29 سومر , مئي 2017

عوامي آواز : عالمگيريت ثقافت ۽ ٻولي کي نقصان ڏنو: سحر گل | پروگرام : سنڌ منظر

بين القوامي شعور جا فائدا صرف شهرين تائين محدود آهن

ترقي جو مطلب يورپ جو نقل ناهي: ع آ ٽي وي پروگرام سنڌ منظر ۾ اظهار

ڪراچي (رپورٽر) عالمگيريت جا فائدا شعور، سياسي ۽ ذهن سازي وغيره ڦهلجي ناهن سگهيا صرف شهري علائقن تائيبن محدود آهن. عالمگيريت اسان جي زبان ۽ ثقافت کي نقصان پهچايو آهي. جامع ڪراچي جي بينظير چيئر جي ڊائريڪٽر شاعره ۽ اديبا سحر گل اهڙن خيالن جو اظهار عوامي آواز جي پروگرام سنڌ منظر ۾ ميزبان مقتدا منصور سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيوته حب الوطني ۽ جديد سوچ رکڻ وارو ماڻهو چاهيندو آهي هن جي ثقافت، زبان رسمون هميشه زندهه رهن. ترقي جو مقصد اهو ناهي اسان يورپ جي ڪلچر جي پيروي ڪريون يا يورپين سوچ ۽ شيون استعمال ڪيون. اڄ ڪلهه دنيا حد کان وڌيڪ خريداري جي جنون ۾ گرفتار آهي. اها روش رشتن کي ڪمزور ڪري رهي آهي هاڻي ته قرباني ۾ به مقابلا ڪيا وڃن ٿا. اهڙي قسم جو مقابلو انسانيت لاءِ نقصانڪار آهي. ٻارن۾ مقابلي واري سوچ به هنن جو ڪردار تباهه ڪري ٿي. ساڙ نفرت کي جنم ڏئي ٿي.هن چيو ته اها بحيثيت قوم اسان جي ناڪامي آهي ته اسان شاهه ڀٽائي کي نئين نسل تائين منتقل ناهيون ڪري سگهيا. اسان جا ٻار ٺيڪ ٻولي به نٿا ڳالهائي سگهن. پنهنجي قدرن ۽ روايتن جي حفاظت ڪرڻ دانشورن، قلمڪارن ميڊيا آئين ساز ادارن پاليسي ٺاهڻ وارن جي ذميوار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-05-28-21h36m02s779

عوامي آواز: نيوز بليٽن

*دنيا ۾ ڪرپٽ ماڻهو ڪڏهن به تبديلي نه آڻيندو آهي:خواجا سعد  رفيق *ڪالاباغ ڊيم ٺهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي