24 آچر , جون 2018

سينئر آمريڪي قانوندانن جيمز ڪومي بابت آڊيو رڪارڊنگ منظر تي آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

trumpواشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) سينئر آمريڪي قانوني ماهرن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان ايف بي آءِ جي برطرف ڊائريڪٽر جيمز ڪومي سان ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت رڪارڊنگز  حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينيٽ ۾ ڊيمو ڪريٽڪ اڳواڻ چارلز شومر چيو ته ڪنهن به ٽيپ کي ضايع ڪرڻ قانون ٽوڙڻ برابر آهي. هن چيو ته ايف بي آءِ  جي نئين ڊائريڪٽر بابت سينيٽ جا ڊيموڪريٽڪس تنهن وقت تائين ووٽ نه ڏيندا جيستائين آمريڪي چونڊن ۾ مبينا روسي مداخلت بابت جاچ ڪرڻ لاءِ مخصوص پراسيڪيوٽر نامزد نه ٿا ٿين. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا ٽيپ آهي ته صدر کي گهرجي ته فوري طور پيش ڪري، ضايع ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي هوندي. شومر چيو ته جيڪڏهن ڪا ٽيپ ناهي ته جم ڪومي ۽ آمريڪي عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ آمريڪي صدر ٽرمپ کي معافي وٺڻ گهرجي.  سينيٽ ۾ ريپبلڪن اڳواڻ لنڊسي گراهم چيو ته وائيٽ هائوس کي بدگماني ختم ڪرڻ گهرجي ته ڪا ٽيپ آهي يا نه آهي.  اين بي سي آءِ سان ڳالهائيندي گراهم چيو ته مسٽر ٽرمپ جا ٽويت مناسب نه هئا، صدر پوئتي هٽي ۽ جاچ ڪندڙن کي ڪارروائي جو موقعو فراهم ڪري. هن چيو ته صدر ٽرمپ ٽيپ واري معاملي تي معصوم نه ٿو بڻجي سگهي، جيڪڏهن ڪا ڳالهه ٻولهه آهي ته سامهون آندي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب ۾ عورتن جي ڊرائيونگ تي پابندي ختم ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے