18 جمعو , آگسٽ 2017

عوامي آواز: رپورٽ نوابشاهه: وندر ويجهو سسئي جي مزار تي ماڻهن جا ميلا متل

رپورٽ: بشيرلاکو

آواز : عارف نائچ

لسٻيلي  جي  وندر  تعلقي ۾ سسئي ۽ پنهون جو آخري آرامگاهه آهي .هتي سنڌ توڙي بلوچستان کان ماڻهو اچن ٿا ۽ عقيدت جو اظها رڪن ٿا .مزار جي اندروني حصي ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي جا بيت لکيل آهن مزار جي ٻاهران تاريخي قبرستان پڻ موجود آهي جتي عيشو ٻڪرار جي قبر به اتي موجود آهي هن مزار جو ڪم1980 ۾ حاجي محمد علو صديق الياساڻي پنهنجي هٿن سان ڪرايو.12 شعبان تي سسئي جو ميلو لڳايو ويندو آهي ۽ مزار تي چادر چاڙهڻ جي رسم سان ادا ڪئي ويندي آهي چادر چاڙهڻ جي رسم سسئي جي مجاور فقير عبدالرحمان ٻرا پاران ڪئي ويندي آهي.  ميلي ۾ شاه عبد اللطيف جا پارکو ۽ عقيدت مند شاه عبداللطيف جي بيتن سان سسئي پنهون کي ڀيٽا پيش ڪندا آهن  ۽ آيل عقيدت مندن لاء پڻ نياز نگر جو بندوبست ڪيو ويندو آهي عقيدتمندن حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته پاڻي سميت سموريون گهربل  سهولتون فراهم ڪيون وڃن ، ته جئين بنا ڪنهن تڪليف ۽ رنڊڪ  ماڻهن جي اچ وڃ ۽ محبت جي اظهار جوسلسلو جاري رهي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز|نيب ڊڪٽيٽر جي تخليق آهي، اداري تي اسان جو پهريون ڏينهن کان ئي اعتماد ناهي: فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيب ڊڪٽيٽر جي تخليق آهي، …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي