17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

عوام کي وچڙندڙ بيمارين کان بچائڻ جي گهرج

اطلاع آهن ته سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ارڙيءَ جي بيماري وبائي شڪل اختيار ڪري وئي آهي ۽ ڪيئي ٻار ارڙيءَ ۾ وٺجي اسپتال ڀيڙا ٿيا آهن، چيو وڃي ٿو ته ارڙيءَ جي مرض سانگي، صالح پٽ، ڪنڌرا، سنگرار ۽ ڀرپاسي جي ٻين علائقن ۾ به ڪَرُ کنيو آهي. گرميءَ ۾ واڌ سان اهو مرض به وڌيو آهي.

ڏٺو وڃي ته سنڌ اندر باقي شعبن جيان صحت واري شعبي جا به حالَ هيڻا آهن، ٻيو ته ٺهيو عوام کي سندن دَرَ تي صحت جون سهولتون پهچائڻ لاءِ جيڪي اسپتالون پٺتي پيل علائقن ۾ قائم آهن، تن مان ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، شڪارپور ۽ قمبر- شهدادڪوٽ ضلعن ۾ ايڪويهه اسپتالون بند آهن، ٻيو ته ٺهيو ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبليءَ کي ٻڌايو ويو هو ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ به 50، 50  بسترن واريون ٻه اسپتالون بند آهن.

هڪ پاسي اطلاع آهن ته سنڌ سرڪار جي صحت واري کاتي ايندڙ مالي سال يعني 18-2017ع لاءِ بجيٽ تجويزون جوڙي ورتيون آهن ته ٻئي پاسي ٻڌايو پيو وڃي ته هلندڙ مالي سال يعني 17-2016ع دوران صحت جي شعبي لاءِ جيڪا بجيٽ رکي وئي هئي، تنهن جو رڳو 34 سيڪڙو ئي استعمال ٿي سگهيو آهي، يعني 66 سيڪڙو بجيٽ مورڳو استعمال ئي ناهي ٿي. ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنَ اهم شعبي جا اڪابَرَ سنڌ اندر ماڻهن کي صحت جون سهولتون سندن ويجهو پهچائي ڏيڻ ۾ ڪيترا سنجيده آهن؟

رڳو ارڙي ئي نه پر پوليو جو مرض به به سنڌ لاءِ مستقل طور مٿي جو سورُ بڻيل آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ صحت واري عالمي اداري سميت مختلف عالمي ادارن سان گڏجي ورهين کان وٺي مهم هلائي ويندي رهي آهي. هر ٻئي ڏينهن مهيني پوري ملڪ جيان سنڌ ۾ به پوليو جي پاڙ پٽڻ واري مهم هلائي ويندي رهي ٿي،پر ڪراچي هجي يا ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڪٿان نه ڪٿان پوليو جو ڪو نه ڪو ڪيس ظاهر ٿيو پوي ٿو. ايتري قدر جو وچ تي ته عالمي ادارن چٽن لفظن ۾ چئي ڇڏيو هو ته هيڏي فنڊنگ باوجود جي هيءُ مرض ختم نه ٿو ٿئي ته پوءِ اڳتي فنڊنگ نه ڪئي ويندي، ايتري قدر جو هنن ان ڏس ۾ لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي به سوال اٿاريا هئا.

جيئن جيئن وقت گذرندو، دنيا ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي آسمان کي ڇهندي پئي وڃي، تيئن تيئن اسان جي ادارن جو رهيو کُهيو نور به چٽو ٿيندو پيو وڃي. اڳ ۾ مڇر جي چَڪَ سبب جي مليريا جو مرض عامُ هو ته ان جي خاتمي لاءِ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مليريا کان بچاءَ جو ڦوهارو ٿيندو هو، اڄ مڇرن کان بچاءُ لاءِ اسپري وارو کاتو ته موجود آهي، اسپري لاءِ بجيٽ به هر سال رکي وڃي ٿي، پر نه ته اسپري ٿو ٿئي، نه ئي وري مڇرن جو خاتمو ٿو ٿئي، هاڻي ته ڳالهه مليريا کان اڳتي وڌي وڃي ڊينگي تائين پهتي آهي، جنهن ماڻهن جو ساهُه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي.

چوڻ جو مطلب ته انتظامي لاپرواهي ۽ ادارن ۾ ويٺل ماڻهن طرفان پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم نه ڪرڻ جي ڪري ئي ادارا اڄ هن پنڌ پهتا آهن. ڊاڪٽر اسپتالن، خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي اسپتالن ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهن. اسپتالن ۾ مريضن کي ڏيڻ لاءِ جيڪي دوائون سرڪار مُهيا ڪري ٿي، سي مريضن کي ملڻ بدران، الائجي ڪيڏانهن ٿيون وڃن، ان جو ڪو ليکو چوکو ناهي.

ارڙي، پوليو، گيسٽرو، ڊينگي ۽ ڪارو ڪامڻ مطلب ته جيڪي به بيماريون آهن تن جو علاج ممڪن به آهي ۽ ٿي به سگهي ٿو پر ان لاءِ لاڳاپيل ادارن ۽ ذميوار عملدارن کي سچائي ۽ نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو. وڌيڪ وسيلا ۽ سهولتون جيستائين ميسر ٿين، ڇا تيستائين جيڪي وسيلا آهن، جيڪي بنيادي صحت مرڪز، ڳوٺاڻا صحت مرڪز، تعلقي ۽ ضلعي سطح جون جيڪي اسپتالون آهن، انهن جي درست نموني استعمال کي يقيني بڻائيندي به جي مڪمل نه تڏهن به صحت جي شعبي ۾ چڱي بهتري آڻي سگهجي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير خاص ڪري صحت واري وزير کي عوام جي زندگيءَ لاءِ انتهائي اهم هن شعبي کي نئين دڳ آڻڻ لاءِ سنجيده ڪوششون وٺڻ گهرجن، اهڙو طريقيڪار به اختيار ڪيو وڃي، جنهن تحت بجيٽ جو استعمال ۽ درست استعمال يقيني ٿئي، ايئن نه ٿئي ته هڪ بجيٽ خرچ ئي نه ڪجي، اها ليپس ٿي وڃي ۽ وري ٻي بجيٽ ويهي ٺاهجي. سڀ کان پهريون ته جن به کاتن ڏنل وقت تي ترقياتي منصوبا مڪمل نه ڪيا آهن، انهن جي بجيٽ استعمال نه ڪري سگهي آهي، تنهن جي ذميوارن کان آڏي پڇا به ٿيڻ گهرجي، انهن خلاف ڪارروائي به ٿئي ته جيئن سنڌ جي ماڻهن کي سهولتون مُهيا ڪرڻ لاءِ رکيل فنڊن جي استعمال ۾ لاپرواهي ڏيکارڻ يا بدانتظامي ڪرڻ جي ڪنهن کي جرئت نه ٿئي. جن علائقن ۾ ارڙي پکڙجڻ جا اطلاع آهن، اتي هنگامي بنيادن تي ٽيمون موڪلي متاثر ٻارڙن کي علاج جي سهولت سندن درن تي مُهيا ڪئي وڃي.

اربع 17 مئي 2017ع،  19 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ترقي جي ضمانت جمهوريت ۾ آهي

پاڪستان سرڪار کي بنا دير هڪ ڪم ڪرڻ گهرجي ته ملڪ ۾ پنهنجا ٽپڙ ساري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي