24 منگل , اپریل 2018

صوفين جي سرتاج حضرت لال قلندر شهباز جو ميلو 18 مئي کان شروع ٿيندو، تياريون جاري

qalandrسيوهڻ( ويب ڊيسڪ ) صوفين جي سرتاج حضرت لال قلندر شهباز جو عرس 18 مئي کان شروع ٿيندو، جنهن لاءِ پانڌيئڙن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. قلندر لال شهباز جي 765  هين عرس جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. فيبروري مهيني دوران قلندر لال شهباز جي درگاهه تي ٿيل بم ڌماڪي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کانپوءِ انتظاميه پانڌيئڙن جي حياتيون بچائڻ لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي. پانڌيئڙن جي سڪيورٽي لاءِ رينجرز ۽ پوليس کانسواءِ سادن ڪپڙن ۾ سڪيورٽي اهلڪارن کي به مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  سيوهڻ ايندڙ پانڌيئڙن جي رهائش جو به انتظام ڪيو ويو آهي، ڀاڙي جي گهرن کانسواءِ درگاهه تي پڻ پانڌيئڙن کي رهائش جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ بجلي چوري: وزير اعظم جي بيان تي مصطفيٰ ڪمال جو رد عمل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سر زمين پارٽي جي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال وزير اعظم تي تقرير تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے