28 اربع , جون 2017

پاناما ليڪس ڪيس ۾ شامل سمورن ماڻهن کان جاچ بابت پ پ جو بل رد

qoomy asmbly ijlaasاسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ حڪومت جي مخالفت سبب پاناما ليڪس ڪيس ۾ شامل سمورن ماڻهن کان جاچ ڪرڻ بابت پ پ جي بل کي رد ڪري ڇڏيو. ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد جي صدارت هيٺ قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پ پ جي عذرا فضل پيچوهو پاناما ليڪس ڪيس ۾ شامل سمورن ماڻهن کان جاچ بابت بل پيش ڪيو. عذار فضل پيچوهو چيو ته پاناما پيپرز ۾ شامل سمورن ماڻهن کان جاچ ٿيڻ گهرجي. نويد قمر موقف اختيار ڪيو ته پاناما پيپرز ۾ جن ماڻهن جا نالا شامل آهن تن سڀني کان جاچ ٿيڻ گهرجي، حڪومت طرفان جوڙيل انڪوائري ايڪٽ کي عدالت تسليم ناهي ڪيو تنهن ڪري جي آءِ ٽي ٺاهي وئي آهي. پ پ جي بل تي ايوان مان راءِ ورتي وئي جنهن جي حڪومت طرفان مخالفت سبب اهو منظور نه ٿي سگهيو. شيري مزار الزام هنيو ته حڪومت بل کي بلڊوز ڪيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته بل کي بلڊوز نه ڪيو پر راءِ ورتي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان سڀ متحد، مسلمان ۽ پاڪستاني آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته اسان سڀ متحد، …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي