19 خميس , آڪٽوبر 2017

هڪ خطو، هڪ روڊ وارو تصور ۽ خطي ۾ امن جو سوال

چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ چين جي سرڪار جي ميزبانيءَ هيٺ هڪ خطو هڪ روڊ واري تصور هيٺ ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪ، چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جو منصوبو خطي جي سمورن ملڪن لاءِ آهي ۽ هن منصوبي تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.

هيءَ ڪانفرنس جنهن ۾ 29 ملڪن جا سربراهه ۽ ان کان علاوه 1500 وفد به شامل آهن، تنهن ۾ وزيراعظم نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد به شريڪ ٿيو آهي، وفد ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ اهم وفاقي وزير به شامل آهن.

پنهنجي خطاب ۾ ڀارت جو نالو وٺڻ بنا وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته ”مان اها ڳالهه واضح ڪرڻ گهران ٿو ته چين، پاڪستان اقتصادي لنگهه وارو منصوبو، هڪ اقتصادي منصوبو آهي، جنهن ۾ سرحدن جو ڪو قيد ناهي ۽ ڪو به ملڪ ان ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته ان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.“

چين جي صدر شي جن پنگ 2015ع جي شروع ڌاري جڏهن پاڪستان اچي اربين ڊالرن جي هن منصوبي (سي پيڪ) جو بنياد رکيو هو ته ان تي سڀ کان وڌيڪ هاءِ گهوڙا ڀارت ڪئي هئي ۽ ان منصوبي کي چين جي پاڪستان جي مدد سان هندستان خلاف پيش قدمي سڏيو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءُ منصوبو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو منصوبو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته پاڪستان جي خوشحال مستقبل جي ضمانت به آهي پر ان منصوبي تي پاڪستان اندر به اعتراض اٿندا رهيا آهن، جنهن جو وفاقي سرڪار اهو چئي جواب ڏيندي رهي آهي ته هيءُ منصوبو ڪنهن هڪ صوبي نه پر سڀني صوبن جي هڪ جيتري ترقيءَ جو ضامن آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به صوبي سان ٻيائي نه ڪئي ويندي. تضاد واري تاثر کي رد ڪرڻ لاءِ ۽ دنيا کي سي پيڪ واري منصوبي تي سڀئي گڏ هئڻ وارو پيغام پهچائڻ لاءِ وزيراعظم چئني صوبن جي آئيني سربراهن کي به ساڻ وٺي ويو.

ڏٺو وڃي ته دنيا اڄ تبديل ٿي چُڪي آهي، آمريڪا ۽ روس کانپوءِ چين اهڙي طاقت ٿي اڀريو آهي، جيڪو دنيا جو سپر پاور ٿيڻ واري منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي. دنيا جو سپر پاور يا لٺ سردار ان صورت ۾ ئي ٿي سگهبو، جڏهن دنيا جي ملڪن سان لهه وچڙ ۽ کين پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪامياب سفارتڪاري تي عمل ڪيو وڃي. نه رڳو سفارتڪاري پر معيشت ۽ مضبوط فوجي طاقت جو هئڻ به لازمي آهي. چين ويجهي وارن سالن ۾ تيزيءَ سان دنيا تي پنهنجو اثر وڌائڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ اسان وارو جيڪو خطو آهي، تنهن ۾ هڪ خطو، هڪ هڪ روڊ وارو سندس تصور به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

وزيراعظم نواز شريف جڏهن چئي ٿو ته چين، پاڪستان اقتصادي لنگهه وارو منصوبو نج اقتصادي منصوبو آهي، ان تي ڪائي سرحد ناهي ۽ ان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي ته ان مان سندس نياپو اِهو آهي ته سڀئي ملڪ هن منصوبي ۾ شامل ٿي ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪن، نه ڪي هن منصوبي جي راهه ۾ رنڊڪون وجهن. چين، پاڪستان اقتصادي راهداري يا هڪ خطو، هڪ روڊ وارو منصوبو مڪمل امن جي صورت ۾ ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿو. هيءُ منصوبو جنهن خطي ۾ شروع ڪيو ويو آهي، اتي چين، هندستان سرحدي تڪرار، پاڪستان، هندستان تڪرار، خود پاڪستان اندر موجود قومي تضاد توڙي انتهاپسندن جون هن خطي ۽ پاڪستان ۾ وارداتون هن خطي جي امن لاءِ للڪار بڻيل آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪو به خطو ان وقت تائين ترقي ڪري نه ٿو سگهي، جيستائين اتي امن ناهي. اسان واري خطي ۾ ملڪ جو امن به ورهين کان ٽياس تي ٽنگيل رهيو آهي. هڪ ته پاڪ، ڀارت ڇڪتاڻ ۽ ٻيو وري تازو وڌي ويل پاڪ، افغان ڇڪتاڻ اسان جي ملڪ جي امن لاءِ وڏي چيلينج بڻيل آهن، خطي جي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۽ تضادن جي ڪري هڪٻئي جو امن خرابڪرڻ ۽ اقتصادي ۽ معاشي نقصان رسائڻ لاءِ ڳجهيون ويڙهون به وڙهيون وينديون رهيون آهن، جنهن جو تازو مثال گوادر ۾ ٽيون ڏينهن ڏهن سنڌي پورهيتن جو قتل آهي. هن خطي جي امن کي ڪهڙا چيلينج آهن، سو ته پاڪ، ڀارت ڇڪتاڻ ۽ پاڪستان جي بلوچستان واري صوبي مان ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن جي گرفتاري مان ئي واضح آهي.

ننڍي کنڊ جي ڏيڍ ارب آباديءَ مان اڪثر آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿي، ڪروڙين خاندانن کي اجهو، پيئڻ جو صاف پاڻي، صحت ۽ تعليم جهڙيون بنيادي سهولتون ميسر ناهن، پر ٻنهي ملڪن طرفان هر سال عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ بجيٽ ۾ جيڪي وسيلا فراهم ٿين ٿا، انهن کان وڌيڪ فنڊ دفاع لاءِ رکيا وڃن ٿا.

چين جو هڪ خطو هڪ روڊ وارو منصوبو، ڏٺو وڃي ته خطي جي ترقي ۽ خوشحالي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم منصوبو آهي پر ان کي توڙ تي پهچائڻ لاءِ خطي جي ملڪن ۾ جيڪي تڪرار آهن، تن جو پرامن نبيرو ۽ ملڪ اندر وري جيڪي قومي تضاد آهن، تن جو به حقيقت پسنداڻي سوچ سان نبيرو لازمي آهي.

سومر 15 مئي 2017ع،  17 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

بدعنوانين، بي قاعدگين ۽ بي ضابطگين جي خاتمي جي ضرورت

پاڪستان جي آڊيٽر جنرل جي رپورٽ مطابق نيشنل هاءِ وي اٿارٽي طرفان ملڪ اندر مختلف …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي