28 اربع , جون 2017

گوادر ۾ سنڌين جو قتلام ۽ سرڪاري ماٺ جا سلسلا

بلوچستان ۾ ٻئي ڏينهن سياسي ڌرين کان پوءِ مسڪين پورهيتن کي نشانو بڻائي نون سنڌين کي بلوچستان جي ضلعي گوادر جي ڳوٺ پشڪان ۾ قتل ڪيو ويو آهي. قتل ٿيل نوشهرو فيروز جي وسندي لاکا روڊ جي ويجهو رهندڙ لاکا برادري جي پورهيت آهن. ان واقعي جي تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  بلوچستان گوادر جي علائقي پشڪان ۾ دهشتگردن هٿان مزدوري سانگي ويل ضلعي نوشهروفيروز جا 9 رهواسي گولين جو کاڄ بڻائي شهيد ڪيا ويا. ڪنڊيارو ٻاهران لاکا روڊ ڀرسان ڳوٺ محمد صديق لاکو جا رهواسي آصف، ظهير، عبدالحڪيم، محمد جاڙل، علي دوست، رسول بخش، ڪوڙل خان، صدام لاکو، وحيد بروهي هڪ ئي ڳوٺ جا رهواسي ٻڌايا وڃن ٿا جيڪي هڪ مهينو اڳ مزدوري سانگي بلوچستان گوادر واري علائقي ويل هئا جتي اڄ صبح جو هو هوٽل تي ناشتو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن سندن مٿان انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني ۾ هو موقعي تي شهيد ٿي ويا. نوشهروفيروز ضلعي جي ڳوٺ محمد صديق لاکو جي رهواسين جي باري ۾ معلوم ٿيو آهي ته فوت ٿيل رسول بخش، محمد حڪيم ٽئي پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ محمد قاسم لاکو جا پٽ ٻڌايا وڃن ٿا جڏهن ته ظهير علي ۽ آصف لاکو جو به تعلق ساڳي ئي خاندان سان ٻڌايو وڃي ٿو جن 2 مهينا اڳ شادي ڪئي هئي جڏهن ته صدام حسين ۽ رسول بخش جي هڪ مهيني کان پوءِ شادي جي تاريخ ٻڌل هئي جيڪي پڻ انهيءَ خاندان جا ڀاتي ٻڌايا وڃن ٿا. بيدردي سان قتل ٿيل هڪ ئي ڳوٺ جي 9 رهواسين جي افسوسناڪ واقعي تي اتان جا ڳوٺاڻا منير علي ۽ ضمير لاکو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سندن ڳوٺ جا 50 کان مٿي رهواسي غربت ۽ بيروزگاري جي ڪري گوادر ۽ ٻين علائقن ۾ اتي مزدوري ڪندا آهن جڏهن ته واقعي پيش اچڻ جي ڪري فوت ٿي ويل مزدورن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي ۽ سڄي ڳوٺ ۾ تڏا وڇايل آهن. ٻئي طرف نوشهروفيروز ضلعي جي سياسي سماجي ڌرين بلوچستان ۾ مزدوري سانگي ويل هڪ ئي ڳوٺ جي 9 لاکا برادري جي فردن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي بلوچستان ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته شهيد ڪيل مزدورن جي خاندانن جي وڌ کان وڌ مالي مدد ڪرڻ سان گڏ بي قصور ۽ بيڏوهي ماڻهن کي شهيد ڪندڙن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ گذريل ٽن ورهين ۾ گهٽ ۾ گهٽ 44 پورهيت قتل ٿيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري سنڌ ۽ ٻين صوبن جا آهن. تازي واقعي جي باري ۾ وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار کي خاص اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ ان سلسلي ۾ نه رڳو قتل ٿيلن جي وارثن جي واهر ڪرڻ گهرجي پر انهن جي مڪمل پرگهور جا انتظام ڪرڻ گهرجن. سنڌ سرڪار کي ان سلسلي ۾ وفاقي ۽ بلوچستان سرڪار سان ڳالهائي سنڌ جي عوم جي پرگهور لهڻ جا بندوبست ڪرڻ گهرجن ۽ جيڪي به حفاظت لاءِ ضروري ڳالهيون آهن اهي عمل ۾ آڻڻ گهرجن.

بلوچستان ۾ سنڌين جي قتل کي عام قتل نه سمجهڻ گهرجي. ان سان نه نه رڳو ٻن صوبن پر ٻن قوميتن ۾ جيڪي ويڇا وڌنڌا جيڪي نفرتون پيدا ٿينديون ۽ سموري وهنوار ۾ ورهين پڄاڻان جيڪي چڱايون پيدا ٿيون اهن اهي انهن قتلن سان ختم ٿي وينديون جيڪو سونئڻ سڄي ملڪ لاءِ خطرناڪ آهي.

عام طور ان سموري واقعي جا اولڙا پاڪ چين اقتصادي راهداري جي رستي تي پون ٿا ۽ انهن قتلن کي ان راهداري لاءِ قرباني سڏيو پيو وڃي. پاڪ چين راهداري جيڪو ملڪ جو اهم اقتصادي منصوبو آهي ان ۾ سنڌي ماڻهن جي عملي شرڪت انهن جي خون سان ٿي رهي آهي، ان اهم رٿا لاءِ سنڌي پورهيتن جي قربانين کي عام واقعو سمجهڻ بدران انهن واقعن جي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.

آچر 14 مئي 2017ع،  16 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ پرڏيهي مامرن جي پُلصراط

پاڪستان کي پاڙيسري ملڪن ۾ مختلف سرگرمين توڙي عالمي طور پاڪستان جي حوالي سان وڏين …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي