت به مضبوط ٿيندي، بهرحال ايترو چئي مير صاحب چيو ته جيتوڻيڪ آئون ان مفاهمت واري فارمولي سان سهمت آهيان، پر مون ڀٽي صاحب کي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي پارٽيءَ انهيءَ فارمولي کي رد ڪيو آهي ته سمجهو ته مون به هن فارمولي کي رد ڪيو آهي. اهو چوڻ کان پوءِ هن انتهائي جذباتي انداز ۾ جلسي جي شرڪاءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته “پر منهنجي هڪ ڳالهه ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو ته جيڪڏهن هن فارمولي کي رد ڪيو ويو ۽ پ پ ۽ نعپ ۾ جارحيت شروع ٿي وئي ته پوءِ اهو ڏينهن پري ڪونهي، جڏهن پ پ فوج جي هنج ۾ هوندي ته اسان جماعت اسلامي جي هنج ۾ هونداسين ۽ جمهوريت هڪ ڀيرو وري شڪست کائيندي ۽ مارشل لا جو ڏنڊو هلندو، هتي اها ڳالهه واضح ڪرڻ ۾ به ڪو حرج نه آهي ته هاڻ انهن اطلاعن جي تصديق ٿي چڪي آهي ته پ پ ۽ نعپ جي مفاهمت ۽ مير غوث بخش بزنجي جي خلاف نعرا هڻندڙن جي اڪثريت انهن جي هئي، جيڪي ڪميونسٽ پارٽي جا ميمبر هئا ۽ ان وقت نعپ ۾ هئا.

هن مرحلي تي هڪ ٻئي اهم واقعي جو ذڪر ڪندس، جنهن جو شاهد آئون آهيان، آئون ڀايان ٿو ته اٽڪل ٻه سال اڳ آئون شام جو ڪراچي پريس ڪلب جي ٽيئرس تي ويٺو هيس، منهنجي ڀرسان بلوچن جو هڪ گروپ هو، جن ۾ ڪي بلوچ لياري جا هئا ته ڪي بلوچ بلوچستان جا هئا، اسان ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ هڪ بزرگ شخص پڻ ويٺو هو، آئون ان ڪميونسٽ ليڊر جو ڪافي احترام ڪندو آهيان، ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن به حڪومت ۽ سماجي ڌر جي قوتن آڏو گوڏا نه کوڙيا آهن ۽ سدائين سچ ڳالهائيندو آهي، هلڪي ڦلڪي ڪچهري ٿي رهي هئي ته اوچتو هڪ بلوچ دوست مذاق واري موڊ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ان اڳواڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اسان بلوچن کي فوج خلاف پهاڙن تي چڙهڻ تي هنن چڱن مڙسن مجبور ڪيو، پر جڏهن فوج ۽ اسان جي وچ ۾ مارا ماري وڌي وئي ته هنن اسان کي نياپو موڪليو ته ڀٽي خلاف تحريڪ بند ڪريو ۽ پهاڙن تان هيٺ لهي اچو، اهو ٻڌي اسين سڀ حيران ٿي ان بزرگ ڪميونسٽ ڏانهن ڏسڻ لڳاسين، پر هن جيڪو جواب ڏنو، ان اسان کي ويتر وڌيڪ حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هن ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏيندي چيو ته هنن جي ڳالهه اها سچي آهي ته اها صورتحال اسان ڪميونسٽ پارٽي وارن پيدا ڪئي، پر ان کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽو روس جي دوري تي ويو، جتي روس جي وزيراعظم ڪوسيگن سان ملي هن روس کي (ڪراچي) گرم پاڻي تائين پهچڻ جي آڇ ڪئي، روس ان لاءِ آتو هو، تڏهن اها آڇ قبول ڪئي، ان جي نتيجي ۾ روس جي ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي کي هدايتون ڏنيون ته ڀٽي خلاف تحريڪ ختم ڪئي وڃي، اها ڳالهه آمريڪا کان نه لڪي ۽ ان ڀٽو حڪومت جي خاتمي جو فيصلو ڪيو. (هلندڙ)

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي گهوٽالي جو ملڪي معيشت تي پوندڙ اثر

صاحب خان ڀٽي پاناما ليڪس نواز ليگ کي اهڙي هنڌ بيهاري ڇڏيو آهي، جنهن جو …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي