19 خميس , آڪٽوبر 2017

لنڊن جي هوائي اڏي تي پي آءِ اي جي اڏام جو عملو گرفتار، ڪيترائي ڪلاڪ آڏي پڇا کانپوءِ آزاد

pi aلنڊن( ويب ڊيسڪ ) برطانوي انتظاميه هيٿرو ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندڙ پي آءِ اي جي اڏام کي عملي کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين حراست ۾ رکي جهاز جي مڪمل جهڙتي ورتي وئي.  پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 758 لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي پهتي ته جهاز مان مسافرن جي لهڻ کانپوءِ انتظاميه عملي کي گرفتار ڪري ڪيترن ئي ڪلاڪن تان جاچ پڙتال ڪئي. ذريعن موجب فلائيٽ کي ڳجهي اطلاع تي روڪيو ويو پر جهڙتي دوران عملي ۽ جهاز مان ڪجهه هٿ نه اچي سگهيو جنهن تي اڏام کي ڪليئر قرار ڏنو ويو. برطانوي پوليس  موجب پي آءِ اي جي عملي کي ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پي آءِ اي جي ترجمان مشهود تاجور جو چوڻ آهي ته پوليس پائليٽ سميت عملي جي 13 ميمبرن کي گرفتار ڪيو هو پر هاڻي کين آزاد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عملي کي گرفتار ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف معاملي تي غور لاءِ پي آءِ اي هيڊ ڪوارٽر ۾ انتظاميه جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي آءِ اي عملي جي گرفتاري وارو معاملو اعليٰ سطح تي اٿاري لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن سان رابطو ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته قانون ۽ انصاف زنده آهن: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي