17 اڱارو , آڪٽوبر 2017

تحريڪ انصاف جو لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان

PTIلاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي کان پوءِ تحريڪ انصاف به اڻ اعلانيل ۽ طويل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف به پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ طويل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو آغاز لاهور ۾ ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ لوڊشيڊنگ خلاف 23 مئي تي پنجاب اسيمبلي جي سامهون احتجاجي ڪيمپ لڳائيندي جڏهن ته ٻين شهرن ۾ به لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته احتجاجي تحريڪ جي قيادت مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمود الرشيد ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڌيڪ تيز ڳالهائڻ سان مصطفيٰ ڪمال ليڊر نه بڻجي ويندو: نثار کهڙو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته وڌيڪ تيز …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي