29 سومر , مئي 2017

عوامي آواز : پاڪستان جي سياست ۽ مستقبل مان مايوس آهيان، نواز شريف هرڪنهن سان وڙهي سگهي ٿو: امتياز عالم | پروگرام : مڪالمه

عدالت هجي يا فوج ادارا رڳو پنهنجي مفادن جو بچاءُ ڪن ٿا، سياستدانن آمريت جي راهه هموار ڪئي

پنجاب جا ڪامورا، واپاري ۽ انتظاميه وزيراعظم جي اثر ۾ آهن، جي آءِ ٽي رڻ پٽ مان سئي ڳولي نه سگهندي

ڪشمير لاءِ جهادي استعمال نه ڪيا وڃن، ايران ڪاوڙيل آهي: ع آ ٽي وي جي پروگرام ”مڪالمه“ ۾ ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان مختلف رياستن، آزادين ۽ طاقت جي مختلف مرڪزن جو مجموعو ٿي ويو آهي. آئيني طور تي ادارا وزيراعظم جي هيٺان آهن پر هتي ائين نه آهي، اهڙو اظهار مشهور ڪالم نگار، تجزئي نگار ۽ سينيئر صحافي امتياز عالم عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام ”مڪالمه“ ۾ ميزبان ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته عدالت هجي يا فوج، ادارا پنهنجي ئي مفادن جو تحفظ ڪندي نظر اچن ٿا. ملڪ ۾ صدارتي آئين ۽ مارشل لائن سميت مختلف تجربا ڪيا ويا، معاشي طور تي به ملڪ ۾ مختلف تجزيا ڪيا ويا، هڪ دور ۾ رياستي سرپرستي هيٺ سرمائيداراڻي ۽ جاگيرداراڻي نظام کي هٿي ڏني وئي، تنهن کانپوءِ زرعي انقلاب جا نعرا لڳا، ڀٽي صاحب جي دور ۾ وري پرائيويٽ ادارن کي قومي تحويل ۾ ورتو ويو، نواز شريف وري ادارن کي پرائيوٽائيز ڪرڻ شروع ڪيو. پهرين آمريڪي امداد تي ترقي جا حامي هئاسين، هاڻي وري اسان پنهنجي ترقي چين ۽ سي پيڪ سان ڳنڍي ڇڏي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي خوف ۾ مبتلا ڪيو ويو، ملڪي آمدني جو وڏو حصو ملڪي سلامتي تي لڳايو ويو، سيٽو ۽ سينٽو ۾ شامل ڪيو ويو بعد ۾ جهادي ٺاهيا ويا، طالبان جي مدد ڪئي وئي هميشه سياستدانن جي پاڻ ۾ ويڙهه فوج لاءِ راهه هموار ڪئي، هن چيو ته نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو هڪ ٻئي خلاف ڪيس ٺاهيا، ميڊيا ۾ حڪومت ۽ رياست نالي ٻه الڳ اصطلاح استعمال ڪيا وڃن ٿا، رياست فوج سان ڳنڍي وئي آهي، نواز شريف ٽيهن سالن کان اقتدار ۾ رهيو آهي، انهيءَ ڪري پنجاب جي بيورو ڪريسي، ڪاروباري طبقو ۽ انتظاميه هن جي اثر هيٺ آهي. انهيءَ ڪري هو هر ڪنهن سان وڙهڻ جي پوزيشن ۾ آهي، هن چيو ته اخلاقي طور تي پاناما ڪيس تي وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهربي هئي، نواز شريف جي خاندان وٽ ڪيترن سوالن جا جواب نه آهن، پر جي آءِ ٽي عرب جي ريگستان مان سئي نٿي ڳولهي سگهي نه وري. بند ٿي ويل ڪمپنين جا تالا کولي ڪجهه هٿ ڪري سگهندي. هن چيو ته نواز شريف ڀلي ڪنهن کي به چونڊي اداري جو سربراهه بڻائي پر جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن پوزيشن تي هوندو آهي ته ان اداري جو ئي هوندو آهي، هاڻي ڪشمير جو مسئلو آزاد آهي. پاڪستان جي اثر رسوخ جي ضرورت نه آهي نه وري انهيءَ لاءِ جهادين کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. راحيل شريف جي عرب اتحاد جي سربراهه ٿيڻ سان پاڪستان نيو ٽرل ناهي رهيو. عزير بلوچ کي ايراني ايجنٽ چوڻ کانپوءِ ايران ناراض آهي، پهريون پاڪستان جو چين سان صرف دفاعي تعلق هو هاڻي واپاري تعلق پڻ آهي، چين طرف وڌيڪ جھڪاءُ سان جمهوريت ۽ وفاقيت ڪمزور ٿيندا. چين وارا هينئر ٽيڪنالاجي ۽ مزدور هر شيءِ پنهنجي ٿا آڻن، صوبن جو سڌو سنئون چين سان معاهدا ڪرڻ سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته هو پاڪستان جي سياسي صورتحال ۽ مستقبل مان بلڪل مايوس آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-05-28-21h36m02s779

عوامي آواز: نيوز بليٽن

*دنيا ۾ ڪرپٽ ماڻهو ڪڏهن به تبديلي نه آڻيندو آهي:خواجا سعد  رفيق *ڪالاباغ ڊيم ٺهي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي