23 اربع , آگسٽ 2017

سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس ۽ ميڊيا جي پاڻمرادو خاموشي

هونئن ته سموري ملڪ جي ميڊيا اسلام آباد ۾ نامياري ٽي وي چئنل ”اي آر واءِ“ جي فنڪشن ۾ ماڻهن جي مرڻ، زخمي ٿيڻ ۽ ڳالهه کي لئي مٽي ڪرڻ ۾ پوري هئي، پر ڪالهه سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار پاران ان جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ان ماٺ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪا ماٺ رياض ملڪ جي ڪري اختيار ڪئي وئي هئي. 28 اپريل تي ”بحريا انڪليو“ جي ان ڪاڄ ۾ ٻن هزار ماڻهن بدران 4 هزار ماڻهن جي اچڻ، ناقص انتظامن جي ڪري اسٽيج ڪري پوڻ سبب سوين ماڻهو شديد زخمي ٿيا هئا، ٻن يا ٽن ماڻهن جي مرڻ کانسواءِ جيڪي به ماڻهو زخمي ٿيا انهن جي اسپتال پهچڻ کان واقعي ٿيڻ شرط بجلي بند ڪرڻ سبب ماڻهن کي لڳل ٿورا ڌڪ به گهڻن ڌڪن ۾ بدلجي ويا. متاثر ڪٽنبن ٽي وي توري بلڊر تي فرياد داخل ڪرڻ ۽ ايڪشن کڻڻ جي گهر ڪئي آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس 48 ڪلاڪن ۾ ان جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.

سپريم ڪورٽ ته پنهنجا ڪم ضرور ڪندي رهندي پر، ملڪ جي ميڊيا، سموريون اخبارون ، اليڪٽرانڪ ميڊيا جا ادارا پڻ پنهنجي اندر۾ جهاتي پائي پاڻ کان سوال پڇن ته اشتهارن جي ڪري ماڻهن سان ٿيندڙ زيادتين تي ماٺ رهڻ ڪهڙي آزادي آهي؟ ڪهڙي انسانيت آهي؟ سموري ملڪ جي ميڊيا کي هر ڀيري پاڻ کي اها ڳالهه ورجائي ورجائي چوڻ گهرجي ته :

مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئي توکي لڳي

آچر 14 مئي 2017ع،  16 شعبان المعظم 1438 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جي اعليٰ ادارن ۾ٽڪراءُ نه ٿيڻ گهرجي

ملڪ جو سڀ کان سپريم ادارو ملڪ جو آئين آهي، جنهن آئين ملڪ جي ادارن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي