19 خميس , آڪٽوبر 2017

انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس جي ٻڌڻي جاري

KALBHOSHANهيگ( ويب ڊيسڪ ) عالمي ٽياڪڙي عدالت ۾ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو واري معاملي جي ٻڌڻي جاري آهي.  ڀارت طرفان 13 رڪني قانوني ٽيم ڪلڀوشن ياديو جي موت جي سزا خلاف  دليل ڏئي رهي آهي. ڀارتي وڪيلن جو موقف آهي ته ڪلڀوشن ياديو بيگناهه آهي، پاڪستان کيس ڦاهي ڏئي ويانا ڪنوينشن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي. ڀارتي وڪيل موجب  نئين دهلي ڪيترائي ڀيرا ڪلڀوشن ياديو تائين قونصلر رسائي جي درخواست ڏني آهي جنهن پاڪستان رد ڪيو، سمورو ڪيس ئي غلط آهي تنهن ڪري پاڪستان کي ڀارتي شهري کي موت جي سزا ڏيڻ کان روڪيو وڃي. ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج ٽويٽ ذريعي ٻڌايو ته سينئر وڪيل هريش سالوي انصاف جي عالمي عدالت ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف اٽارني جنرل آف پاڪستان اشتر اوصاف جي سربراهي ۾ قانوني ماهرن جي پنج رڪني ٽيم به عالمي انصاف جي عدالت ۾ موجود آهي جيڪا عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فرد جرم جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو ته قانون ۽ انصاف زنده آهن: شيخ رشيد

لاهور( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي