11 پیر , دسمبر 2017

عوامي آواز : اي ڊي خواجا جي پوئتي هٽڻ جا قانوني سبب آهن، سياستدانن ميڊيا کي به ڪرپٽ بڻائي ڇڏيو : جلال شاهه | پروگرام : اڄ جو سوال

پ پ جونيئر آفيسرن کي ترقيون ڏئي ڪم وٺڻ چاهي ٿي، گوادر واقعو سنڌين ۽ بلوچن ۾ نفرت پکيڙڻ جي سازش آهي

پ پ سنڌ ۾ ڪمدار ڀرتي ڪيا آهن، گوادر واقعو بلوچن نه پر دهشتگردن ڪيو آهي: نصير ميمڻ

سنڌي ميڊيا قوم پرستن جو آواز بڻي آهي، اڄ جو سماج غير قانوني طريقا ڳولي رهيو آهي: الطاف پيرزادي جون پروگرام ”اڄ جي سوال“ ۾ ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) گوادر ۾ غريب مزدورن جي قتل جي مذمت ڪيان ٿو پر بلوچستان ۾ جمهوري سياست ڪرڻ وارن کي به نشانو بڻايو ويو آهي. انهن جا ماڻهو به قتل ڪيا ويا آهن. اهڙن واقعن ذريعي سنڌين ۽ بلوچن وچ ۾ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدرجلال محمود شاهه اهڙن خيالن جو اظهار عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ”اڄ جو سوال“ ۾ ذوالفقار واهوچو سان ٽيلي فون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته منهنجي جماعت جا نمائندا قتل ٿيڻ وارن جي وارثن سان تعزيت ڪري آيا آهن. هن چيو ته سنڌ جي آءِ جي اي ڊي خواجا جا هٿيار ڦٽا ڪرڻ پٺيان قانوني سبب آهن، سرڪاري ملازم گهڻو وڙهي نه ٿو سگهي، ارڙهين ترميم کانپوءِ پوليس عملدارن جي بدلي چيف سيڪريٽري ذريعي ڪئي وڃي ٿي. سنڌ ۾ جونيئر آفيسرن کي ترقي ڏئي انهن کان مختلف ڪم ورتا وڃن ٿا. ڪرپت سياستدانن ميڊيا کي به ڪرپٽ ڪري ڇڏيو آهي. پروگرام ۾ ڳالهائيندي سينيئر صحافي الطاف پيرزادي چيو ته ميڊيا مان ڪو به خوش نه هوندو آهي، سنڌي ميڊيا هميشه قومپرست ڌرين جو آواز بڻي آهي، سنڌ جي ڪاز کي قومپرستن سان گڏجي کنيو آهي. پنهنجي ڪوتاهي ميڊيا مٿان مڙهڻ نه گهرجي. سنڌ پئرس ۽ نيويارڪ اقتدار ۾ ويٺلن جي  سچائي کانسواءِ نه ٿي سگهندي. دنيا جڏهن اونداهين ۾ هئي سنڌ جا ماڻهو تهذيب يافته هئا. اڄ جو سماج شارٽ ڪٽ ڳولهڻ، راتون رات طبقا مٽائڻ لاءِ غير قانوني طريقا ڳولهي رهيو آهي. ٽيلي فون لائين تي ڳالهائيندي دانشور ۽ اديب  نصير ميمڻ چيو ته اهو نه چوڻ گهرجي گوادر واقعو بلوچن ڪيو آهي پر اصل ۾ بلوچن جي نالي تي دهشتگردن ڪيو آهي. عبدالمالڪ بلوچ سميت ڪيترن بلوچ قومپرست اڳواڻن ان جي مذمت ڪئي آهي. اڳي يا پوءِ تعزيت لاءِ به اچي سگهن ٿا. سنڌي ۽ بلوچن جا صدين کان سماجي ثقافتي ناتا رهيا آهن. گڏيل ڪاروبار، زمينون آهن، سرڪاري ملازم هڪ حد کان وڌيڪ حڪومت سان ٽڪراءُ ۾ نٿو وڃي سگهجي. پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ڪمدار ڀرتي ڪيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے