25 آچر , جون 2017

پاناما ڪيس جاچ: جي آءِ ٽي شريف ڪٽنب جي مني ٽريل بابت سوالنامو تيار ڪري ورتو

Sharif Familyاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاناما ڪيس جي جاچ جي لاءِ جي آءِ ٽي شريف ڪٽنب جي مني ٽريل بابت سوالنامو تيار ڪري ورتو آهي. واجد ضياءَ جي سربراهي ۾ قائم گڏيل جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ، نيب ۽ جڳهن ادارن جا نمائندا شامل ٿيا. اجلاس ۾ شريف ڪٽنب جي مني ٽريل جا تفصيل حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽيمن کي پرڏيهه موڪلڻ بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. جي آءِ ٽي شريف ڪٽنب جي مني ٽريل بابت سوال نامو تيار ڪري ورتو آهي جنهن بعد شريف ڪٽنب کي قطري خط ۽ سيڙپڪاري بابت جواب ڏيڻو پوندو. جي آءِ ٽي شريف ڪنٽب طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل مني ٽريل به حاصل ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب سميت مختلف ملڪن ۾ عيد ملهائي پئي وڃي

رياض( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عيد الفطر …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي