24 ہفتہ , فروری 2018

اورنج لائين ۽ ميٽرو ٽرين منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي: شهباز شريف

Shahbaz Sharifبيجنگ(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير محمد شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اورنج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي. قانوني پيچيدگين جي ڪري ڪجهه ماڳن تي دير ٿي، پر عدالت مان عدالت مان اجازت ملندي ئي ان دير کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.  پنجاب جي وڏي وزير جي بيجنگ ۾ صدر ايگزم بينڪ آف چائنا ليوليانگ سان ملاقات ٿي، ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي شهباز شريف جو چوڻ هو ته سي پيڪ ون بيلٽ ون روڊ منصوبي جو انتهائي اهم منصوبو آهي، چين طرفان ملندڙ هڪ هڪ پائي کي امانت سمجهي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اورنج لائين ميٽرو ٽرين منصوبي جي ڪجهه ماڳن تي قانوين پيچيدگين جي ڪري دير ٿي، پر عدالت مان اجازت ملندي ئي دير کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سماجي ورڪر پروين رحمان قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي قائم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ ۽ سماجي ڪارڪن پروين رحمان جي قتل جي جاچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے