17 آچر , ڊسمبر 2017

اليڪشن ۾ رڳو 9 کان 8 مهينا آهن، جمهوريت جي خاطر آر او اليڪشن قبول ڪيو: آصف زرداري

ZArdariپشاور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي  شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت ٽن بارڊرن کي نه پئي سنڀالي سگهي، اليڪشن ۾ رڳو 9 کان 8 مهينا باقي آهن. آصف علي زرداري پشاور ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ ساڻن ڳالهيون ڪندي چيو ته جمهوريت جي خاطر آر او اليڪشن قبول ڪيو، غير جانبدار ۽ شفاف اليڪشن چاهيون ٿا. هن چيو ته قطر کان مهانگو گيس خريد ڪيو پيو وڃي. پاڪستان تي هن وقت مغل بادشاهه حڪومت ڪري رهيا آهن ۽ قرض مٿان قرض پيا وٺن ۽ ان جو حساب بادشاهه سلامت کان ضرور وٺنداسين.ايندڙ چونڊون اسان کي کٽڻيون آهن، غير جمهوري قوتن سان جنگ جاري رهندي. هن وڌيڪ چيو ته شفاف چونڊون نه ٿيون ته عدالت وينداسين، 3 ڏينهن لاءِ پشاور آيو آهيان پر 4 ڏينهن رهندس. ن ليگ جي نظر ۾ اسلام آباد مضبوط آهي ته ملڪ مضبوط آهي پاڪستان جمهوريت مان ٺهيو ۽ جمهوري رهندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان هميشه آمريت سان مقابلو ڪيو،  وارننگ ٿو ڏيان ته هن ڀيري ڪارڪن چونڊن دوران پولنگن ۾ ويهندا، اسان جي وقت ۾ سڀني سان سٺا لاڳاپا هئا، اڪانامي گهٽ کان گهٽ پئي ٿئي، اسان جي دور ۾ بجلي جي قيمت گهٽ هوندي هئي، عوام کي ٽيڪس ذريعي لٽيو پيو وڃي، ٺهيل روڊن تي پيسا خرچ ڪرڻ بدران فاٽا تي خرچ ڪيا وڃن، ڦاٽا ۾ ترقياتي ڪم ڪرايو وڃن جڏهن ته ن ليگ فاٽا بابت مخلص ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماءِ لارڊ ڇا توهان جو بابا واٽس ايپ ڪالز به ڪندو هو؟ مريم نواز جو ثاقب نثار جي تقرير تي طنزيه ٽويٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيف جسٽس آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے