22 جمعو , سيپٽمبر 2017

عوامي آواز : ڀارت بلوچستان ۾ سنڌي قتل پيو ڪرائي، ڪجهه گروپ ملوث آهن، سڄي بلوچ قوم نه : سياستدان/دانشور | پروگرام : اڄ جو سوال

گوادر واقعو سنڌ ۽ انسان دشمن آهي، بگٽي جي شهادت تي سنڌين تڏا وڇايا اڄ بلوچ چپ آهن: اياز پليجو

عالمي سامراج بلوچن جي تحريڪ کي يرغمال پيو بڻائي، پورهيتن جي قتل تي خاموشي مجرماڻي آهي: غلام نبي کوسو

”را“ جا سيڪٽر انچارج ماڻهو مارائڻ جا حڪم پيا ڏين، ع آ ٽي وي جي پروگرام ”اڄ جو سوال“ ۾ ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) گوادر ۾ سنڌي مزدورن جو قتل مذمت جوڳو آهي. اهو رٿيل  سازش تحت ڪيل واقعو آهي. جنهن جو مقصد سنڌي ۽ بلوچ عوام کي هڪ ٻئي خلاف ڪرڻ هو، عالمي سامراج بلوچ قوم پرست تحريڪ کي يرغمال بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي صدر غلام نبي کوسي عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ”اڄ جو سوال“ ۾ ميزبان ذوالفقار واهوچو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌي قوم توڙي اڳواڻن هميشه بلوچن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف آواز اٿاريو آهي. اڪبر بگٽي جي شهادت هجي يا خير بخش مري سان زيادتي، سمورن واقعن خلاف سنڌي اڳواڻ ۽ سنڌي قوم بلوچن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو. پر سنڌين جي قتل کي بلوچ قوم پرست اڳواڻ نظر انداز ڪري رهيا آهن. انهن جي خاموشي مجرماڻي آهي.اها ڳالهه انهن جي قومي تحريڪ لاءِ به نقصانڪار آهي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو ٽيلي فون تي ڳالهائيندي چيو ته هي واقعو سنڌ دشمن ۽ انسانيت دشمن آهي. انهي پٺيان هندستان ۽ را آهي.پهريون انهن ايم ڪيو ايم هٿان سنڌي ماريا هاڻي بلوچن هٿان مارائي رهيا آهن. سنڌين جي قتل جو حڪم ”را“ جا سيڪٽر انچارج ڪلڀوشن ياديو جهڙا ماڻهو ڏين ٿا. اڪبر بگٽي ۽ بالاچ مري جي واقعن تي سنڌين ٽي ڏينهن تڏا وڇايا سوڳ ملهايو پر اڄ هن واقعي تي بلوچ قوم پرست قيادت خاموش آهي. مذمت به نٿي ڪئي وڃي. بلوچ چون ٿا سنڌي ڪمائڻ بلوچستان ڇو ٿا اچن. پر هو پاڻ به ڪراچي ڪمائڻ ايندا آهن. هن چيو ته گوادر ۾ سنڌين جو تعداد تمام ٿورڙو آهي پر انهن جي قتل جو ريشو وڌيڪ آهي. هي قوم پرست ڀارت هٿان استعمال ٿي پنهنجي تحريڪ کي به اڪيلو ڪري رهيا آهن. پروگرام ۾ ٽيليفون تي ڳالهائيندي دانشور ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته هن قسم جا واقعا ڪري بلوچ ويڙهاڪ گروپ بلوچن جي تحريڪ کي به ننڌڻڪو ڪري رهيا آهن. سنڌين هميشه بلوچن جي تحريڪ ۾ اخلاقي مدد ڪئي. بلوچ ويڙهاڪ ڌريون پنهنجو نقصان ڪري رهيون آهن. اسان سنڌين کي انهن ويڙهاڪن جي رويي کي نندڻ گهرجي نه ڪي بلوچ قوم کي، ڇاڪاڻ ته اهي ڌڙا قوم جي چوڻ تي سنڌين کي قتل نٿا ڪن. قتل پٺيان بلوچ قوم نه پر ڪجهه ڌڙا آهن. انهن واقعن کي بلوچ قوم سان منسوب نه ڪرڻ گهرجي. انهن ويڙهاڪ گروپن جو رويو تحريڪ لاءِ نقصانڪار آهي. بلوچ قيادت جو فرض آهي ته اهڙن واقعن جي مذمت ڪري سنڌين وٽ لڙي اچي مير حاصل بزنجو، خير بخش مري جي هڪ فرزند واقعي جي مذمت  ڪئي آهي. بلوچستان ۾ بلوچ سياستدان به انهن کان ڊنل آهن. اليڪشن مهم به نٿا هلائي سگهن. سنڌي، بلوپچ تڪرار اڀارڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سنڌي ۽ بلوچن جا ويڇا  اسٽيلبشمينٽ کي فائدو ڏيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز:اڳوڻي صدر پرويز مشرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي بينظير ڀٽو جو قاتل قرار ڏئي ڇڏيو آهي

اڳوڻي صدر پرويز مشرف اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کي بينظير ڀٽو جو قاتل قرار …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي