29 خميس , جون 2017

دهشتگرديءَ جي اُٿيل نئين لَهرَ

پاڪستان ۾ گذريل لڳ ڀڳ ساڍن ٽن سالن کان دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ فوج، پوليس، رينجرز مطلب ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سطح تي ملڪ جي مختلف حصن ۾ آپريشن هلي رهيو آهي.

ان آپريشن جا سٺا نتيجا به نڪتا آهن، اڳ ۾ خودڪش حملا ۽ دهشتگرديءَ جون وارداتون جيڪي روز جو معمول بڻيل هيون، تن ۾ ڳاڻيٽي جوڳي حد تائين گهٽتائي ضرور ٿي آهي پر ايئن چئي نه ٿو سگهجي ته دهشتگردي ڪا مڪمل طور ختم ٿي وئي آهي. بلوچستان ۾ هڪ هفتي دوران گوادر ۽ مستونگ ۾ پيش آيل واقعا ان جو چٽو ثبوت آهن.

انتهاپسندي گذريل ٽن ڏهاڪن کان هڪ اهڙو بيانيو بڻجي چُڪي آهي، جنهن اسان جي سماج جي امن کي تاراج ڪري ڇڏيو آهي. انتهاپسنديءَ واري بيانيي ننڍن ۽ ڪچن دماغن کي خودڪش بڻايو ۽ دهشتگرديءَ جي اهڙي لهر کي جنم ڏنو، جنهن ملڪ جي چئني ڏسائن کي رت سان وهنجاري ڇڏيو. افغان جهاد واري پاليسي اڄ تائين هن ملڪ جي معصوم ماڻهن جي ڪنڌ ۾ پيل آهي.

دهشتگرديءَ خلاف پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ ايڪويهه نقاطي ايڪشن پلان تحت جيڪي ڪارروايون جاري آهن تن جا مثبت نتيجا سامهون ضرور آيا آهن.

پر طاقت کي طاقت ۽ لوهه کي لوههَ سان ڪٽڻ واري پاليسيءَ جا ٿوري مُدي وارا نتيجا ته نڪري سگهن ٿا پر دائمي ۽ ڊگهي مدي وارا نتيجا قطعي طور نه ٿا نڪري سگهن، انتهاپسندي، جيئن ته هڪ فڪر ۽ فلسفي طور ڪيئي ڏهاڪن تائين ڪم ڪندي رهي آهي ۽ اڃا به ڪري رهي آهي.

جنهن  جي نشاني تي سيڪيولر، روشن خيال ۽ لبرل ڌريون پئي رهيون آهن، انتهاپسنديءَ لاءِ گنجائش پيدا ڪري ترقي پسند ۽ روشن خيال ڌرين ۽ جماعتن جي جيڪا رستا روڪ ڪئي وئي، تنهن جو ڪيتو اڄ هي ملڪ، هي سماجُ ۽ هن ملڪ جا رهواسي دهشتگرديءَ جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهن.

پاڪستان اندر دهشتگرديءَ واري سفر ۾ پاڪ-ڀارت لاڳاپن، خطي جي صورتحال توڙي آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي نالي ۾ جيڪي ڪارروايون ٿي رهيون آهن، سي سڀ جا سڀ معاملا شامل آهن.

ڪجهه وقت اڳ لڳو ايئن پئي ته ملڪ ۾ هاڻي تخريبڪار ۽ دهشتگرد ڌرين جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، ۽ ملڪ اندر امن امان جي صورتحال مڪمل طور قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪنٽرول ۾ آهي، پر مستونگ ۾ چار ڏينهن اڳ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين عبدالغفور حيدريءَ جي قافلي تي ٿيل خودڪش حملي، گوادر ۾ پيٽ پورهيو ڪندڙ سنڌ جي ڏهن پورهيتن جو قتل توڙي ڪالهه مستونگ ۾ ٿيل ڪارروائيءَ مان ثابت ٿيو آهي ته دهشتگرد اڃا ساههَ کڻي رهيا آهن.

پاڪستان مان دهشتگرديءَ جو خاتمو، انتهاپسنديءَ جي ٽوڙ طور اثرائتو بيانيو/ پروگرام ڏيڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. نه رڳو ايترو پر ملڪ اندر سياسي ۽ قومپرست جماعتن لاءِ هڪ جهڙو رکيل ميدان مهيا ڪري ڏيڻو پوندو، ڇو جو سياسي جماعتن جي پنهنجي پنهنجي پروگرام، نظريي ۽ منشور جي پرچارَ سان ئي سماج کي نئون دڳ ڏئي سگهجي ٿو، انتهاپسنديءَ کي رد ڪري سگهجي ٿو.

وفاقي سرڪار انتهاپسنديءَ جي ٽوڙ طور ملڪي فلمي صنعت جي بحاليءَ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي سو به ان ڏس ۾ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو، پر سياست، ثقافت، سياحت، حقيقتن تي ٻڌل تعليمي نصاب، سينمائن، ناٽڪ منڊ لين، ادبي سرگرميون توڙي ڳوٺن ۾ راندين سميت صحتمند سرگرمين جي بحالي به لازمي آهي، سماجَ ۾ عدم برداشت ۽ اسهپ واري جنهن لاڙي جنم ورتو آهي، تنهن کي به ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو، رياست جي سطح تي به سماجَ جي امن کي ٽياس تي ٽنگيندڙن خلاف بنا ڪنهن رک رکاءَ جي، پسند ۽ ناپسند جي مامري ۾ منجهڻ بنا ڪاررواين جي ضرورت آهي.

نه رڳو ايترو پر اسان جي ملڪ ۾ هڪڙين سياسي ڌرين لاءِ ميدان صاف ۽ ٻين جي رستا روڪ واري جيڪا روش آهي، سا به ختم ڪرڻي پوندي. روشن خيال ڌرين جي رستا روڪ سان سماجَ ۾ جيڪو خالُ پيدا ٿيو، سو انتهاپسندن يا وري انتهاپسنديءَ سان ملندڙ جلندڙ خيالن وارين قدامت پسند جماعتن والاريو، جنهن جي ڪري ئي ملڪ هن پنڌ تي پهتل آهي، هاڻي جڏهن سرڪار طئي ڪيو آهي ته انتهاپسنديءَ جي ناسورَ مان جند ڇڏائڻي آهي ته ان ڏس ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن دوران اختيار ڪيل پاليسين جي پچر ڇڏي نئون ماحول ۽ نوان موقعا مهيا ڪري ڏيڻا پوندا.

اڱارو 16 مئي 2017ع، 19 شعبان 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ پرڏيهي مامرن جي پُلصراط

پاڪستان کي پاڙيسري ملڪن ۾ مختلف سرگرمين توڙي عالمي طور پاڪستان جي حوالي سان وڏين …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي