11 پیر , دسمبر 2017

عوامي آواز|رپورٽ |بدين : مير واه شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ سبب پاڻي جو بحران …

بدين  جي سامونڊي پٽي جي پوچڙ ۾ گذريل ٽن مھينن کان وٺي پاڻي جو ڦڙو به نه ڇڏيو ويو آهي، جنهن ڪري علائقي جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي جڏهن ته ماڻهو توڙي چوپايو مال اڃ مري رهيو آهي.

علائقي واسين ٻڌايو ته مير واھ جيڪو سيراڻي شھر، ڀڳڙا ميمڻ ،شيخ ڀرڪيو  ۽  ڀانڊاري تائين پاڻي ڏيندڙ آھي اهو ان۾ پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي.

ميرواهه ۾ پاڻي نه اچڻ سبب علائقي ۾ بک ۽ بدحالي جنم ورتوآهي جنهن ڪري ماڻهن جي وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ ٿيڻ جو پڻ خدشوآهي.

سيراڻي شھر سميت پوڇڙ تائين 10 ھزار ايڪڙ زمين کي ھٿ وٺي آبپاشي عملدارن سڪايو آھي  جنهن ڪري سکيا ستابا ماڻھون پاڻي نه ملڻ سبب ھن وقت پيٽ جي بک اجھائڻ لاءِ   ڪاٺيون وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪري رهيا آهن.

بدين جي سامونڊي پٽي جي رهواسين سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي آهي ميرواهه شاخ ۾ پاڻي پهچائي سندن اهنجن کي ختم ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ڪستو اڇلائڻ جا دعويدار حڪمرانن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي: ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي

جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي چيو آهي ته ڪستو اڇلائڻ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے