25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آئون ڪڏهن به نه جهڪيو آهيان ۽ نه ئي وري وڪاميو آهيان: چوڌري نثار

Choudhary Nisarراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته آئون ڪڏهن به جهڪيو ناهيان، وڪامجو ناهيان، پنهنجي موقف تان هٽيو ناهيان ۽ سڄي زندگي ۾ ڪا به فيڪٽري نه کولي ۽ ئي ڪو پيٽرول پمپ کوليو. راولپنڊي جي علائقي چونترا ۾ پارٽي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته اٽڪ کان ڪراچي تائين ڪيترن ئي تڪن مان اليڪشن وڙهڻ جي دعوت ڏني وئي پر مون هميشه پنهنجي تڪ جي عزت جو خيال ڪيو. وفاقي گهرو وزير وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته 1985ع ۾ چونترا ۾ ڪٿي  به بجلي، پل ۽ واٽر سپلاءِ جو نظام نه هو. اسان چونترا ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ بجلي فراهم ڪئي،. جتي رڳو گڏهه هلندا هئا اتي روڊ ٺهرايا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے