29 سومر , مئي 2017

عوامي آواز : ڪارو ڪاري اسان جي رسم ناهي : مهتاب اڪبر راشدي | پروگرام : سرتيون

اها رسم بلوچستان مان لڏي آيل ماڻهو کڻي آيا

خدا عورتن کي عظمت ڏني پر اسان کين غلام ڪري ڇڏيو

ڪمزور پارليامينٽ حدود آرڊيننس کي مڪمل ختم نه ڪري سگهي

سس ننهن کي بنيادي حق ڏي: ع آ ٽي وي پروگرام سرتيون ۾ اظهار

ڪراچي ( رپورٽر  ) مان جنهن ماحول ۾ اک کولي انهي ۾ پنهنجي پيءُ کي نياڻين جي تعليم لاءِ  فڪر مند ڏٺو، عورت معاشري جو مضبوط ٿنڀو آهي، زندگي جي هر شعبي ۾ انهي کي شامل ڪرڻ گهر جي تعليم يافتا عورت نه صرف گهر پر معاشري کي به تعليم يافتا ڪري ٿي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر دانشور  ۽ ليکڪا مهتاب اڪبر راشدي هنن خيالن جو اظهار عوامي آواز جي پروگرام سرتيون ۾ ميزبان حميده گهانگهرو سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ مختلف ادارن ۾ڪم ڪيو آهي، پر  هر اداري ۾ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيو آهي، خدا  قرآن پاڪ ۾ عورت کي عظمت ڏني آهي، پر اسان رسمن رواجن جا غلام آهيون حدود آرڊيننس خلاف عورت وڏو جاکوڙيو آهي پر پارليامينٽ ڪمزور آهي، آرڊيننس کي مڪمل ختم ناهي ڪري سگهي، رياست کي گهرجي عورتن کي وڌيڪ تحفظ ڏئي عورت اخلاقي طور ايتري مضبوط ناهي جو جنسي طور هراسان ڪيو وڃڻ خلاف آواز اٿاري سگهي پر اڄ ڪلهه جي عورت بهادري ڏيکاري رهي آهي، شادي ۽ طلاق رجسٽرڊ نٿيون ڪيون وڃن، جنهن سبب عورتون آرڊيننس تحت ٻي شادي کانپوءِ نشانو بڻايون وڃن ٿيون، مذهب هڪ دفعي ۾ ٽي طلاقون حرام قرار ڏنيون آهن، ڪاروڪاري اسان جي رسم ناهي سنڌ ۾ عورت کي ست قرآن چيو ويندو هو نياڻي جي لڙي وڃڻ تي خون معاف ڪيا ويندا آهن، ڪاروڪاري جي رسم بلوچستان مان لڏي ايندڙ قبائلي ماڻهو کڻي آيا، پر هاڻ هن رسم خلاف قانونسازي ٿي آهي، اهو ظلم آهي،پٽ جي چوڻ تي پسند جي شادي ڪرائي وڃي ٿي، پر ڇوڪري جي پسند ٻڌائڻ تي ان کي قتل ڪيو وڃي ٿو، ڪاروڪاري رسم پٺيان معاشي سبب آهن، زمين ڦٻائڻ سڱ چٽي وٺڻ يا پئسن لاءِ قتل ڪيو وڃي ٿو، سکر هاءِ ڪورٽ جرڳن تي پابندي هنئي پوءِ به جرڳا ڪيا وڃن ٿا ۽ جرڳا ڪندي صوبائي وزير اسيمبلي ميمبر آهن، اهڙا رسم رواج جيڪي ترقي ۾ رڪاوٽ آهن، ختم ٿيڻ گهرجن مونکي پي ٽي وي تي رئو پائي خبرون پڙهڻ لاءِ چيو ويو مان نوڪري ڇڏي ڏني، مذهب  شانائتو لباس رکڻ لاءِ چيو آهي شرم حجاب عزت احترام جيترو عورت تي لازم آهي اوترو مرد تي لازم آهي، رسو الله صله جي زماني ۾ انهن جي پڦين جنگ ۾ زخمين جو علاج ڪنديون هيون جنگ خندق ۾ بيبي سفيه پهرو ڏنو پاڻ ڪريم صله جن وحي جي خبر سب کان پهريون گهرواري کي ڏني ڪربلا واقعي ۾ بيبي زينب يزيد جي درٻار ۾ تقرير ڪئي هئي، اسان وٽ مرد ماءُ ۽ زال جي وچ ۾ سينڊوچ بڻجي وڃي ٿو سس کي گهرجي  ننهن کي پنهنجا حق ۽ جائز عزت مقام ڏي نئين ايندڙ ڇوڪري کي ماحول سمجهڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، ٻاهرين ملڪن ۾ مرد گهر جو هر ڪم ڪري ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-05-28-21h36m02s779

عوامي آواز: نيوز بليٽن

*دنيا ۾ ڪرپٽ ماڻهو ڪڏهن به تبديلي نه آڻيندو آهي:خواجا سعد  رفيق *ڪالاباغ ڊيم ٺهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي