23 اربع , آگسٽ 2017

پاڪستان ۾ اي ڪامرس جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آهن: نواز شريف

Nawazهينگزو(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم ناليواري اي ڪامرس ڪمپني علي بابا گروپ جي هيڊ ڪوارٽر جي دوري جي موقعي تي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان ۾ اي ڪامرس جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آهن. وزير اعظم نواز شريف علي بابا گروپ جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ هيڊ ڪوارٽر اچڻ تي چيئرمين جيڪ ماني سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي وزير اعظم ڪمپني جي ڪارڪردگي ۽ اي ڪامرس جي شعبي ۾ ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان اڀرندڙ معيشت آهي، حڪومت عوام جي خوشحالي جي لاءِ ڪوشان آهي، 2013ع کان پوءِ ملڪ جي اقتصادي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪوشان آهي، اسان جو مقصد عوام کي بااختيار بڻائڻ ۽ معيشت کي مضبوط ڪرڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي آمريڪا کان ڪنهن به مالي يا عسڪري امداد جي ضرورت ناهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): آءِ ايس پي آر موجب آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل آرمي چيف قمر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي