21 منگل , نومبر 2017

ڀارت بلوچستان ۾ سنڌي قتل پيو ڪرائي، ڪجهه گروپ ملوث آهن سڄي بلوچ قوم نه:سياستدان دانشور

Untitled-7 copyڪراچي (رپورٽر) گوادر ۾ سنڌي مزدورن جو قتل مذمت جوڳو آهي. اهو رٿيل  سازش تحت ڪيل واقعو آهي. جنهن جو مقصد سنڌي ۽ بلوچ عوام کي هڪ ٻئي خلاف ڪرڻ هو، عالمي سامراج بلوچ قوم پرست تحريڪ کي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي صدر غلام نبي کوسي عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ”اڄ جو سوال“ ۾ ميزبان ذوالفقار واهوچو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌي قوم توڙي اڳواڻن هميشه بلوچن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاريو آهي. اڪبر بگٽي جي شهادت هجي يا خير بخش مري سان زيادتي، سمورن واقعن خلاف سنڌي اڳواڻ ۽ سنڌي قوم بلوچن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو. پر سنڌين جي قتل کي بلوچ قوم پرست اڳواڻ نظر انداز ڪري رهيا آهن. انهن جي خاموشي مجرماڻي آهي.اها ڳالهه انهن جي قومي تحريڪ لاءِ به نقصانڪار آهي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو ٽيلي فون تي ڳالهائيندي چيو ته هي واقعو سنڌ دشمن ۽ انسانيت دشمن آهي. انهي پٺيان هندستان ۽ را آهي.پهريون انهن ايم ڪيو ايم هٿان سنڌي ماريا هاڻي بلوچن هٿان مارائي رهيا آهن. سنڌين جي قتل جو حڪم ”را“ جا سيڪٽر انچارج ڪلڀوشن ياديو جهڙا ماڻهو ڏين ٿا. اڪبر بگٽي ۽ بالاچ مري جي واقعن تي سنڌين ٽي ڏينهن تڏا وڇايا سوڳ ملهايو پر اڄ هن واقعي تي بلوچ قوم پرست قيادت خاموش آهي. مذمت به نٿي ڪئي وڃي. بلوچ چون ٿا سنڌي ڪمائڻ بلوچستان ڇو ٿا اچن. پر هو پاڻ به ڪراچي ڪمائڻ ايندا آهن. هن چيو ته گوادر ۾ سنڌين جو تعداد تمام ٿورڙو آهي پر انهن جي قتل جو ريشو وڌيڪ آهي. هي قوم پرست ڀارت هٿان استعمال ٿي پنهنجي تحريڪ کي به اڪيلو ڪري رهيا آهن. پروگرام ۾ ٽيليفون تي ڳالهائيندي دانشور ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته هن قسم جا واقعا ڪري بلوچ ويڙهاڪ گروپ بلوچن جي تحريڪ کي به ننڌڻڪو ڪري رهيا آهن. سنڌين هميشه بلوچن جي تحريڪ ۾ اخلاقي مدد ڪئي. بلوچ ويڙهاڪ ڌريون پنهنجو نقصان ڪري رهيون آهن. اسان سنڌين کي انهن ويڙهاڪن جي رويي کي نندڻ گهرجي نه ڪي بلوچ قوم کي، ڇاڪاڻ ته اهي ڌڙا قوم جي چوڻ تي سنڌين کي قتل نٿا ڪن. قتل پٺيان بلوچ قوم نه پر ڪجهه ڌڙا آهن. انهن واقعن کي بلوچ قوم سان منسوب نه ڪرڻ گهرجي. انهن ويڙهاڪ گروپن جو رويو تحريڪ لاءِ نقصانڪار آهي. بلوچ قيادت جو فرض آهي ته اهڙن واقعن جي مذمت ڪري سنڌين وٽ لڙي اچي مير حاصل بزنجو، خير بخش مري جي هڪ فرزند واقعي جي مذمت  ڪئي آهي. بلوچستان ۾ بلوچ سياستدان به انهن کان ڊنل آهن. اليڪشن مهم به نٿا هلائي سگهن. سنڌي، بلوپچ تڪرار اڀارڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سنڌي ۽ بلوچن جا ويڇا  اسٽيلبشمينٽ کي فائدو ڏيندا. 1129

سنڌ اسيمبلي ۾ گوادر جي شهيدن لاءِ سکڻي دعا، سال جا 100 ڏينهن مڪمل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي مان سنڌسرڪار آءِ  بي اي سکر  کي اپگريڊ ڪري يونيورسٽي بڻائڻ  جو بل منظور ۽ زيڊ اي ڀٽو دل جي بيمارين واري اداري جو بل 2017  پيش ڪرڻ ۽ ان سان گڏ لال شهباز قلندر کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته گوادر سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ بدران خالي شهيدن لاءِ دعا گهري وئي. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ پوڻا ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي آءِ  بي اي سکر  کي اپگريڊ ڪري يونيورسٽي بڻائڻ  جو بل ۽ زيڊ اي ڀٽو دل جي بيمارين واري اداري جا بل 2017 ايوان ۾ پيش ڪيا، جن کي ايوان اڪثريتي سان منظور ڪري ورتو، ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير سڪندر منڌري چيو ته  سکر ۾ نئين يونيورسٽي نه پئي ٺاهي وڃي پر آءِ بي اي سکر  کي اپگريڊ ڪري يونيورسٽي جو درجو ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته هي بل  عوام جي گهرجن مطابق پيش ڪيو ويو آهي، هن اداري مان سوين نوجوانن فائدو حاصل ڪيو آهي چاهيون ٿا ته ان کي اپ گريڊ ڪري وڌيڪ بهتر بڻايون. جڏهن ته زيڊ اي ڀٽو دل جي بيمارين واري اداري جي بل تي غور ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو.  صوبائي وزير سڪندر منڌري لال شهباز قلندر جي ميلي جي موقعي تي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن کي پڻ ايوان منظور ڪري ورتو. اسيمبلي ۾ گوادر ۾ 9 سنڌي پورهيتن کي شهيد ڪرڻ واري واقعي بابت مغفرتي دعا گهري وئي. ان موقعي تي شهناز بيگم چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن 9 سنڌي پورهيتن کي گوليون هڻي قتل ڪيو، انهن لاءِ دعا گهري وڃي، جنهن تي دعا گهري وئي.هوڏانهن سنڌ اسيمبلي چوٿين پارلياماني سال جا 100 ڏينهن مڪمل ڪري ورتا، اسپيڪر آغا سراج دراني حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن کي چوٿين سال جي 100 ڏينهن مڪمل ٿيڻ ۽ قانون سازي ۾ 4  صوبائي اسيمبلين کان گوءِ کڻي وڃڻ تي مبارڪون ڏنيون ، ان موقعي تي مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجا اظهارالحسن حڪومتي ڪارڪردگي جي تعريف ڪرڻ سان گڏ تنقيد جا تير وسايا ۽ چيو ته حڪومت کي وڌايون ته هن قانونسازي ۾ ٻين اسيمبلين کان گوءِ کڻي پر حڪومت ڏانهن اهو به ڪريڊٽ وڃي ٿو ته ان قانون ٺاهيا پر  عمل نه ڪرائي سگهي آهي. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته سنڌ اسيمبلي واحد اسيمبلي  آهي جتان قانونسازي ڪرڻ ۽ عوام جا مسئلا بيان ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.هن چيو ته هن ايوان کي مخالف ڌر جاميمبر به خراج تحيسين پيش ڪن ،جن جا ٺهراءَ ۽ ٻيا معاملا  هن ايوان مان منظور ٿيا آهن، مبارڪباد جي لائق آهي. 100 پارلياماني ڏينهن مڪمل ٿيڻ باوجود ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي ميمبرن بلقيس مختيار، دلاور قريشي، تحريڪ انصاف جي حفيظ الدين جي استيعيفيٰ جو ڪو به فيصلو نه اچي سگهيو آهي، جڏهن ته عرفان الله مروت، اشفاق منگي، اصغر جوڻيجو، نواز چانڊيو، مسرور خان جتوئي ميمبر شپ وڃائي ويٺا، اسماعيل راهو، ڄام مدد علي ۽ امتياز شيخ پنهنجي پارٽين کان سالن جا رشتا ختم ڪري حڪومتي بينچن تي وڃي ويٺا، جڏهن ته اويس مظفر ٽپي، ڊاڪٽر ارباب رحيم، ارم  عظيم فاروقي سميت حڪومتي ۽  مخالف ڌر جا ڪيترائي ميمبر ايوان مان غير حاضر رهڻ جو رڪارڊقائم ڪري ويا آهن.3311

سانا پاران گوادر ۾ 10 سنڌي پورهيتن جي قتل جي مذمت

نيويارڪ(پ ر): سانا گوادر ۾ 10 سنڌي پورهيتن جي قتل واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي، هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته هٿين خالي بيگناهه پورهيتن کي شهيد ڪرڻ تي اسان کي سخت صدمو ۽ افسوس آهي، اکين ڏٺي شاهد موجب پورهيتن کي سنڌي طور سڃاڻپ ڪري شهيد ڪيو ويو ۽ ٻين کي زخمي ڪيو ويو،جڏهن ته ان واقعي جي ذميواري پابندي مڙهيل  تنظيم بلوچستان لبريشن آرمي قبول ڪئي آهي اڳواڻن چيو ته ڪجهه عرصي کان بلوچستان ۾ معصوم ماڻهن خاص طور تي سنڌين جي قتل عام جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تازو واقعو بدترين دهشتگردي آهي ان سان پنهنجي حقن جي نالي تي ويڙهه ڪندڙن کي ان غير انساني دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي 02

سينيٽ ۾ گوادر واقعي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ گوادر ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب 10 پورهيتن جي شهادت جي افسوسناڪ واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ڪالههسومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر تاج حيدر قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان گوادر ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سبب 10 پورهيتن جي مارجڻ جي واقعي جي سخت مذمت ڪري ٿو، واقعي ۾ مارجي ويل پنهنجي گهروارن جي لاءِ رزق ڪمائڻ نڪتا هئا، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اهڙي قسم جي بزدلاڻن حملن سان دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي. قرارداد ۾ دعا ڪئي وئي آهي ته الله تعاليٰ مارجي ويلن کي جنت ۾ جاءِ ڏي ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي. 3302

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو ڇهون دور به ناڪام، اسلام آباد ۾ ڌرڻو جاري، عوام لاءِ عذاب

اسلام آباد(بيورو) حڪومتي وفد ۽ ڌرڻي جي قيادت وچ ۾ پنجاب هائوس ۾ ڳالهيون ٿيون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے