25 بدھ , اپریل 2018

پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ رابطو: ڊان ليڪس تي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

Shah Mehmood & Khurshed Shahاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مخالف پارٽين نيوز گيٽ تي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مخالف ڌر نيوز گيٽ جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪندي. مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن قومي اسيمبلي جي اجلاس جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون. ان رابطي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته نيوز گيٽ جي رپورٽ تي پيدا خدشا ختم ڪرڻ ضروري آهي ان ڪري ڊان ليڪس جي رپورٽ کي ايوان ۾ پيش ڪيو وڃي. مخالف ڌر حڪومت کان سرحدن جي صورتحال تي بريفنگ جو به مطالبو ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هندن جي مذهبي پيشوا کي ڇوڪريءَ سان زيادتي ڪرڻ تي عمر قيد جي سزا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندن جي مذهبي پيشوا  آسارام باپو کي جنسي زيادتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے