17 آچر , ڊسمبر 2017

وفاق جو بلوچستان ۾ سخت ترين آپريشن ڪرڻ جو فيصلو

operationڪراچي(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بلوچستان ۾ دهشتگرد جي هلندڙ واقعن کان پوءِ ٻاهرين ايجنڊي تحت ڪم ڪندڙ پابندي مڙهيل گروپن خلاف سخت ترين آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خابرو اداري موجب وفاقي حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي علائقي مستونگ ۾ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مولانا عبدالغفور حيدري تي ٿيل حملي ۽ گوادر ۾ مزدورن جي قتل جي واقعن کان پوءِ وفاقي جي اعليٰ ڌرين ۾ ان صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ صوبي جي هلندڙ سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي.  سيڪيورٽي ادارن وفاق کي آگاهه ڪيو آهي ته واقعن ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را ۽ ان جي ايجنڊي تي ڪم ڪندڙ پابندي مڙهيل پارٽيون ملوث ٿي سگهن ٿيون. انهن واقعن جو مقصد سي پيڪ منصوبي کي تار تار ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماءِ لارڊ ڇا توهان جو بابا واٽس ايپ ڪالز به ڪندو هو؟ مريم نواز جو ثاقب نثار جي تقرير تي طنزيه ٽويٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيف جسٽس آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے