20 آچر , آگسٽ 2017

گڊز ٽرانسپورٽرز هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي: گورنر سنڌ محمد زبير

Mohd Zubairڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته گڊز ٽرانسپورٽرز هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي، محمد زبير نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته گڊز ٽرانسپورٽرز جي مطالبي تي مال بردار گاڏين جي لاءِ سڪيورٽي ڏني ويندي، هن اهو به چيو ته ڪجهه ٽرانسپورٽرز اڃا به طئي نه ڪري سگهيا آهن، مال جي ترسيل شروع ڪئي پئي وڃي، گڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال کي اڄ ڏهون ڏينهن هيو، ٽرانسپورٽرز طرفان هڙتال جي خاتمي جو باضابطا اعلان شام 6 وڳي ڪيو ويندو، گڊز ٽرانسپورٽرز جي هڙتال سبب ڪراچي جي بدرگاهن تي گنجائش ختم ۽ درآمدي ۽ برآمدي ڪنٽينرز جي ترسيل مڪمل بند ٿي وئي، گڊز ٽرانسپورٽرز جي احتجاج سبب ڪراچي اندر شيون پهچائڻ مڪمل بند هئڻ سان ڪي آءِ سي ٽي، پي آءِ سي ٽي ۽ بن قاسم پورٽس تي ڪنٽينر هينڊلنگ جي گنجائش ختم ٿي وئي، بندرگاهن تي سمورو ڪم بند ٿيڻ سان ملڪي معيشت کي سخت نقصان پهچي رهيو هيو، جڏهن ته ترسيلات بند هئڻ سان ملڪ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي کوٽ جو خدشو به پيدا ٿي ويو هيو، گذريل ڏينهن گورنر سنڌ ۽ گڊز ٽرانسپورٽرز وچ ۾ ٿيل ڳالهين جا ٻئي دور نتيجو ڏيندڙ ثابت نه ٿي سگهيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هر چوٿون پاڪستاني شگر جي مرض ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ تازي سروي ۾ خبر پئي آهي ته پاڪستان جي 20 ڪروڙ …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي