23 اربع , آگسٽ 2017

مستونگ جهڙا واقعا اسان جو مشن ۽ رستو تبديل نٿا ڪري سگهن: مولانا فضل الرحمان

Fazal Ur Rehmanاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي امير فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. ملڪ ۾ جائز حڪمراني جي جدوجهد جاري رهندي. اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته دنيا ڪوشس ڪري رهي آهي ته ڪنهن طرح نوجوانن کي ڏڦيڙ ڏياري رياست جي سامهون آندو وڃي. پاڪستان کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا. مستونگ جهڙا واقعا اسان جو مشن ۽ رستو تبديل نٿا ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته امن جي لاءِ جدوجهد جاري رهندي ۽ اسان ڪامياب ٿينداسين. افتخار محمد چوڌري زخمن تي مرهم رکڻ جي ڪوشش ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري چيو ته حڪومت دهشتگردي خلاف خاص قدم کڻي. هن فضل الرحمان کان مطالبو ڪيو ته هو حڪومت کان قافي فيض عيسيٰ جي رپورٽ تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪيون ٿا ۽ دهشتگردي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عالمي رانديگرن کي تحفظ ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: وفاقي گهرو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي