11 پیر , دسمبر 2017

عوامي آواز|رپورٽ|حڪومتي سطح تي عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ قانون جوڙي عورتن کي حق ڏنا وڃن

رپورٽ اعجاز چانڊيو

حيدرآباد ۾ سماجي تنظيمن اسپارڪ ۽ ايس ڊي ايف پاران عورتن جي حقن جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد جي اڳواڻ انيسا ولي الله چيو ته عورت معاشري جو هڪ اهم  حصو آهي، پر سنڌ جي عورت تمام گهڻي ظلم هيٺ آهي، سندس چوڻ هو ته گهريلو عورتن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو، نوڪريون ڪندڙ عورتن کي حراسا ڪيو وڃي ٿو، عورتن کي پنهنجي بنيادي ۽ انساني حقن کان به محروم رکيو ويو آهي.وومين ڪمپلين سياستدانن، سماجي اڳواڻن ۽ پوليس عملدارن چيو آهي ته عورت معاشري جو اهم حصو آهي، پر سنڌ جون عورتون تمام گهڻي ظلم هيٺ آهن، عورتن کي حق ڏيارڻ لاءِ سمورين ڌرين کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.سيل حيدرآباد جي انچارج سيده قرت العين شاهه چيو ته هن عورتن جي ڀلائي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، عورتن کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ سان گڏ عورتن مٿان ٿيندڙ ظلمن خلاف هن ڀرپور آواز اٿاريو آهي.سندن چوڻ هو ته جيڪا عورت 500 روپين جيترو پورهيو ڪري ٿي ان سان ناانصافي ڪندي کيس ان پورهيي جو صرف 50 روپيا اجورو ڏنو وڃي ٿو، جيڪو ظلم ۽ ناانصافي آهي، عورتن کي پنهنجي پورهيي جو صحيح اجورو ملڻ گهرجي. ٽنڊوالهيار ضلعي جي چيئرمين مخدوم علي محمد ولهاري چيو ته عورتون تمام گهڻن مسئلن جي ورچڙهيل آهن، عورتن کي صحت ۽ تعليم کان محروم رکيو ويو آهي.سندس چوڻ هو ته ميڊيا، پوليس ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن عورتن کي تعليم ڏياري سگهجي. پڙهيل لکيل عورت ئي پنهنجا حق حاصل ڪري سگهي ٿي.اسپارڪ جي اڳواڻ ڪاشف بجير چيو ته هو عورتن جي حقن جي حوالي سان ٽنڊواليهار ۾ ڪم ڪري رهيا  آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کان محروم رکڻ لاءِ عورتن کي شناختي ڪارڊ نٿا ٺاهي ڏنا وڃن. جيڪا سراسر ي ناانصافي آهي. هن چيو ته عورتن کي گهرن ۾ قيد ڪيو ويو آهي، کين علاج لاءِ اسپتال وڃڻ جي اجازت نٿي ملي، جنهن ڪري عورتون بيمارين ۾ وڪوڙجي موت جي ورچڙهي وڃن ٿيون.سندس چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ عورتن سان ظلم ۽ ناانصافين جو سلسلو وڌي ويو آهي، حڪومتي سطح تي واهر نه ٿيڻ ڪري مسڪين ۽ غريب عورتون سخت تڪليف واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اي ايس پي زاهده پروين چيو ته سنڌ جي عورت تمام گهڻي بهادر آهي، عورتن کي گهرجي ته هو وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري پوليس کاتي ۾ ڀرتي لاءِ ڪوششون وٺن.

سندس چو هو ته سنڌ ۾ عورتن جي تعليم تمام گهڻي گهٽ آهي، عورتن کي حق ڏيارڻ لاءِ سول سوسائٽي جي کنيل قدم ساراهه جوڳو عمل آهي. ڪنهن به عورت سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي کي برداشت نه ڪيو ويندو، هوءَ پوليس ۾ رهي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙي رهي آهي.

 ان موقعي تي اوم پرڪاش چيو ته هن معاشري ۾ عورتن جو وڏو ڪردار آهي، عورت ماءُ، ڀيڻ ۽ گهرواري جي صورت ۾ آهي، حيدرآباد ۾ وومين سينٽر ٺاهيا ويا آهن، جيڪا واکاڻ جوڳي ڳالهه آهي، عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ تڪڙا قدم کڻي پريشانين کي گهٽايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے